16 اتوار , دسمبر 2018

جيڪب آباد: ٻار کنڊر نما عمارت ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور

جيڪب آباد(ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪوتم طرفان تعليم کاتي ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ باوجود جيڪب آباد ضلعي جي ٻهراڙي جي ڳوٺ لکمير خاراڻي ۾ ٻار کنڊر نما عمارت ۾ تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آهن. جيڪب آباد جي ڳوٺ لکمير خاراڻي ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول جي ٻن ڪمرن تي ٻڌل عمارت ورهين کان زبون حالي جو شڪار آهي. بنياد سهولتن کان محروم اسڪول ۾ استاد ٻارن کي پٽ تي ويهاري تعليم ڏئي رهيا آهن. تعليم کاتي جي بي حسي جي ڪري شاگرد سخت ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. اسڪول جي هيڊ ماستر جو چوڻ آهي ته هو ڪيترين ئي ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڇو ته هتي فرنيچر آهي ۽ نه ئي ڪرسيون، جڏهن ته اسڪول جي چئو ديواري سميت دروازا ۽ کڙڪيون به غائب آهن. ٻئي پاسي شاگرد به اسڪول جي زبون حالي تي مايوس نظر آيا ۽ انهن جو چوڻ هو ته اسڪول جي نه ڪا عمارت آهي، نه فرنيچر ۽ ايتري تائين جو واش روم به ناهي. ايجوڪيشن ورڪس واري کاتي کي اسڪولن جي تعمير ۽ مرمت جي مد ۾ سالياني وڏي رقم ملڻ جي باوجود تعليمي ادارن جي حالت بدتر آهي ۽ استادن ۽ شاگردن لاءِ صورتحال پريشان ڪندڙ آهي. ان حوالي سان ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر پريل شيخ جو چوڻ آهي ته زبون حال اسڪول جي تعمير ۽ مرمت لاءِ کاتي جي اختيارين ۽ ايجوڪيشن ورڪس کاتي کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. لکمير خاراڻي اسڪول جي استادن ۽ شاگردن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته کين بنيادي سهولتن سميت اسڪول جي نئين عمارت ڏني وڃي جيئن هو بهتر طور تي تعليم حاصل ڪري سگهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيل اسان جو ٻيو گهر آهي، گرفتاري سان ڇا ٿيندو: آصف زرداري

ٽنڊو الهيار( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پ پ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے