20 ہفتہ , اکتوبر 2018

پنجاب اسيمبلي ۾ ختم نبوت جي عقيدي کي نصاب جو حصو بڻائڻ وارو ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) ختم نبوت واري عقيدي کي نصاب جو حصو بڻائڻ لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ متفق طور تي منظور ڪيو ويو آهي. تفصيل موجب پنجاب اسيمبلي ۾ ختم نبوت واري عقيدي کي نصاب جو حصو بڻائڻ وارو ٺهراءُ متفق طور تي منظور ڪيو ويو آهي. ٺهراءُ حڪومتي ميمبر وحيد گل پيش ڪيو جنهن جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ختم نبوت واري عقيدي جو دفاع اسان جي ايمان جو حصو آهي ۽ پاڪستان جي آئين ان عقيدي کي مڪمل تحفظ ڏنو آهي. ٺهراءَ جي متن ۾ لکيل آهي ته مسلمان شاگرد ۽ شاگردياڻين لاءِ ختم نبوت جي عقيدي جو مضمون لازمي ڏنو وڃي ۽ صوبائي ۽ وفاقي حڪومت ان حوالي سان فوري طور بندوبست ڪن. ٻئي پاسي پنجاب اسيمبلي ۾ حڪومتي ۽ مخالف ڌر پارٽين جي ميمبرن متفق طور تي بليڪ فراءِ ڊي جي بچت بازارن خلاف سخت احتجاج ڪيو، پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ميان محمود الرشيد جو چوڻ هو ته جمعي جو ڏينهن مسلمانن لاءِ مقصد آهي ان ڪري بليڪ فراءِ ڊي تي پابندي لاڳو ڪري ان ايونٽ کي ملهائڻ وارن کي ڏوهاري تصور ڪندي ڪارروائي ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀاشا ڊيم قومي معاملو آهي، ڪالا باغ جيان سياست جي ور چڙهڻ نه ڏبو: حمزه شهباز

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ حمزه شهباز شريف چيو آهي ته ديامر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے