23 منگل , اکتوبر 2018

وزيراعظم جي هدايتن تي چئنلن جي نشريات بحال ڪئي وئي آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم جي هدايتن تي نيوز چئنلن جي نشريات بحال ڪئي وئي آهي. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب جو چوڻ هو ته حڪومت اظهار جي آزادي تي يقين رکي ٿي، چئنلن تي پابندي امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي لڳائي وئي هئي، چئنلن تي پابندي جو مقصد ملڪي سلامتي ۽ افراتفري کان بچاءُ هو. واضح رهي ته ڪالهه فيض آباد ۾ انتظاميا طرفان ڌرڻو هڻندڙن خلاف شروع ڪيل آپريشن کان پوءِ پاڪستان ۾ نيوز چئنلن کي آف ايئر ڪيو ويو هو، اليڪٽرانڪ ميڊيا سان گڏوگڏ سوشل ميڊيا تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي، جيڪا اڃا تائين برقرار آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

جعلي اڪائونٽس: مني لانڊرنگ ڪيس جو ماسٽر مائينڊ اسلم مسعود جدي مان گرفتار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ايف آءِ اي جعلي اڪائونٽس ۽ مني لانڊرنگ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے