12 بدھ , دسمبر 2018

پي ٽي اي سوشل ميڊيا سائيٽون بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي سڄي ملڪ ۾ سوشل ميڊيا سائيٽن جي بحاليءَ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن اسلام آباد ۾ مذهبي جماعت تي پوليس ۽ ايف سي جي آپريشن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ سوشل توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پابندي لڳائي وئي هئي. پي ٽي اي 24 ڪلاڪن کانپوءِ وڌيڪ پابندي بعد سڄي ملڪ ۾ سوشل ميڊيا سائيٽن جي بحاليءَ جو حڪم ڏنو آهي. پي ٽي اي ترجمان موجب سڄي ملڪ ۾ سوشل ميڊيا سائيٽن جي بحالي ڪئي پئي وڃي، جنهن ۾ فيس بُڪ، ٽوئيٽر، انسٽاگرام، يو ٽيوب ۽ ٻيون سائيٽون شامل آهن. واضح رهي ته سڌ سماءَ ۽ نشريات واري وزارت طرفان اليڪٽرانڪ ميڊيا جي بندش ختم ڪرڻ واري حڪم کانپوءِ نيوز چئنلن جي نشريات به بحال ٿي وئي آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

مٺي: چيف جسٽس چيو گڏ هلو انهي ڪري ساڻس گڏ ٿر آيو آهيان:سيد مراد علي شاهه

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے