23 منگل , اکتوبر 2018

ڀارتي فوج جو آفيسر صحافيءَ کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پوليس صحافي جي قتل جي الزام هيٺ ڀارتي فوج جي هڪ آفيسر کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جڏهن ته سندس خلاف فراڊ جي الزامن جي جاچ به شروع ڪئي وئي آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڀارت جي اوڀر رياست تري پورا ۾ رپورٽر سدپ دتا کي قتل ڪيو ويو هو، جيڪو هڪ خبر جي جاچ لاءِ رياست جي پيرا ملٽري بيس ويو هو. مقامي پوليس موجب صحافي جي قتل جي الزام هيٺ ڀارتي فوج جي هڪ ڪمانڊنٽ آفيسر ٽاپن ديبرما کي گرفتار ڪيو ويو آهي، مٿس الزام آهي ته هن پنهنجي محافظ کي بنگالي اخبار جي رپورٽر کي فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڄاڻايل فوجي کي گرفتار ڪري مئجسٽريٽ اڳيان پيش ڪيو ويو آهي، جيڪو 10 ڏينهن لاءِ رمانڊ تي پوليس جي حراست ۾ آهي، جڏهن ته فوجي آفيسر جي محافظ نند وريانگ کي اڳ ئي گرفتار ڪيو ويو هو. بنگالي اخبار سياندن پتريڪا جي ايڊيٽر چيو آهي ته رپورٽر کي هڪ آرٽيڪل لکڻ تي قتل ڪيو ويو آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان جي سعودي بادشاهه سلمان سان ملاقات

رياض ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي بادشاهه شاهه سلمان بن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے