17 بدھ , اکتوبر 2018

ميانمار ۾ ظلم ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي: آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ميانمار ۾ روهنگيا مسلمانن خلاف پرتشدد ڪاررواين کي نسل ڪشي قرار ڏئي ڇڏيو آهي، ان قدم جو مقصد ميانمار جي فوج تي دٻاءُ وڌائڻ آهي ته جيئن اتي ان مسلم اقليت خلاف جاري ڪريڪ ڊائون روڪي سگهجي. آمريڪي پرڏيهي وزير ريڪس ٽلرسن موجب حقيقن جو انتهائي محتاط انداز سان جائزو ورتو ويو، جنهن مان پتو پيو آهي ته رياستي سطح تي روهنگيا برادري جي نسل ڪشي جو سلسلو جاري آهي. آمريڪي  پرڏيهي وزير جو اهو به چوڻ هو ته ان ظلم جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ ضروري آهي. ميانمار ۾ پرتشدد ڪاررواين کان فرار ٿي 6 لک کان وڌيڪ روهنگيا مهاجر بنگلاديش پهچي ويا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

صبح جو انگريزي ۽ شام جو جرمن ٻولي ڳالهائڻ جي انوکي بيماري ۾ مبتلا عورت

لنڊن(ويب ڊيسڪ) ڪڏهن ڪڏهن انسان اهڙين بيمارين ۾ وٺجي ويندو آهي جنهن کي ٻڌي رڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے