20 ہفتہ , اکتوبر 2018

عوامي آواز نيوز | آصف زرداري ۽ بلاول، نواز شريف کي طعنا ڏيڻ بند ڪن: خواجا آصف

 پرڏيهي وزير خواجا آصف جو چيو  آهي ته زرداري صاحب ۽ سندس لاڏلو پٽ بلاول ڀٽو زرداري، اڳوڻي وزير اعظم کي طعنا نه ڏين.  خواجا آصف اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي صدر ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي مفاهمت کان انڪار ۽ نواز شريف تي تنقيد کان پوءِ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽر ڪيو. پرڏيهي وزير پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته اسان جواب ڏنو ته سياسي برادري کي نقصان رسندو، مهرباني ڪيو ۽ اسان کي خاموش رهڻ ڏيو. خواجا آصف چيو ته اسان جو ضمير به اجازت نٿو ڏئي، زرداري صاحب متحرم دانشور آهي، اشارا سمجهي ٿو، خدا کيس خوش

رکي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | نوابشاهه ۾ سماجي تنظيم هوشيا شاگردن کي ڇو گهرايو ؟ ايوارڊ ڪنهن لاءِ آندا ويا ، ڏسي ٿي ويندي لاجواب ؟؟

نوابشاهه ۾ المصطفيٰ ويلفيئر ٽرسٽ تقريب ڪوٺائي اي ون گريڊ ماڻيندڙ شاگردن توڙي شاگردن کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے