18 منگل , دسمبر 2018

”پاڪستان پيپلزپارٽي“ قرباني ۽ جدوجهد جا 50 سال

نعمان شيخ

عوام جي مقبول سياسي پارٽي ” پاڪستان پيپلزپارٽي“ پنهنجي گولڊن جوبلي ملهائي رهي آهي. اڄ کان اڌ صدي اڳ پارٽي جي باني جناب ذوالفقار علي ڀٽو لاهورشهر ۾ پنهنجي هم خيال دوستن سان گڏجي 30 نومبر 1967ع تي پاڪستان پيپلزپارٽي جو بنياد رکيو هو. ان منفرد تاريخ جي ڪري پارٽي جي موجودهه چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري صاحب پاران سڄي سال کي ”گولڊن جوبلي“ طور ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي.

29 نومبر 1967ع ۾ لاهور ۾ ڊاڪٽر مبشر حسن جي رهائش گاهه تي نئين پارٽي قائم ڪرڻ جي لاءِ ٻن ڏينهن جو اجلاس منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ اٽڪل 400 ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ انهيءَ اجلاس جي صدارت ڀٽو صاحب ڪئي. پهرئين ڏينهن واري سيشن ۾ مختلف طبقن سان لاڳاپيل سرگرم اڳواڻن پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.

30 نومبر 1967ع تي منعقد ٿيل تاسيسي اجلاس ۾ پيپلزپارٽي جو بنياد وڌو ويو. پارٽي جي تاسيس واري دستاويز ۾ واضع طور تي لکيل آهي ته ”پارٽي پاليسين جو مقصد هڪ طبقي لاءِ پاڪ معاشرو قائم ڪرڻ آهي جيڪو اسان جي سوچ مطابق رڳو سوشلزم وسيلي ئي ممڪن آهي.“ پارٽي جي تاسيس واري اجلاس جي ڪجهه عرصي بعد جڏهن پاڪستان ۾69-9681ع جي انقلابي تحريڪ شروع ٿي . مزدورن، نوجوانن ۽ هارين تاريخ جي ميدان ۾ پيرپائيندي ملڪيت جي رشتن کي چيلينج ڪيو، انهن انقلابي حالتن ۾ رڳوپيپلز پارٽي جو بنيادي سوشلسٽ منشور ئي سماج کي تبديل ڪرڻ واري عوامي خواهش پٽاندڙ هو. 1968ع ۾ هالا ۾ منعقد ٿيل پارٽي ڪانفرنس ۾ بنيادي بحث ان سوال تي اٿيوهو ته پارٽي کي انقلابي پرچي وسيلي هلائڻو آهي يا ڪنهن هٿيار وسيلي، جنهن تي شريڪ سمورن مدبر شخصيتن گڏيل طور تي ووٽ جي حق ۾ فيصلو ڏنوهو.

29 نومبر ۽ 30 نومبر1967ع تي منعقد ٿيل ٻه روزه ڪنوينشن ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي قائم ڪئي وئي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي تاسيس جي حوالي سان اعلان ڪيل انهيءَ ٻه روزه ڪنوينشن جي ڪري ايوب حڪومت لاهور ضلعي سميت شهر ۾ قانون144 لاڳو ڪيو، ڪنهن به عوامي جڳهه تي ماڻهن جي گڏجڻ تي لاڳو ٿيل پابنديءَ سبب ڊاڪٽر مبشر حسن جي رهائش گاهه، 4، گلبرگ جي لڳ باغ ۾ شاميانا لڳائي ڪنوينشن جي تقريب منعقد ڪئي وئي. ان تاريخي موقعي تي ڪنوينشن پاران ملڪ حامد سرفراز ڊاڪٽر مبشر حسن جو ٿورو  مڃيو، جنهن ڏکين حالتن ۾ نه رڳو اعليٰ معيار جي ذاتي ميزباني جا فرض ادا ڪيا ۽ هر قسم جي ڏکين حالتن جو همٿ ڀرئي نموني سان مقابلو ڪيو، جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽو پارٽي چيئرمين جي حيثيت سان ڪنوينشن جي صدارت ڪئي. ڪنوينشن ۾ پارٽي جونالو طئي ڪرڻ لاءِ ٽي نالا پيش ڪيا ويا.

(1)     پيپلز پروگريسو پارٽي ( پي پي پي)

(2)     پيپلز پارٽي (پي پي)

(3)     سوشلسٽ پارٽي آف پاڪستان (ايس پي پي)

ڪنوينشن ۾ پيش ڪيل انهن ٽنهي نالن کي رد ڪندي گڏيل راءِ تحت نئين سياسي پارٽي پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي نالي تي اتفاق ڪيو ويو.

ڪنوينشن ۾ سموري ملڪ مان ڪهي آيل ماڻهن ۽ وفدن جا نالا رجسٽر ڪرڻ بعد 29 نومبر 1967ع تي صبح جو پهريون اجلاس چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو جي صدارت هيٺ شروع ٿيو، مولوي محمد سعد تلاوت ڪلام پاڪ جي سعادت حاصل ڪئي جڏهن ته انهيءَ تاريخي مرحلي جي مناسبت سان اسلم گورداسپوري ۽ ڊاڪٽر حليم رضا پنهنجا پنهنجا نظم پڙهيا.

ڪنوينشن ۾ شروعاتي تقرير دوران ملڪ حامد سرفراز پاران انهن ڏکين حالتن ۽ رڪاوٽن جو تفصيلي طور تي جائزو پيش ڪيو، ايوب حڪومت هر طرح سان انهيءَ کي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اوڀر پاڪستان ۾ مقرر گورنر ملڪ امير محمد خان جي قتل جو افواهه پکيڙيندي ڪنوينشن کي ڪينسل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، سنڌ ۽ بلوچستان مان آيل شخصيتن کي ڌمڪايو ويو، بهرحال ايوب حڪومت جي انهن سمورين سازشن باوجود اولهه پاڪستان سان لاڳاپيل سمورين شخصيتن ڪنوينشن ۾ شرڪت ڪئي، انهن ۾ اهي شخصيتون به شامل هيون جن پاڪستان جي قائم ٿيڻ واري جدوجهد ۾ پڻ حصوورتو هو. هاڻي اهي پاڪستاني عوام جي بنيادي حقن ۽ معيار زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر جدوجهد ڪري رهيون هيون.

ملڪ حامد سرفراز پاران 30 نومبر 1967ع تي شريڪ شخصيتن جي شاندار ڪردار جو ذڪر ڪيو ۽ اجلاس ۾ شريڪ ٿيل سمورن نالن کي ريڪارڊ تي آڻڻ جي ذميواري ادا ڪئي. اڄوڪي پيپلزپارٽي ۽ عوام کي انهن معتبر شخصيتن جي نالن جو ذڪر ڪرڻ نهايت ضروري آهي. اهي شخصيتون هيون:

(1)     مير سول بخش ٽالپر، (2) شيخ محمد رشيد (باباءِ سوشلزم)، (3) جي اي رحيم، (4) بيگم آباد احمد خان، (5) ڪامريڊ غلام احمد، (6) خان محمد حيات خان (حيات محمد خان شير پائو)، (7) سردار پير بخش ڀٽو، (8) مير حامد حسين، (9) عبدالوحيد ڪٽپر (10) نثار احمد خان (11) معراج محمد خان (12) خورشيد حسن مير(13) عبدالرزاق سومرو (14)شوڪت علي جوڻيجو(15) غازي قدرت الله(17) مولوي محمد يحيٰ (18) غلام مرتضيٰ کر(19) محمد امان الله خان (20) راجا منور احمد (21) ملڪ محمد پرويز احمد (22) فاروق بيدار (23) احمد رضا خان (24) عبدالرحمان (25) ملڪ نويد احمد (26) محمد احسان شامل هئا جن مان ڪيترن تقريرون پڻ ڪيون.

اجلاس ۾ ٻي نشست ساڍي ٽين وڳي تلاوت ڪلام پاڪ سان شروع ڪئي وئي جنهن جي صدارت ذوالفقار علي ڀٽو ڪئي، ٻئي نشست ۾ گڏيل راءِ سان مختلف مقصدن لاءِ چار ڪميٽيون جوڙيون ويون، جنهن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو.

(1)     اسٽيرنگ ڪميٽي (Steering Committee) يعنيٰ قيادت ۽ رهنمائي لاءِ سرانجام ڏيندڙ ميمبر:

(1)     زيڊ اي ڀٽو چيئرمين (2) ملڪ شريف (3) ڊاڪٽر مبشر حسن (4) ملڪ اسلم حيات (5) عبدالرزاق سومرو (6) حڪيم عبداللطيف (7) الاهي بخش خان (8) ميان محمد اسلم (9) محمد صفدر (10) آفتاب رباني کي ميمبر طور شامل ڪيا ويا.

(2)     آئيني ڪميٽي (Constitution Committee) : پارٽي آئين ۽ طريقه ڪار واضع ڪرڻ واري ڪميٽي جي ميمبرن ۾ (1) زيڊ اي ڀٽو (2) جي اي رحيم(3) خورشيد حسن مير(4) ملڪ اسلم حيات (5) ملڪ حامد سرفراز(6) عبدالوحيد ڪٽپر (7) رياض الحق (8)محمد عرس (9)سعد محمد خان (10)مير محمد حسين (11)شوڪت علي لوڌي (12)اقبال احمد شامل هئا.

(3)      قرارداد ڪميٽي (Resolutions Committee): يعني قرارداد پيش ڪرڻ واري ڪميٽي ۾ (1) زيد اي ڀٽو (2)جي اي رحيم (3)ميررسول بخش ٽالپر (4)ملڪ حامد سرفراز (5)ڊاڪٽر مبشر حسن (6)شيخ محمد رشيد (7)معراج محمد خان (8)بيگم آباد احمد خان (9)مسٽر خورشيد حسن مير (10) مسٽر محمد حيات خان شامل هئا.

(4)      اعلاميه ڪميٽي (Draft Declaration Committee) : يعنيٰ ڪنوينشن جي آخر ۾ متوقع اعلاميه جي تياري واري ڪميٽي ۾ (1)زيڊ ذوالفقار علي ڀٽو(چيئرمين) (2)مسٽر جي اي رحيم (3) ملڪ حامد سرفراز (4)مسٽر شوڪت خان جوڻيجو(5)مسٽر مرتضيٰ کر(6)مسٽر احمد رضا خان(7)مسٽرحق نواز گنڊا پور(8) مسٽرجهانگيرخان(9)مسٽر محمد جاگيردار(10)مسٽر امداد حسين جمالي (11)مسٽر احمد دهلوي شامل هئا.

30 نومبر 1967ع تي صبح ڏهين وڳي ذوالفقار علي ڀٽو جي صدارت هيٺ ڪنوينشن جو ٽيون سيشن شروع ٿيو، جنهن لاءِ تلاوت ڪلام پاڪ جا فرض مولوي غازي قدرت الله ادا ڪيا، مسٽر اسلم گورداسپوري ۽ ڊاڪٽر حليم رضا اجلاس ۾ نظم پڙهيا، ملڪ حامد سرفراز پاران ڪميٽين جي روشني ۾ مختلف قراردادون پيش ڪيون جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽواردو ۾ مختصر خطاب ڪيو ۽ بعد ۾ ملڪ حامد سرفراز شريڪ ٿيندڙن جو شڪريو ادا ڪندي ڪنوينشن تقريب جي پڄاڻي جو اعلان ڪيو.

ملڪ اسلم حيات ان تاريخي موقعي تي چيئرمين ذوالفقار علي ڀٽو کي سپاسنامو پيش ڪيوهو. هتي ڀٽو صاحب جي ڪنوينشن ۾ ڪيل تاريخي تقرير جا ڪجهه حصا پيش ڪجن ٿا: ڀٽو صاحب تقرير ڪندي چيو هو ته” مان اڪثر ڪري ان ڳالهه تي حيران ٿو ٿيان ته اسان آخر هميشه اهڙي غير يقيني واري صورتحال ۾ڇو ٿا رهون؟… ڇا اهو قدرت پاران اسان جي قسمت ۾ لکيو ويو آهي؟ اچو ته اسان ٻين ملڪن جو مطالعو ڪيون، جن مان ڪجهه ملڪن کي سخت حالتن سان مقابلو ڪرڻو پيو ۽ انهن مان گهڻا ملڪ ڏکين حالتن مان پار پئجي ويا، جنهن بعد انهن ملڪن مختلف ارتقائي مرحلي ڏانهن ڌيان ڏنوجڏهن ته اسان اڄ به ڏکين حالتن سان منهن ڏئي رهيا آهيون جتي 20 سال (1947کان 1967) سنس خيرز عجيب حالتن سان منهن ڏيندا رهيا آهيون ۽ اڄ به اتي ئي بيٺا آهيون. (افسوس! اهي عجيب حالتون 2017ع ۾ به اسان جو مقتدر بڻيل آهن). (ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته پيپلزپارٽي جي سموري قيادت ڊاڪٽر مبشر حسن جي خدمت ۾ حاضر ٿيندي اعترافي اعلان ڪري ها ته” ڊاڪٽر صاحب! تاريخ توهان جي ٿورائتي آهي!“.

پيپلزپارٽي جي ان تاسيسي اجلاس جي رڳو 11 مهينن بعد هن ملڪ جي تاريخ جي پهرئين ۽ اڄ تائين سڀ کان وڏي ريلي نڪتي هئي. 6 نومبر 1968کان وٺي 25 مارچ 1969ع تائين جي 139 ڏينهن ۾ عملي طور تي طاقت حڪمرانن جي ايوانن مان نڪري گهٽين، بازارن، تعليمي ادارن، ٻنين ۽ فيڪٽرين تائين پهچي وئي. اڄ اٽڪل اڌ صدي بعد نه رڳو نئين نسل ان تاريخ ساز نظرين ۽ واقعن بابت محروم بڻيل آهي پر اڄ جي پيپلزپارٽي جو به شايد ڪواڳواڻ اهڙو هوندو جنهن پارٽي جي بنيادي دستاويزن جو گهرو مطالعو ڪيو هجي. اهو منشورجنهن1968-69 جو انقلاب کٽندي ذوالفقار علي ڀٽو جي جهوليءَ ۾ وڌو، ان جا ڪجهه حصا هيٺ ڏجن ٿا:

سرمائيدارنظام کي بچائڻ جي آخري ڪوشش دوران حڪومت پاران پاڪستان جي غير مراعات يافته عوام جو تمام گهڻو استحصال ڪرڻ جي اجازت حڪمران طبقي کي ڏئي ڇڏي هئي. حقيقي حل هڪ سوشلسٽ پروگرام تحت ئي ممڪن آهي، جيئن ته ان منشور ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته معيشت ۾ بنيادي تبديلي آندي وڃي جنهن سان استحصال جو خاتمو ٿي سگهي ۽ موجود وسيلن کي ڪتب آڻيندي سرمائيدارن جي ٽيڪا ٽپڻي کان بغير ملڪ کي ترقي ڏياري وڃي، پارٽي پاليسي جو مقصد طبقن کان پاڪ معاشرو قائم ڪرڻ آهي جيڪو اسان جي دور ۾ رڳو سوشلزم وسيلي ئي ممڪن آهي. پارٽي سمجي ٿي ته مفاهمت ۽ اصلاح پسند نعرا لڳائي ماڻهن کي ڪوڙا آسرا ڏيڻ رڳو ڌوڪوثابت ٿيندا.

عهدن تائين پهچ هوندي ۽ روزگار جي لاءِ ڪنهن به قسم جو تعصب نه هوندو. يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۾ نصاب تي ڀرپور طريقي سان نظر ثاني ڪئي ويندي ۽ يونيورسٽين جي سماجي زندگي مان علحدگي پسند سوچ جو خاتمو آڻيندي هڪ پنج سالا منصوبو شروع ڪيو ويندو جنهن تحت سمورا ضروري اسڪول تعمير ڪيا ويندا ۽ استادن کي معياري سکيا ڏياري ويندي.

آئين جي قانوني ڍانچي کي جيڪڏهن رڳو حڪمران طبقي جي مفادن لاءِ تيار ڪيو ويندو ته اهو ترقي جو ضامن ثابت نه ٿي سگهندو، موجودهه چونڊ واري نظام تحت ملڪيت رکندڙ طبقن کي پارليامينٽ ۾ بالادستي ڏيڻ جو ڪارگر هٿيار آهي. اليڪشن ۾ حصو وٺڻ وارا خرچ تمام گهڻا آهن، جيڪو ڪوبه غريب اميداوار برداشت نه ٿو ڪري سگهي، جيسيتائين ان کي ڪنهن امير ماڻهو جي سرپرستي حاصل ناهي، پيپلزپارٽي سماجي، معاشي ۽ سياسي ڍانچي ۾ هڪ انقلابي تبديلي جو منصوبو پيش ڪري رهي آهي.

پيپلزپارٽي کي حڪومت ۾ هروقت تمام گهٽ وقت مليو پوءِ به ان ملڪ اندر ڪيترائي سڌارا آندا، ملڪ کي ترقي ڏياري ۽ افسوس ته پارٽي جي غدارن پڻ پارٽي کي زخمي ڪرڻ ۾ وسان ڪين گهٽايو. پاڪستان جو پورهيت طبقي ان دردناڪ استحصال مان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ تڙپي رهيو آهي. ظاهري طور تي ٽوڙ ڦوڙ واروسلسلوفطري طور تي جاري آهي پر بغاوت اسان جي معاشري جو حصو به  بڻيل آهي..ملڪ ۾ جبر ۽ استحصال ۽ مسئلا 1967ع جي بنسبت تمام گهڻا وڌي ويا آهن، زندگي جون ڏکيائيون اڃان به ڪيترا ئي ڀيرا وڌي ويون آهن. اهڙي حالت ۾ پارٽي جي پاليسي دستاويزن جي پروگرام ۽ لائحه عمل جي اهميت محسوس ڪئي پئي وڃي، پارٽين جا منشور تبديل ٿي سگهن ٿا پر تاسيسي دستاويزن کان منهن ڦيرائڻ پارٽي لاءِ موت ثابت ٿي سگهي ٿو. اسان کي اميد آهي ته پيپلزپارٽي جي موجودهه نوجوان قيادت بلاول ڀٽو زرداري جي سربراهي ۾ محنت ڪش طبقي ۽ نوجوانن کان کسيل روايت واپس ملندي ۽ ان ۾ هڪ نئين انقلابي تحريڪ ۽ روح ڦوڪبو جنهن سان ان طبقاتي جنگ ۾ پورهيت طبقي کي سوڀ حاصل ٿي سگهندي ۽ نيون سياسي راهون تلاش ٿي سگهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

واٽس ايپ جي پليٽ فارم ۾ خاموش انقلاب آڻڻ جي طاقت 

زيد پيرزادو دنيا جيئن جيئن ترقي ڪري ٿي ھر شيءِ ۾ تبديلي ٿئي ٿي. وقت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے