12 بدھ , دسمبر 2018

اسپين ۾ هڪ پارڪ ملالا يوسفزئي جي نالي سان منسوب

لنڊن ( ويب ڊيسڪ ) اسپين جي اترين الهين علائقي ڪيوبيلوس ڊيل سل جي هڪ پارڪ کي نوبل انعام حاصل ڪندڙ ملالا يوسفزئي جي نالي سان منسوب ڪيو ويو آهي. اسپين جي نيوز ويب سائيٽ بيئززو ٽي وي جي هڪ ويب سائيٽ موجب اهڙي قدم جي شروعات 2 سال اڳ ڪئي وئي، جڏهن اسڪول جي 12 ورهين جي شاگردياڻي عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان هڪ سرگرمي ۾ حصو ورتو. رپورٽ موجب سرگرمي دوران ٻارڙن محسوس ڪيو ته علائقي ۾ ڪنهن عورت جي نالي ڪو به روڊ مخصوص ناهي جنهن بعد اسڪول سٽي ڪائونسل کي ان حوالي سان لکيو ۽ مطالبو ڪيو ته ڪنهن عورت جي نالي سان جاءِ مخصوص ڪئي وڃي. ڪائونسل ٻارڙن کي هڪ مخصوص جاءِ ڏني ۽ کانئن پڇا ڪئي ته هو ڪهڙي نالي سان ان کي منسوب ڪرڻ چاهين ٿا جنهن تي هنن پارڪ کي ملالا يوسفزئي جي نالي سان منسوب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.  علائقي جي ميئر اينٽونيو ڪيولا به پارڪ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ميئر چيو ته هي تمام گهڻي مناسب جاءِ آهي جتي ٻارڙن کي راند ۽ تفريح جا موقعا فراهم ٿيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ڄائو ساجد جاويد ٿريسامي جي مقابلي ۾ برطانوي وزير اعظم جي ڊوڙ ۾ شامل

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي وزير اعظم ٿريسامي کي بريگزٽ ڊيل جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے