20 ہفتہ , اکتوبر 2018

ڪرن جوهر چنڪي پانڊي جي ڌيءُ کي متعارف ڪرائيندو

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ فلمساز ڪرن جوهر فلم ”اسٽوڊنٽ آف دي ايئر 2“ ۾ ٽائيگر شروف سان گڏ چنڪي پانڊي جي ڌيءُ عنائيا پانڊي کي متعارف ڪرائيندو. ڀارتي ميڊيا موجب 2012ع ۾ ريليز ٿيل فلم ‘‘اسٽوڊنٽ آف دي ايئر’’ ۾ ڪرن جوهر ٽي نوان چهرا متعارف ڪرايا هئا، جن ۾ ورون ڌون، سڌارت ملهوترا ۽ عاليا ڀٽ پهريون ڀيرو فلمي دنيا ۾ قدم رکي پنهنجو فلمي ڪيريئر شروع ڪيو هو، فلم ڏسندڙن کي تمام پسند آهي، مداحن جي پسند کي نظر ۾ رکندي فلم پروڊيوسر ڪرن جوهر پاران فلم ‘‘اسٽوڊنٽ آف دي ايئر’’ جو سيڪوئل ٺاهڻ جون اعلان ڪيو آهي. ڪرن جوهر ويجهر ۾  ئي سماجي رابطي واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي فلم ”اسٽوڊنٽ آف دي ايئر 2“ جو پهريون پوسٽر جاري ڪيو هو جنهن ۾ ٽائيگر شروف هڪ ڪاليج بواءِ جي روپ ۾ نظر اچي رهيو آهي. پوسٽر کي مداحن پاران گهڻو پسند ڪيو ويو هو، فلم ۾ مک اداڪار جي ڪردار لاءِ ٽائيگر شروف کي چونڊيو ويو آهي پر ذريعن مطابق ويجهر ۾ ئي ڪرن جوهر اعلان ڪيو آهي ته هو فلم ۾ مک اداڪارا جي ڪردار لاءِ چنڪي پانڊي جي ڌيءُ عنائيا پانڊي کي متعارف ڪرائيندو. فلم جو هدايتڪار مونيت دي ملهوترا آهي. فلم پروڊيوسر مطابق فلم جي شوٽنگ جلد ئي شروع ڪئي ويندي جڏهن ته  فلم ايندڙ سال نمائش لاءِ پيش ڪئي ويندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Pikaraara, accused of sexual harassment by Elizabeth Nourazi, on Bollywood actor Vipul Shah

اداڪارا ايلناز نوروزي پاران بالي ووڊ هدايتڪار ويپول شاهه تي جنسي هرساني جو الزام

ممبئي (شوبز نيوز ) پاڪستاني فلم ”مان جائو نا“ کان ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ ايراني …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے