18 اتوار , نومبر 2018

ٽي_20 ورلڊڪپ ۾ شرڪت نه ڪريون ها ته عجيب لڳي ها: وقار يونس

download (6)لاهور(ڳ آ نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقار يونس چيو آهي ته ٽيم ڀارت وڃي رهي آهي، اها سٺي خبر آهي. ورلڊڪپ ۾ شرڪت نه ڪرڻ عجيب هجي ها. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وقار يونس چيو ته ٽيم کي ڀارت وڃڻ جي اجازت ملڻ سٺي ڳالهه آهي. بهتر کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪنداسين. هن چيو ته ايشيا ڪپ سٺو نه کيڏياسين، ورلڊ ڪپ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکارينداسين. پي سي بي چيئرمين رانديگرن جو حوصلو وڌايو آهي. هن چيو ته وڏي ٽورنامينٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکارڻي آهي.ڪاميابي لاءِ پرعزم آهيون. وقار يونس وڌيڪ چيو ته 99ع ۾ ڀارت وياسين، تڏهن ان کان به وڌيڪ حالتون خراب هيون. هن چيو ته ڪلڪتي ۾ صورتحال مختلف هوندي آهي، ان ڪري اميد آهي ته ٽيم سٺي راند پيش ڪندي. هن چيو ته رانديگر ٽورنامينٽ جي اهميت کان چڱي ريت واقف آهن. ڪلڪتا ۾ اسان جو ون ڊي رڪارڊ سٺو رهيو آهي، پهريون ڀيرو اتي ٽي_20 کيڏنداسين. رڳو ڪپتان ئي نه پر مڊل آرڊر به سٺي راند نه پيو کيڏي. ٽيم جي ناڪامين جي ذميواري ڪپتان تي ڏيڻ ٺيڪ ناهي.37

هي به ڏسي سگهو ٿا

India vs Ireland, Highlights ICC Women's World T20: India Beat Ireland To Reach Semi-Finals

وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي: آسٽريليا جو ڀارت ۽ نيوزيلينڊ جو آئرلينڊ سان مقابلو

 پروويڊنس (ويب ڊيسڪ )  آءِ سي سي وومينز ورلڊ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ڪپ ۾ اڄ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے