22 پیر , اکتوبر 2018

تعليم تباهه ڪرڻ لاءِ 28 هزار ڪوڙيون نوڪريون ۽ تدارڪ

سنڌ جي تعليم کاتي جي وزير ڊاڪٽر ڄام مهتاب حسين ڏهر کي لک شابسون هجن جنهن بنا رک رکاءَ جي، بنا ڪنهن وڌاءَ جي هڪ اهم ڳالهه صاف نموني چئي ڇڏي آهي ته سال 2012ع ۾ تعليم کاتي ۾ جيڪي 28000 ڀرتيون ڪيون ويون سي سڀ ڪوڙ تي ٻڌل آهن، اهي سڀ ڀرتيون ماڻهن کان رقمون وٺي ڪيون ويون، آرڊر به ڪوڙا هيا ته نوڪريون به جعلي هيون ڇو ته کاتي ۾ نه گنجائش هئي ۽ نه وري سرڪار اهڙين ڀرتين جو ڪو فيصلو ڪيو هو.

ڪالهه، پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ سنڌ جي تعليم واري وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر پنهنجي ئي پارٽي جي دور ۾ ڪوڙين ڀرتين جي تصديق ڪري ڇڏي.  ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندڙ استادن جعلي آهن، 2012ع ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ پيسا وٺي کين ڀرتي ڪيو ويو. هن چيو ته اهڙن اهڙن استادن کي ڀرتي ڪيو ويو جيڪي عربي ٻولي کان ناواقف آهن، پيسا وٺي ڀرتيون ڪيون ويون جڏهن ته جايون موجود ئي نه هيون. پگهارن جي عدم ادائيگي تي استاد سنڌ اسيمبلي جي دروازي ٻاهران احتجاج ڪري رهيا آهن جنهن جي ڪري ڀرپاسي وارن روڊن تي سخت ٽريفڪ جام آهي. احتجاج ڪندڙ استادن جو موقف آهي ته کين 2012ع ۾ ڀرتي ڪيو ويو ۽ ان کان پوءِ پگهارون ئي نه ڏنيون ويون. استادن جو چوڻ آهي ته سيڪريٽري اسڪولز 2 مهينن جون پگهارون جاري ڪرڻ جو يقين ڏياريو تنهن هوندي هن وقت تائين پگهارون ناهن ڏنيون ويون.

28 هزار استادن ۾ 12 هزار ڪراچي ڊويزن مان ۽ 16 هزار استاد باقي علائقن مان ڀرتي ڪيا ويا هئا. انهن ۾ ڪراچي شهر ۾ سنڌي ٻولي جي سکيا وڌائڻ لاءِ ڀرتي ٿيل اهي 1000 استاد به شامل آهن، جن کي (ايس ايل ٽي) يا سنڌي لئنگوئيج ٽيچرس سڏيو وڃي ٿو. اهي سمورا استاد سنڌي ٻولي ڄاڻيندڙ ئي ڀرتي ٿي سگهن ٿا جيڪي ٻين ٻولين جي شاگردن کي هن ڌرتيءَ جي ٻولي سيکاري سگهن. پر، انهن ايس ايل ٽي ۾ اهي استاد به کنيا ويا جيڪي سنڌي ٻولي نه پڙهي پئي سگهيا ۽ نه ڳالهائي پئي سگهيا.

تعليم کاتي ۾ ڪرپشن جي ڪري نه رڳو کاتي جي بدناموسي وڌي آهي پر سنڌ جي سموري عوام ۽ تعليم جي حامي قوتن ۾ مايوسي پيدا ٿي آهي. ان سموري گند کي صاف به سرڪار ۽ تعليم کاتي کي ڪرڻو آهي ۽ ان باري ۾ پنهنجي سياسي عزم وسيلي ان سموري ڪرپشن جي وارتا کي عوام آڏو ظاهر ڪرڻو آهي. ان جو ٻيون حصو اهو آهي ته ڪرپشن کي قبول ڪرڻ ۽ جيڪي ڪجهه کاتي ۾ ٿيو آهي ان تي ماٺ رهي ڪرپشن جي سموري ڪم کي چڱو ڪم چوڻ آهي. اهو پاڪستان پيپلزپارٽي کي هڪ ڀيرو فيصلو ڪرڻو آهي ۽ انهن سمورن مبينه طور پئسن تي ڀرتي ٿيل استادن جي باري ۾ فيصلو ڪرڻو آهي ته انهن جو ڇا ٿيڻ گهرجي.

تاريخي طور سنڌ ۾ پرائمري سطح کان تعليم جي تباهي جا تازا بنياد جنرل ضيا جي آمريت کان پوءِ تيزيءَ سان وڌڻ شروع ٿيا. ان جو هڪ سبب اهو هو ته سنڌ ۾ جنرل ضيا جي آمريت خلاف جيڪا ايم آر ڊي جي شاندار ۽ بي مثال جدوجهد جو ٿيڻ به هيو جنهن کي جڙ ۽ پاڙ کان ڪپڻ ۽ ڪاٽڻ لاءِ سنڌ ۾ تعليم جو ٻيڙو ٻوڙڻ لازمي ڪم هيو جيڪو ان دور کان پوءِ هر سرڪار انتهائي قاعدي سان پئي ڪيو آهي.

جيڪي 28 هزار جعلي استاد ڀرتي ٿيا آهن ان لاءِ ڪي بنيادي ڪم ڪرڻ هاڻي لازمي ٿي پيو آهي. اهي سمورا ماڻهو جيڪي رقمون ڏئي انهن نوڪرين جا آرڊر حاصل ڪري ويٺا آهن ۽ جن آفيسرن مختلف ضلعن ۾ اهي رقمون ورتيون آهن انهن سڀني تي نه رڳو ڪيس داخل ڪيا وڃن پر انهن کي ان ڏوهه جي الزام ۾ گرفتار ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ آفيسر يا عملدار يا ذميدار ڪير به هجن انهن کي سنڌ جي تعليم جي تباهيءَ جي قومي ڏوهه ۾ سخت سزائون ڏياريون وڃن.

اهي سمورا 28 هزار ماڻهو جيڪي استادن جي آرڊر تي فراڊ سان ڀرتي ڪيا ويا، جن کان لکين رپيا وٺي انهن جي ڀرم جو ستياناس ڪيو ويو، تن لاءِ پڻ ضروري آهي ته اهي ان فراڊي چرخي تي نوڪرين جي حاصلات بدران ٻين نوڪرين يا ٻين هنرن جي باري ۾ سوچڻ شروع ڪن. اهڙي ماحول ۾ جتي سنڌ سرڪار وٽ نوڪريون آهن ئي ڪونه ته کين نوڪريون ڪٿان ملنديون يا ڪنهن آفيسر جي ڪيل ڪوڙي وعدي تي انهن کي پگهارون ڪير ڏيندو؟

سنڌ جو تعليم کاتو ان سلسلي ۾ اهو پڻ ڪري سگهي ٿو ته ويجهي ماضيءَ ۾ جنهن قابليت ٽيسٽ جي بنياد تي 12 هزار استاد جائز نموني ڀرتي ڪيا ويا هئا، جن ڀرتين جو سڄي سنڌ ۾ تعليم ۽ تعليم کاتي لاءِ بهترين تاثر اڀريو هو. ان ئي فارمولا هيٺ، انهن 28 هزار استادن مان جيڪي به اهل هجن، جيڪي به پڙهائي سگهن ۽ جيڪي به سنڌ ۾ تعليم جي شعبي کي مضبوط ڪري سگهن، تن کي پڻ انهن آزمائشن مان پار ڪري پوءِ نوڪريون ڏيڻ تي پڻ غور ڪيو وڇي. ساڳئي نموني هڪ ٽيم هئڻ گهرجي جيڪي انهن استادن کي ساڻن ٿيل فراڊ ۽ دوکي جي باري ۾ ٻڌائي سگهن ۽ انهن جي نوڪرين جي صورتحال بابت سمورا وارتا کان کين واقف ڪري سگهن.

جمعو 24 نومبر 2017ع، 5 ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

فيصل واوڊا جو غير ذميواراڻو بيان

تحريڪ انصاف جي حڪومت هاڻي ٽئين مهيني ۾ داخل چُڪي آهي، گذريل ٻن مهينن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے