11 منگل , دسمبر 2018

پاڪستان پيپلزپارٽي جا 50 سال

پاڪستان جي اهم سياسي پارٽي ”پاڪستان پيپلزپارٽي“ اڄ پنهنجي سياسي ڄمار جا 50 ورهيه پورا ڪيا آهن. پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجو 50 هون يوم تاسيس ملهائي رهي آهي. اڄ کان اڌ صدي اڳ پارٽي جي باني جناب ذوالفقار علي ڀٽي لاهورشهر ۾ لڳ ڀڳ 200 ڄڻن هم خيال دوستن سان گڏجي 30 نومبر 1967ع تي ڊاڪٽر مبشر حسن جي گهر تي ٿيل ٻن ڏينهن جي اجلاس جي پڄاڻيءَ واري ڏينهن تي پاڪستان پيپلزپارٽي ٺاهڻ جو بنياد رکيو هو. ان منفرد تاريخ جي ڪري پارٽي جي موجودهه چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صاحب پاران سڄي سال کي ”گولڊن جوبلي“ طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪستان پيپلزپارٽي کي اڌ صديءَ جو سفر پورو ڪرڻ تي مبارڪون هجن.

ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ ڪيترائي اهڙا واقعا رونما ٿي چڪا آهن، جنهن جي ياد سبب پاڪستاني سماج اڄ به نهايت ڏکين حالتن ۾ وقت گذاري رهيو آهي. انهن واقعن ۾ بنگلاديش قائم ٿيڻ کان اڳ ٻه مارشل لائن جا دور ۽ ان بعد ٻه بدترين آمريتي حڪمراني جا دور، پاڪستان پيپلزپارٽي جي باني جناب ذوالفقار علي ڀٽو جو آمريت هٿان ٿيل عدالتي قتل، اسلامي دنيا جي پهرئين چونڊيل وزير اعظم محترمه بي نظير ڀٽو جو سر عام سر شام قتل، ان جي ٻن ڀائرن مير شاهنواز ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جا قتل، ملڪ ۾ غير جمهوري دور حڪومت، پرائي جنگ کي پنهنجي جنگ سمجهندي ان جنگ مان ڇوٽڪارو حاصل نه ڪرڻ جهڙو فيصلو ڪرڻ، پاڪستان کي عالمي جنگ جو مرڪز بڻائڻ سميت پاڪستاني سماج کي محتاج ۽ پينو سماج ۾ تبديل ڪرڻ جهڙا واقعا، سموري عرصي ۾ سڀ کان اهم ۽ سڀ کان وڌيڪ متاثر ڪرڻ وارا واقعا آهن.

جناب ڀٽي صاحب سياست کي ڊرائينگ رومن ۽ بنگلن مان ٻاهر ڪڍي عوام اڳيان روڊن رستن تي آندو، ان کي عوامي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن ۾ هو گهڻي قدر ڪامياب به ويو، جنهن ”ڏوهه“ جي سزا ۾ کيس موت حوالي ڪيو ويو. ان سزا کي پهرئين ڏينهن کان غلط چيو ويو ۽ نيٺ جج صاحبان پڻ اعتراف ڪيو ته جناب ذوالفقار علي ڀٽي جو عدالتي قتل ڪيو ويو.

30 نومبر 1967ع تي منعقد ٿيل تاسيسي اجلاس ۾ پارٽي جي بنيادي دستاويز ۾ لکيل آهي ته ”پارٽي پاليسين جو مقصد هر طبقي لاءِ پاڪ معاشرو قائم ڪرڻ آهي جيڪو اسان جي سوچ مطابق رڳو سوشلزم وسيلي ئي ممڪن آهي.“

پاڪستان پيپلزپارٽي انهن پنجاهه ورهين ۾ چار ڀيرا وفاق ۾ ۽ پنج ڀيرا سنڌ ۾ سرڪار هلائي آهي. انهن ورهين ۾ ملڪ ٽي آمريتون ڏٺيون آهن. ملڪ ٻه اڌ ٿيو آهي. پارٽي جي باني فيملي جا چار ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن. انهن 50 سالن ورهين کان پوءِ پارٽي گولڊن جوبلي ته ملهائجي رهي آهي پر پُل جي هيٺان تمام گهڻو پاڻي وهي چڪو آهي. اقتدار جي حوالي سان پاڪستان پيپلزپارٽي کي 4 وزيراعظم ، 3 مملڪت جا صدر رڪارڊ تي آهن. اڄڪلهه پارٽي ملڪ جي سمورن علائسن مان سُسي اچي رڳو سنڌ صوبي تي پهتي آهي. جڏهن ته سندس ظاهري اڳواڻي لاءِ بلاول ڀٽو زرداري پڻ موجود آهي. پر تاريخ جي سياسي پيچرن ۽ وروڪڙ رستن تي جيئن ته ڪوبه سڌو نه ٿو هلي سگهي ايئن پاڪستان جي پرخطر رستن تي پنهنجي حياتيءَ جي پرواهه نه ڪندي پارٽي جي باني جناب ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سندس نياڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو صاحبه ڪيئي اهڙا ڪم ڪيا جيڪي عوام جي دائمي خوشين لاءِ ضروري هيا.

پر، پاڪستان پيپلزپارٽي پاڪستاني اقتدار جي سياست ۾ مشروط اقتدار، مشروط جدوجهد، مشروط مخالفتن جي شرطن واري ميدان تي پاڻ ايڏا وڏا نقصان کائي ويٺي آهي جو انهن جو تدارڪ تڪڙ ۾ نه ٿو سُجهي.

پاڪستان پيپلزپارٽي جنهن جو وفاقي تڏو غائب آهي ۽ اها رڳو سنڌ سطح جي ڪامياب پارٽي آهي، تنهن کي پنهنجي پراڻي اوج جي واپسيءَ لاءِ نه رڳو اليڪشني پر سماجي جدوجهدن جي ميدان تي ڪيترا اهڙا فيصلا ڪرڻا پوندا ۽ ڪيتريون اهڙيون جدوجهدون هلائڻيون پونديون جيڪي اڄوڪي ملڪي ڍانچي ۾ معجزو ئي ٿي سگهن ٿا، انهن جدوجهدن ۽ ان نئين زماني جي عوامي سياست لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي کي عوام جي خوشحالي لاءِ هڪڙي ليڪ ڪڍڻي پوندي. سٺي ۽ خراب جي فيصلو ڪرڻو پوندو. ملڪ جي سڀ کان وڏين آبادين عورتن ۽ نوجوانن جي سياست ڪرڻ لاءِ پنهنجي منشور کي نوبنو ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه نه ٿو ڪري سگهجي ته پوءِ پاڪستان پيپلزپارٽي ملڪي تاريخ جي اهم پارٽي ليکي ويندي پر عوام پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي ( غلط ئي سهي) ڏسڻ شروع ڪندو.

روزاني ”عوامي آواز“ سمجهي ٿي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي ليڊرشپ پارٽي جي ڪاميابين توڙي ناڪامين جو کلي دل سان جائزو وٺڻ جي شروعات ڪري. پارٽي ۾ رواداري ۽ تنقيد سهپ جي جيڪي مثال موجود هئا، انهن ئي نئون ڪري. عورتن ۽ نوجوانن جي سياست ڪرڻ لاءِ زندگي جي هر کيتر ۾ انهن جي نمائيندگي واڌ جو سچي ۽ انهن تي عمل ڪري. پاڪستان جي قوميتن توڙي سموري عوام لاءِ جيڪي به رهيل ۽ اهم جائز ڪم آهن، جيڪي به مطالبا آهن انهن کي پوري ڪرڻ جو وعدو به ڪري ۽ انهن لاءِ پنهنجي هاڻوڪي ڍانچي ۾ مٿئين طبقي بدران پورهيت طبقن کي حيثيت ڏيڻ شروع ڪري. جناب ذوالفقار علي ڀٽي ”اٽو لٽو ۽ اجهو“ وڏيرن ۽ سرمائيدارن کي ڏيڻ جو نعرو نه هنيو هو، بدقسمتي سان عوام جي گهڻائي انهن ساڳين ماحولن ۾ زندگي گهاري رهي آهي ۽ انهن ئي مسڪين عوام لاءِ پارٽي جي باني چيو هو ته ” غربت عوام جو مقدر ناهي“

خميس 30  نومبر 2017ع، 11  ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

قبيلائي جهيڙن جي باهه ۽ سڙندڙ سنڌ

سنڌ ۾ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان قبيلائي جهيڙن جي ڀڙڪيل باهه اڃان ماٺي نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے