20 ہفتہ , اکتوبر 2018

عوامي آواز نيوز | برطانيا جي گهرو وزارت پاران نيب جي حسين نواز ڪيس ۾ سهڪار واري درخواست منظور

برطانيا جي گهرو وزارت نيب جي حسين نوازجي ڪيس ۾ قانوني سهڪار ڏيڻ واري درخواست منظور ڪري ورتي آهي.

 دي نيوز جي ايڊيٽر انويسٽي گيشن انصار عباسي جي رپورٽ موجب برطانوي اختيارين حسين واز جو ڪيس پهرين ئي پنهنجي نينشل ڪرائم ايجمسي جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي جيئن پاڪستان طرفان ڪيل درخواست موجب قانوني سهڪار جو سلسلو شروع ڪري سگهجي.

نيب اهڙي ئي قسم جي درخواست نواز شريف جي ننڍي پٽ حسن نواز جي معاملي ۾ به ڪري رکي آهي تنهن هوندي برطانوي اختيارين في الحال ان جو جواب ناهي ڏنو جنهن جي ڪري بظاهر حسن نواز جي برطانوي شهريت ٿي سگهي ٿي. باخبر ذريعن ٻڌايو ته برطانيا طرفان اهو مثبت رد عمل برطانيا جي اهم سرڪاري شخصيت جي پاڪستان جي دوري جي نتيجي ۾ سامهون آيو تنهن هوندي ان شخصيت جو نيب سان تعلق ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي قتل جي سازش ڪٿي ٿي؟ غنويٰ ڀٽو ڪيا اهم انڪشاف!! ڄاڻڻ لاءِ تفصيل ڏسو ؟

پ پ شهيد ڀٽو جي چيئر پرسن غنويٰ ڀٽو چيو آهي ته بينظير ڀٽو جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے