23 منگل , اکتوبر 2018

ڀارت ۾ هندو انتهاپسندن 3 عالمن کي هلندڙ ريل مان ٻاهر اڇلي ڇڏيو

آگره(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ هندو انتهاپسندن 3 عالمن کي تشدد جو نشانو بڻائڻ کان پوءِ هلندڙ ريل مان ٻاهر اڇلي ڇڏيو. ڀارتي ميڊيا موجب گلزار، ابوبڪر ۽ اسرار نالي 3 عالم ريل ذريعي نئين دهلي کان ڀارتي رياست اتر پرديش ۾ پنهنجي اباڻي علائقي باغ پت وڃي رهيا هيا. ٽرين ۾ ساڻن گڏ سوار هندو انتهاپسندن کين سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ پوءِ هلندڙ ريل مان ٻاهر اڇلي ڇڏيو. واقعي کان پوءِ احمديه پوليس اسٽيشن ۾ ڪيس داخل ڪرايو ويو.  ايس ايس پي جي پرڪاش سنگهه جو چوڻ آهي ته درخواست جي روشني ۾ 6 اڻڄاتل ماڻهن خلاف تعزيرات هند جي قلم 147، 323 ۽ 352 جي تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ اهو ڪيس ريلوي پوليس ڏانهن منتقل ڪيو ويندو جڏهن ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي جلد ئي گرفتار ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The United States and Turkey agree to reveal the real facts of the assassination of Jamal Khashikis

آمريڪا ۽ ترڪي جو جمال خاشقجي جي قتل جون اصل حقيقتون سامهون آڻڻ تي اتفاق

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ترڪ هم منصب رجب طيب اردگان جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے