15 ہفتہ , دسمبر 2018

ملڪ جو عوام سڀ ڪجهه ڄاڻڻ چاهي ٿو

چيو ويندو آهي ته تجربو سيکاريندو آهي ۽ ايئن ڏٺو به ويو آهي.  يورپ ٻه مهاڀاري جنگيون ڏسي چڪو آهي، جاپان آزاديءَ جي ويڙهه ۾ وڏو جاني مالي نقصان کائي اڄ چنڊ ڏانهن اڏامي رهيو آهي، يورپي ملڪ هاڃن مان گذري هيانءَ سڄو ڪري جنهن ترقي تي پهتا آهن، اها اسان جي اکين آڏو آهي.

شايد ٻيا به ملڪ هجن پر جيڪڏهن تجربن مان ڪجهه نه پرايو آهي ته اهو اسان جو پيارو پاڪستان آهي، جيتوڻيڪ هي ڪيترن ننڍن وڏن حادثن مان گذريو به آهي پر هن ملڪ جي حڪمرانن جون اکيون ۽ ڪن بند آهن ۽ اهو اکيون ۽ ڪن بند رکڻ وارو عمل پنهنجي ملڪ جي ماڻهن تي به لاڳو ڪري رهيا آهن.

جيتوڻيڪ سندن عمل سموري دنيا ڏسي رهي آهي ۽ ان جو ڪيتو هو پاڻ به ڀوڳي رهيا آهن ۽ هت ٿيندڙ ڪو به عمل عام ماڻهن کان ڳجهي رکڻ لاءِ سڀ ذريعا استعمال ڪيا ويندا آهن.

در اصل هيءُ اهي ذريعا آهن جيڪي ڪنهن به طرح هر ملڪ ۾ ٿيندڙ ڪنهن به وڻندڙ توڻي اڻ وڻندڙ عمل جي ڄاڻ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي پهچائڻ جا ذميوار آهن پر هتان جا حڪمران انهن سڀني ڄاڻ ڏيندڙ ذريعن وسيلي پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي پري رکڻ لاءِ سڀ طريقا آزمائي رهيا آهن.

جيڪڏهن ملڪي تاريخ تي نظر وجهبي ته اهڙو عمل ملڪ جي جڙڻ واري وقت کان هن وقت تائين جاري آهي. لياقت علي خان جي قتل کان اڄ جي تاريخ تائين ڪهڙي اها ڄاڻ آهي جيڪا ملڪ جي ماڻهن کي ٻڌائي وئي آهي؟ اهو سڀ نه ٻڌائي حڪمران پنهنجي پر ۾ خوش ٿي رهيا آهن، جڏهن ٿيندو سڀ ڪجهه ان جي ابتڙ آهي.

اڄ جڏهن ڄاڻ جا ذريعا سائنس جي تڪڙين ايجادن معرفت ايترا تڪڙا ۽ گهٽ ٿي ويا آهن جو شايد ڪن واقعن حادثن جي ڄاڻ حاڪمن کي دير سان پوي ٿي، ان کان اڳ ۾ ڪي عام ماڻهو اها ڄاڻ حاصل ڪري وٺن ٿا.

ويجهي عرصي ۾ حڪمران ڪن مذهبي توڻي ٻين اهم ڏينهن تي موبائيل فون وغيره بند ڪرڻ جو اعلان ڪندا رهيا آهن کين شايد اها سڌ نه آهي ته اهڙي عمل سان ملڪ ۾ وڌيڪ انتشار پکڙجي ٿو، بي يقيني وڌي ٿي ۽ عام ماڻهو جنهن ذهني اذيت مان گذري ٿو اها خوفناڪ آهي.

تازو ملڪي حالتن جي درست ڄاڻ کان ملڪ جي عوام کي وانجهيل رکڻ لاءِ ڪي چئنل ۽ سوشل ميڊيا کي بند ڪيو ويو، ايئن ڪري حڪمرانن عام ماڻهوءَ کي ان عمل کان اڻ ڄاڻ رکيو جيتوڻيڪ چوويهه ڪلاڪ غلط بياني ڪندڙ  سرڪاري ڄاڻ ڏيندڙ ذريعا سندن اعليٰ ڪارڪردگيءَ جو تفصيل وڌائي وڌائي ٻڌائيندا رهيا.

سوال هي اڀري ٿو ته هن ملڪ جو عوام جيڪو ووٽ ڏيئي حڪمرانن کي چونڊي ٿو، هو هڪ شهريءَ طور سرڪار جا لڳايل اهي سڀ قانوني ٽئڪس ڀري ٿو. جيڪي جائز يا ناجائز سرڪار لاڳو ڪري ٿي، جنهن جي عيوض کيس ڪجهه به قانوني طور ڏنو نٿو وڃي. سواءِ اهم موقعن تي سرڪاري ڄاڻ ڏيندڙ ادارن پاران ڪوڙي ۽ حڪمرانن جي تعريفي ڄاڻ جي جڏهن  ته هن ملڪ جو هر شهري، آئيني، قانوني، مذهبي توڻي اخلاقي طور هر ملڪي ڄاڻ رکڻ ۽ حاصل ڪرڻ جو حق رکي ٿو ۽ نه رڳو ان حق کي استعمال ڪري حڪمرانن جي عملن کي ڏسي ۽ ٻڌي ٿو پر انهن تي تنقيدي توڻي تعريفي حق رکي ٿو. جنهن کان هتان جي رياست هن کي ڪنهن طرح روڪي رکڻ جو حق نٿي رکي.

ميڊيا پوءِ پرنٽ هجي، اليڪٽرانڪ هجي يا سوشل هجي ڪن به غير معمولي حالتن ۾ کليل هجڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان سان عام ماڻهوءَ جو ڀلو ٿيڻ وارو آهي،  هو ملڪي حالتن جي حقيقي ڄاڻ هجڻ سان پنهنجي روز مرهه جي ڪاروهنوار جو وچور جوڙي ٿو ۽ پنهنجي تڪڙي حال جا فيصلا ڪري ٿو. سفر تي نڪري ٿو ۽ ڪاروباري سٽاءُ سٽي ٿو، ان کي رياست ڄاڻ کان محروم ڪري ناڪارا ڪري ٿي ۽ اڻ ڄاڻ حالت ۾ هو ڪنهن به عمل لاءِ گهر ڇڏي ۽ نقصان پرائي ٿو ته اهو حڪمرانن جي ڏوهه ۾ شامل آهي.

ڪنهن به طرح رياست پنهنجي ملڪ جي هر ماڻهوءَ کي مڪمل ۽ درست معلومات ڏيڻ ۽ تڪڙي ڏيڻ لاءِ ٻڌل هجڻ گهرجي، اهو قانوني طور سمجهي دنيا ۾ قبول ڪيل آهي، رياست جيڪڏهن درست معلومات نه ڏئي رهي آهي ته ماڻهن کي اهو حق هجڻ گهرجي ته هو درست ڄاڻ/معلومات جي گهر ڪن ان ڪري حڪمرانن لاءِ ڄاڻ جا ذريعا بند ڪرڻ ڪنهن به طرح قبول ڪرڻ جهڙا عمل نه آهن.

ٻيءَ طرح اهڙي قانوني ڏوهه کان رياستي ادارن کي بچڻ گهرجي ۽ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن کي حقيقي ڄاڻ ڏني وڃي ۽ کين ٿيندڙ هر عمل کان آگاهه ڪيو وڃي، اها حڪومت جي پابندي آهي. ۽ ماڻهن جو حق آهي ته اهي رياست کان اهڙي گهر ڪن جيڪا سندن حق آهي.

حڪمران پنهنجي ملڪ جي عوام کي ڄاڻ ڏيڻ ۾ ڪوتاهي ڪري قانوني طور عوام کي ان حق کان محروم ڪري رهيا آهن، جيڪو قانون ۽ آئين هڪ شهري هجڻ جي نالي کين ڏئي ٿو، ائين نه ڪري حڪمران مورڳو عام ماڻهوءَ سان ناجائزي ڪري رهيا آهن پر پنهنجي ملڪ/رياست جي آئين، قانون، مذهب ۽ اخلاقيات کان انڪاري ٿي رهيا  آهن جيڪو ڪنهن به طرح ملڪ ۽ ان جي ماڻهن توڻي حڪمرانن لاءِ ٺيڪ عمل نه آهي.

اسان اميد ڪريون ٿا ته ڪنهن به طرح ۽ ڪهڙين به حالتن ۾ حڪمران پنهنجو هيءُ عمل ٻيهر نه ورجائيندا. ڇاڪاڻ ته اهڙو عمل ملڪ کي ڪنهن ڊگهي اونداهي ۽ اڻ ڄاڻائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي سگهي ٿو.

اڱارو 28 نومبر 2017ع، 9 ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

ثقافتي ڏينهن جو نعرو: تعليم پرايو، ثقافت بچايو

دنيا ۾ ڪنهن به قوم جو ثقافتي ورثو نه صرف ان قوم جي سڃاڻپ جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے