23 منگل , اکتوبر 2018

انتها پسنديءَ جي باهه ۽ صوفي ميلا

سارنگ منير سومرو

ڪئنيڊا ۾ رهندڙ ڀارت جي نالي واري اديب دادا ڏيئل گڏواڻي آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما کي ڪجهه سال اڳ هڪ خط لکي چيو هو ته  آمريڪا جي اسڪولن ۾ جيڪي دهشتگردي جا واقعا پيش اچن ٿا، جنهن جو سبب صرف ۽ صرف هي آهي ته اوهان جيڪا ٻارن کي هٿيارن جي ٽرينگ ڏيو ٿا ٻاران مان اهو سبق پرائن ٿا، جنهن سبب اهي واقعا پيش اچن ٿا  دادا ڏيئل گڏواڻي آمريڪا جي صدر بارڪ اوباما کي خط ۾ اهو به مشورو ڏنو هو، ته جيڪڏهن اوهان ٻارن کي سنڌ جي صوفي ازم جي تعليم ڏيو ته اوهان وٽ اهڙا واقعا ڪڏهن به نه ٿيندا دادا ڏيئل گڏواڻي پنهنجي خط ۾ بارڪ اوباما کي اها به گذارش ڪئي هئي ته اوهان آمريڪا ۾ سنڌين جي اچڻ کي ويزا جي شرط کان آجو قرار ڏيو ڇو جو سنڌ جو ماڻهون پوري دنيا ۾ امن پسند طور سڃاڻپ رکي ٿو ان خط جي جواب ڏيندي بارڪ اوباما دادا ڏيئل گڏواڻي کي چيو هو ”ته مون دنيا جي هر ڪنڍ ڪڙڇ ۾ انتها پسند ڏٺا آهن پر سنڌ اها امن جي ڌرتي آهي جنهن اڄ تائين ڪنهن به انتها پسند ۽ خودڪش بمبار کي جنم به ڏنو آهي مان پوري ڪوشش ڪندس ته آمريڪا ۾ صوفي ازم جي اها تعليم شروع ڪيان جيڪا سنڌ جي سڃاڻ آهي“  بارڪ اوباما جي ان ڳالهين کانپوءِ اهو اندازو لڳائڻ مشڪل نه آهي ته سنڌ ڌرتي امن محبت ۽ ڀائيچاري ۾ پنهنجي مٽ پاڻ آهي

شاهه، سچل، سامي، شاهه عنايت جي هن ڌرتي جي محبت جا مثال دنيا ۾ ڏنا وڃن ٿا، هن ڌرتيءَ جي شروع کان ئي اها سڃاڻ رهي آهي ته هن سنڌ ۾ ساهه کڻندڙ هر انسان پنهنجي من ۾ اها انسانيت پالي ٿو جيڪا مذهبن کان به مٿاهون آهي،   هتي صرف ۽ صرف محبتن جنم ورتو هتي نفرت جو ڪو به ٻوٽو پنهنجي پاڙ پختي ڪري ڪون سگهيو ڇو جو سنڌ جي صوفين،  هن سنڌ جي اها پرورش ڪئي آهي  اها دعا ڏني آهي  ته هتي محبت جا گل هميشا آباد رهندا هن ڌرتي تي شاه لطيف،سچل،سامي،ايازکان پوءِ هڪ اهو انسان آيو جنهن جو نالو ڀڳت ڪنورام هو،  جنهن جي من ۾ ڪوبه مذهب نه هو هن جو مذهب اها انسانيت هئي اها سنڌ هئي اها محبت هئي اهو دين ڌرم هو،  جنهن سنڌ اندر محبت جا اهي گل پوکيا ، جيڪي انتها پسنديءَ واري مذهبي جنونيت کي اڄ تائين شڪست ڏيندا آيا،  سنڌ هميشه محبتن جو جنڪشن رهي آهي جنهن ڪڏهن به پنهنجي ڪنڌ تي مذهبي جنونيت جو بار برداشت نه ڪيو جنهن جو مثال اڏيرو لعل جو اهو مندر آهي جنهن جي هڪ ئي ديوار آهي ديوار جي هن طرف مندر آهي ديوار جي ٻئي طرف مسجد آهي،  صرف اهو ئي نه پر صوفين جي سرتاج سچل سرمست جي مزار آڏو هنڌو ۽ مسلم هڪ ئي هنڌ قبرستان ۾ دفن آهن،  اهي ان مثال لاء ته جيئن صدين تائين اهو مثال ڏنو وڃي ته سنڌ جي محبتن کي ڪو به مذهبي انتها پسند ٽوڙي نه سگهيو، پر سنڌ جي صوفين اهو مثال به قائم ڪيو ته اسان جو آخري آرام گاهون به گڏ آهن، اسان اتي به ڌار نه ٿينداسين سنڌ جا سوين هزارين اهڙا مثال آهن،  جتي مذهبي جنونيت هميشه سنڌ جي صوفي ازم آڏو هار مڃي سنڌ ۾ سوين اهڙِا واقعا ٿيا جنهن ۾ چڪ ۾ ٽي هنڌو نوجوان ماريا ويا سنڌ جي مختلف شهرن ۾ قرآن پاڪ جي بي حرمتي جا واقعا سامهون آيا،   لاڙڪاڻي سميت ڪافي شهرن ۾ مندرن کي باهيون ڏنيون ويون .

ٿر ۾ هڪ هندو نوجوان کي مسلمانن جي قبرستان مان ڪڍي ڦٽو ڪيو ويو، پر سنڌ جي ماڻهن انهن سڀني سازشن کي ناڪام بڻائي اهو ثابت ڪيو ته اسان انتها پسندي نه پر صوفي ازم جي سڃاڻ آهيون انتها پسندي آڏو قربانيون ڏئي انهن خلاف سينو ساهڻ جو ڀلا ان کان وڌيڪ ڪهڙو مثال ڏجي جو جڏهن سيوهڻ ۾ قلندر لعل شهباز جي مزار آڏو ڌماڪو ٿيو جنهن ۾ 85 پانڌيئڙا شهيد ٿي ويا،  پر سنڌ جي صوفين جي سرزمين جي عظيم انسانن لاش ڪلهن تي هوندي به  ڌمال هڻي  اهو ثابت ڪيو ته هو ڪنهن به انتها پسند آڏو جهڪڻ وارا نه آهن سنڌ جا اهي سڀئي تعارف جيڪي صدين کان سنڌ جو اهو تعارف جوڙيندا اچن پيا ته سنڌ انتها پسندي نه پر صوفي ازم پيار محبت مذهبي ڀائيچاري جو اهو مورچو آهي جنهن انهن سڀني سازشن ۽ مذهبي انتهاپسندن کي مٽي ۾ ملائي هميشه سنڌ جي امن پسندي جو مثال کي مٿي رکيو، سنڌ ۾ اهڙي ماحول جو جنم ته انهن صوفي انسان جي جنم سان ٿيو جن اسان جي سنڌ کي اهو صوفي ڪلچر ڏنو جنهن کي نه صرف سنڌ پر پوري دنيا امن جو اهو رستو ۽ راهه سمجهن ٿا،  جنهن رستي تي هزارين ڪنڊا، هجڻ باوجود به سنڌ صوفين جي سڏجي ٿي سنڌ جي اهڙي ماکي ۽ مصريءَ جهڙي ڪلچر کي ڪي سازشون ڪري سنڌ تان اهو پاڇو هٽائڻ چاهين ٿيون پر سنڌ جي مضبوط صوفي پرورش انهن جا اهي اردار هميشه مٽيءَ ۾ ملايا آهن اسان جڏهن سنڌ جي صوفي ڪلچر خلاف شازشن جي ڳالهه ڪنداسين اتي انهن سازشن کي ناڪام بڻائي سنڌ جي صوفي ازم کي وڌيڪ سگهارو ۽ سرگرم ڪندڙ انهن صلاحيتن جي به ڳالهه ڪرڻ گهرجي جن هميشه انتها پسنديءَ کي سنڌ ۾ آکيرا اڏڻ جي جڳهه نه ڏني سنڌ جي سگهاري ڪردار نثار کوکر  جي باغين سان شام کان وٺي ڪراچيءَ ۽ حيدر آباد ۾ ٿيندڙ سنڌي لٽريچر فيسٽرول تائين سنڌ جو هر باشعور ڪردار سنڌ جي اهڙي سڃاڻپ کي بچائڻ لاءِ پاڻ پتوڙي ٿو،  جيڪا سنڌ جي سڃاڻ صدين کان آهي ۽ صدين تائين رهندي ته سنڌ صوفين جي ڌرتي آهي،  هتي انتها پسنديءَ جي آکيري جي ڪابه ڪنجائش نه آهي  اها سنڌ جتي محبت ڀائيچاري ۽ امن کان سواءِ ڪا پچار نه هئي اڄ انهي سنڌ ۾ نفرت ۽ انتهاپسنديءَ جي ڪاري دونهي ۾ يقين ڄاڻو سنڌ جي صوفي ازم جا گيت ميلا ۽ تقريبون اهڙي روشني پيدا ڪري سگهن ٿيون،  جيڪا سنڌ جي صدين کان سڃاڻپ آهي،

تازو حيدرآباد ۾ٿيل صوفي ميلي ”مي رقصم“ به سنڌ جي صوفي ڪلچر کي هڪ ڀيرو ٻيهر تازو ڪري انهي ڳالهه کي اڳتي وڌايو آهي ته سنڌ جي ڌرتيءَ تان سنڌ جي صوفي ازم جا پيرا ڪڏهن به مٽڻا نه آهن،  حيدرآباد جي صوفي ميلي ۾ لکين صوفي منش ۽ تصوف جي قائل سنڌ واسين جي شرڪت انهي ڳالهه کي اڃان به تازو ڪري ٿي،  ته سنڌ جا ڪروڙين ماڻهو اڄ به امن پيار ، محبت عاجزي ۽ انڪساريءَ واري پيغام جا پيرو ڪار آهن،  تازو جڏهن پوري ملڪ ۾ اسلام آباد کان هلندڙ مذهبي احتجاجن واري افراح تفري پوري ملڪ کي عجيب ڪيفيت ۾ بند ڪري ڇڏيو هو،  يقين ڪريو اهڙي صورتحال ۾ حيدر آباد جو صوفي ميلو سنڌ کي اها جيءُ جياريندڙ آب هوا ڏئي ويو جنهن سان لکين سنڌ واسين سان گڏوگڏ سنڌ جو صوفي ازم وارو ڪلچر به مهڪي پيو،  حيدر آباد ۾ اهڙو ميلو ڪرائي اهڙي جوت جاڳائيندڙ اهي مهان ماڻهون ايوارڊ ۽ اعزاز جا مستحق آهن،  جن پوري سنڌ کي صوفي ازم جي اها خوشبو ڏني جنهن سان پوري سنڌ مهڪي پئي آهي پر هاڻي ضرورت آهي ته اهڙا صوفي ميلا سنڌ جي هر ضلعي ۾ ٿيڻ گهرجن ته جيئن صوفي ازم جو اهو پيغام ڪنڊ ڪنڊ پهچي پاڻ کي اهو سمجهڻ ۽ انهي ارادي تي يقين رکڻ گهرجي ته سنڌ جي سڀني مسئلن جو حل يا رستو سنڌ جي صوفي ازم مان ئي نڪري ٿو،  اهو هاڻي اسان جي ارادن تي ڇڏيل آهي ته اسان انهيءَ صوفي ازم واري رستي تي ڪيترو سگهارو ڪم ڪيون ٿا جيترو اسان انهيءَ تي سگهارو ڪم ڪنداسين اوتري سنڌ انتها پسنديءَ کان محفوظ رهندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو بي رحماڻو قتل عالمي ضمير لاءِ امتحان..!!  

خادم رند ناميارو سعودي صحافي جمال خاشقجي 2 آڪٽوبر تي ترڪي جي شھر استنبول ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے