18 جمعرات , اکتوبر 2018

شاهه عبدالله جي گرفتار پُٽ متعب بن عبدالله کي سعودي حڪومت آزاد ڪري ڇڏيو

رياض (ويب ڊيسڪ) ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار سعوديه جي اڳوڻي فرمانروا شاهه عبدالله جي پُٽ شهزادي متعب بن عبدالله کي هڪ ڊيل کان پوءِ آزاد ڪيو ويو. متعب بن عبدالله کي ڪرپشن جي خاتمي واري مهم تحت 5 نومبر تي ٻين 10 شهزادن سان گڏ گرفتار ڪيو ويو هو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب شهزادي متعب بن عبدالله کي هڪ ارب ڊالر واپس ڪرڻ عيوض آزاد ڪيو ويو. شهزادو متعب ان 200 اهم سياسي ۽ ڪاروباري شخصيتن مان هڪ آهي جن کي 4 نومبر تي نظر بند ڪيو ويو هو ۽ اختيارين پاران گرفتار فردن مان هو سڀ کان وڌيڪ بااثر سمجهندڙ شهزادو آهي. ان حوالي سان سعودي ذريعي جو چوڻ آهي ته ڪجهه شهزادن پنهنجا ڏوههه قبوليندي ناجائز ملڪيت واپس حڪومت حوالي ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪري ڏنو هو. ممڪن طور تي ان شهزادن ۾ متعب بن عبدالله پڻ شامل آهي. 64 ورهين جو شهزادو متعب سعودي عرب جي نيشنل گارڊ جو سربراهه پڻ هو جنهن کي گرفتاري کان ڪجهه دير پهريان ئي عهدي تان برطرف ڪيو ويو هو. اولهه ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڪرپشن جي الزام ۾ گرفتار وڌيڪ ٽي شخصيتن ڊيل ڪري ورتي آهي تنهن هوندي انهن جا نالا ظاهر نه ٿيا آهن. ٻئي پاسي سعودي حڪومت ان حوالي سان خاموشي اختيار ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ بم ڌماڪو، چونڊ اميدوار مارجي ويو، 8 زخمي

ڪابل (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي ڏاکڻي صوبي هلمند ۾ ٿيل هڪ بم ڌماڪي جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے