24 بدھ , اکتوبر 2018

نواز شريف لنڊن وڃي ويٺو ته جمهوري طاقتن جو بسترو گول ٿي ويندو: جاويد هاشمي

جهانيان( ويب ڊيسڪ ) سينئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته نواز شريف کي لنڊن وڃڻ بدران ملڪ ۾ ئي رهڻ گهرجي جنهن سان جمهوري طاقتن کي هٿي ملندي. جهانيان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جاويد هاشمي چيو ته جمهوريت مذهب ناهي پر موجوده اسيمبلين لاءِ مضبوط جمهوريت ضروري آهي، موجوده اسيمبليون مدو پورو ڪنديون ۽ چونڊون وقت تي ٿينديون. هن چيو ته نواز شريف کي عوام ۾ رهي ڪري پنهنجو ڪيس وڙهڻ گهرجي ۽ کيس جيل وڃڻ لاءِ به تيار رهڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته نواز شريف لنڊن وڃي ويهي رهيو ته جمهوري طاقتن جو بسترو گول ٿي ويندو. جاويد هاشمي چيو ته جمهوريت جيتوڻيڪ مذهب ناهي پر ان کي ثابي مذهب جو درجو به ڏئي سگهجي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نهال هاشمي جي بيان خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ نهال هاشمي جي پاڪ فوج خلاف بيان تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے