18 جمعرات , اکتوبر 2018

دار چيني ٿولهه به ختم ڪري سگهي ٿي: طبي ماهر

مشي گن (ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته خوراڪ ۾ دار چيني جو استعمال وڌايو ڇو ته ان جا ڪيترائي حيرات ۾ وجهندڙ فائدا آهن. دار چيني هڪ پاسي شگر جي کان مرض کان بچائيندي ته ٻئي پاسي جسم جي واڌو چرٻي ڳارڻ ۾ به اهم ڪردار اد اڪندي آهي. يونيورسٽي آف مشي گن ۾ موجود لائف سائسنسس انسٽيٽيوٽ (ايل ايس آءِ) جي سائنسدانن جُن وو اور ۽ سندس ساٿين دار چيني ۾ موجود هڪ مرڪب سينا ميلڊيهائيڊ کي چرٻي جي خلين تي آزمايو آهي. ان کان پوءِ هنن اهو مرڪب کي ٿلهن ڪوئن تي آزمايو ۽ ٻڌايو ته ان سان چڪناهٽ وارا خليا تيزي سان ختم ٿي ويندا آهن. ماهرن ٻڌايو ته دار چيني ۾ موجود مرڪب سينا ميلڊيهائيڊ سڌو سنئون چڪناهٽ تي اثر وجهي ان کي ڳاريندو آهي ۽ اهو عمل ” ٿرموجينسس“ چورائيندو آهي. ائين جسم ۾ جمع ٿيل چڪناهٽ جو موثر حل سامهون آيو آهي. جاچ ٽيم موجب دار چيني انساني جسم جي اندر ٿرموجنيسس جو عمل شروع ڪندي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ننڊ ڪندڙ ملازمن لاءِ معاوضي جو اعلان…!

ٽوڪيو (ويب ڊيسڪ) جاپان ۾ ملازم ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڪم ڪندا آهن، جنهن سبب انهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے