15 ہفتہ , دسمبر 2018

پيپلز پارٽي هاڻي نواز شريف جي ڪنهن به صورت ۾ مدد نه ڪندي: اعتزاز

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن چيو آهي ته تڪبندين جي ترميم جو نواز شريف جي ذات سان ڪو به تعلق ناهي، پ پ تڪبندين لاءِ حڪومت سان اتفاق ڪري سگهي ٿي. هڪ انٽرويو ۾ چوڌري اعتزاز احسن چيو ته نواز شريف آصف علي زرداريءَ سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪئي، خورشيد شاهه ذريعي رابطن جا در کليل آهن، ماضي ۾ به پ پ نواز شريف کي بچايو ان بعد هن اسان سان ڇا ڪيو؟ نواز شريف هاڻي اسان جي مدد جي اميد نه ڪري. هن چيو ته رابطن جو نتيجو اهو نڪرندو ته اسان پارٽي پاليسي موجب هلنداسين، پارٽي پاليسي جي هرگز ڀڃڪڙي نه ڪئي ويندي، پارليامينٽ ۾ مخالف ڌر ڪرسيون کڻي نه هڻندي آهي، خورشيد شاهه پارٽي پاليسيءَ تي سوديبازي نه ڪندو. هن چيو ته خدشو آهي ته نواز شريف اشارو ملندي ئي سڀ ڪجهه ڇڏي پرڏيهه هليو ويندو، سندس نظريو ڪمزور کي دٻائڻ ۽ طاقتور کان دٻجڻ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شهباز شريف کي پي اي سي چيئرمين بڻائڻ سٺو پيغام نه ڏنو ويو آهي: شيخ رشيد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ريلوي کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے