21 اتوار , اکتوبر 2018

پاڪستان جي بهادر نياڻي مريم مختيار جي شهادت کي اڄ 2 سال پورا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي بهادر نياڻي ۽ پاڪ هوائي فوج جي پائلٽ آفيسر مريم مختيار جي شهادت کي اڄ 2 سال پورا ٿي ويا پر وطن لاءِ سندس قرباني کي هميشه ياد رکيو ويندو. مريم مختيار 2014ع ۾ پاڪ هوائي فوج سان بطور فائيٽر پائلٽ طور سلهاڙي، جنهن کان پوءِ هوءَ ويڙهاڪ اڏامون اڏائڻ جون مشقون ڪرڻ لڳي. 24 نومبر 2015ع تي پائلٽ آفيسر مريم مختيار پنهنجن فرضن دوران معمول جي پرواز تي هئي ته اڏام جي انجڻ ۾ باهه لڳي پئي ۽ هو ان حادثي ۾ شهيد ٿي وئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي شهيد پائلٽ آفيسر مريم مختيار جي والد جو چوڻ هو ته هن هڪ مرحلي ۾ مريم کي سمجهايو ته توهان سلو فلائنگ يا گرائونڊ تي اچو پر مريم جو عزم رڳو فائٽر پائلٽ بڻجڻ هو ۽ هوءَ ان ۾ ڪامياب ٿي، جنهن کيس بيحد فخر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪراچي جي اين اي 247 ۽ پي ايس 111 تي ننڍي چونڊ سڀاڻي ٿيندي

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 247 ۽ پي ايس 111 …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے