24 بدھ , اکتوبر 2018

جنيد جمشيد جي زندگي تي ٺهندڙ فلم پهرين ڊسمبر تي رليز ٿيندي

ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور نعت خوان ۽ گلوڪار جنيد جمشيد جي 30 سالن جي ڪيريئر تي ٻڌل دستاويزي شارٽ فلم ‘‘آنسو’’ پهرين ڊسمبر تي رليز ڪئي ويندي. مذڪورا فلم ۾ جنيد جمشيد جي شخصيت جي پوشيدا عملن کي اجاڳر ڪيو ويو آهي جيڪي ان کان اڳ منظر تي ناهن اچي سگهيا، فلم ۾ جنيد جي لاڏاڻي کان اڳ سلمان احمد سان ٿيندڙ دلچسپ ڳالهه ٻولهه شامل آهي، ان کان علاوا 7 ڊسمبر 2016 تي سندس فوتگي کان اڳ جهاز ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه به شامل آهي. ان فلم ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جنيد جمشيد پنهنجي زندگي ۾ ‘‘آنسو’’ نالي هڪ سپيل پراجيڪٽ تيار ڪرڻ چاهيو پئي جنهن جو مرڪزي خيال مشهور صوفي شاعر بُلي شاهه جي نظم ‘‘ڪدي آ مل يار پياريا’’ تي ٻڌل هو، پر سندس زندگي کيس ايتري مهلت نه ڏني جو هو ان پراجيڪٽ کي مڪمل ڪري سگهي، ان ڊاڪيومينٽري ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته جنيد جمشيد دنيا کي ڪهڙي معيار سان ڏسندو هو ۽ سندس فڪر ڪهڙي هئي، هو پنهنجي دوستن، خاندان جي فردن ۽ پنهنجي وطن پاڪستان سان ڪهڙي طرح محبت ڪندو هو. ان فلم جو پروڊيوسر ۽ هدايتڪار پاڪستان ڄاول آمريڪي شهري عمران احمد خان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Better choice of words next time Ms Minister, Ahad Raza Mir hits back at Mazari

”ڪوڪو ڪورنيا“ تي تنقيد: سجل علي، احمد رضا مير جي حمايت ۾ ميدان تي اچي وئي

ڪراچي (شوبز نيوز ) ڪوڪو اسٽوڊيو جي 11 هين سيزن ۾ ” ڪوڪو ڪورينا“ گيت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے