24 بدھ , اکتوبر 2018

هرڀجن سنگهه ”اولڊ ڊاگ“ چوڻ تان مڇرجي پيو

نئين دهلي (اسپورٽس نيوز) ڀارتي آف اسپنر ٽوئٽر تي واهپيدار مٿان مڇرجي پيو. نوئيل سمٿ نالي هڪ شخص هرڀجن سنگهه کي چيو ته اوهان جو سٺو وقت گذري چڪو ۽ ان ڳالهه کي تسليم ڪندي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان عزت سان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي ٻين ساٿين جيان پاڻ کي بيوقوف نه بڻايو ڇو ته ”اولڊ ڊاگ“ کي نوان طريقا نٿا سيکاري سگهجن. هرڀجن سنگهه اهڙو ٽوئيٽ پڙهي نوئيل سمٿ مٿان مڇرجي پيو ۽ جواب ۾ ٽوئيٽ ڪيائين ته ”اوهان جهڙا پوڙها ڪتا صرف ڀونڪي ئي سگهن ٿا ۽ ايئن جاري رکو، منهنجي خيال ۾ اوهان سموري زندگي شايد صرف ڀوڪڻ ئي سکيو آهي، اوهان پهريان ئي جنگ هارائي ويٺا آهيو ڇو ته اوهان نيون شيون سکڻ ڇڏي ڏنيون آهن، اسان وڌيڪ سکڻ چاهيون ٿا، تنهن ڪري ٻين کي پنهنجي طريقي سان نه سيکاريو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرفراز جي فٽنيس ۾ سڌارو، ڪينگروز خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏڻ لاءِ پراميد

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد جي فٽنيس ۾ بهتري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے