23 منگل , اکتوبر 2018

انجلينا جولي جي ايراني مداح 50 سرجريون ڪرائي پنهنجو مُنهن خراب ڪري ڇڏيو

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) هالي ووڊ اسٽار انجلينا جولي جي ايراني مداح پنهنجي آئيل جهڙو ڏسجڻ جي آڙ ۾ 50 سرجريون ڪرائي پنهنجي منهن کي خراب ڪري ڇڏيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب ايران جي 19 سالن جي ناري جيڪا نه رڳو پاڻ کي هالي ووڊ اسٽار انجلينا جولي جو وڏو مداح چورائي ٿي پر پنهنجي اسڪرين آئيڊيل جهڙو ڏسجڻ به چاهي ٿي ۽ ان ڪم جي لاءِ ناري کي 50 کان وڌيڪ سرجريون ڪرائڻيون پيون.

 

 

 

 

رپورٽ موجب 50 سرجرين کان پوءِ هوءَ انجلينا جولي ته نه بڻجي سگهي التب هڪ مشهور ڪارٽون ڪرار ” ڪارپس برائيڊ“ (مئل ڪنوار) ضرور بڻجي وئي جيڪا 2005 ۾ ريلي ٿيل برطانوي ۽ آمريڪي اسٽوب موشن اينيميٽڊ ميوزڪل فلم جو مشهور ڪردار هئي. هڪ انٽرويو ۾ ايراني ناري چيو ته هن پنهنجو وزن گهٽ ڪرڻ لاءِ 4 مهينن تائين ڊائيٽ ڪئي جنهن بعد سندس وزن 40 ڪلو گهٽجي ويو پر 50 سرجرين کان پوءِ به هوءَ ڏسڻ ۾ انجلينا جولي بدران مشهور ڪارٽون ڪردار ” ڪارپس برائيڊ“ جهڙي ڏسجڻ لڳي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تائيوان ۾ ريل حادثي جو شڪار، 22 ڄڻا فوت، 100 کان وڌيڪ زخمي

تائپي (ويب ڊيسڪ) تائيوان ۾ ريل سان پيش آيل حادثي جي نتيجي ۾ 22 ڄڻا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے