20 ہفتہ , اکتوبر 2018

عوامي آواز رپورٽ: ڪنب ڀرسان چنگچي رڪشه ڪلٽي 6 عورتون زخمي، ٽن جي حالت نازڪ اسپتال داخل

ڪنب ڀرسان چنگچي رڪشه ڪلٽي 6 عورتون زخمي، ٽن جي حالت نازڪ اسپتال داخل………

پيش آهي همت علي تمراڻي……….

ڪنب ٿاڻي جي حد پراڻو قومي شاهراھ تي ميرواھ پل لڳ چنگچي رڪشه جو ٽائر بسٽ ٿيڻ ڪري چنگچي رڪشه ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ هڪئي خاندان جون 6 عورتون مسمات نجيبابه زال لکمير ڪلهوڙو، بستان زال حاجي خان، شريفه زال ملوڪ، اميده زال غلام مصطفى، نذيها ڌي واجب، ملوڪه ڌي ملوڪ ڪلهوڙو زخمي ٿي پيون،

زخمي عورتن مان 3 جي حالت نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي زخمي عورتون ڳوٺ پڪي کوهيءَ تعلقه گمبٽ جون رهواسي ٻڌايون وڃن ٿيون،

جڏهن ته زخمي عورتن کي تعلقه اسپتال ڪوٽڏيجي پهچايو ويو،

چيو وڃي ٿو ته حادثي ۾ زخمي ٿيل خاندان جون عورتون زيارت لاءِ درگاھ اڀن علي شاھ تي وڃي رهيون هيون ته حادثو پيش آيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | نوابشاهه ۾ سماجي تنظيم هوشيا شاگردن کي ڇو گهرايو ؟ ايوارڊ ڪنهن لاءِ آندا ويا ، ڏسي ٿي ويندي لاجواب ؟؟

نوابشاهه ۾ المصطفيٰ ويلفيئر ٽرسٽ تقريب ڪوٺائي اي ون گريڊ ماڻيندڙ شاگردن توڙي شاگردن کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے