11 منگل , دسمبر 2018

جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

يار محمد شاهه

ڌرڻو هلندي ۽ ڌرڻي جي پڄاڻي تي ڪيترا سوال عدليا، فوج ۽ سياستدانن بابت عوام آڏو ميڊيا آندا؟ ميڊيا  هاڻ اسان جي ملڪ جي عوام جي حواسن تي مڪمل ڪنٽرول ڪري ڇڏيو آهي، خاص ڪري سوشل ميڊيا ته عوام جي آڪسيجن بڻجي وئي آهي، ٻار، عورتون ۽ نوجوان سوشل ميڊيا ۾ قابو آهن. اهو محسوس سڀني کي تڏهن ٿيو، جڏهن اسلام آباد ڌرڻي خلاف ٿيندڙ آپريشن  دوران فيس بڪ ۽ موبائيل ڪجهه ڪلاڪن لاءِ عوام۽ نوجوان کي سڪتي ۾ وجهي ڇڏيو، دفاعي ادارن ۽ ايجنسين ان وچ ۾ ڌرڻي وارن سان ڪامياب معاهدو ڪري، حڪومت وٽ سرخرو ٿي ۽ هر هنڌ ڌرڻو ختم ڪري، ٽي وي چينل جي ڪجهه علائقن ۾ بند ڪيل نشريات کولي عوام کي معاهدي جي معلومات ڏني، سک جو ساهه کڻايو پر اهو ڌرڻو عوام کي وڏي ڄاڻ ڏئي، وڏا سوال  پيدا ڪري ويو، خاص ڪري آپريشن تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقي جا ريماڪس ، جيڪڏهن ادارن کي سياست ڪرڻي آهي ته پوءِ ظاهر اچن، غير آئيني اختيار استعمال ڪرڻ جو کين ڪنهن چيو آهي، ڪنهن اجازت ڏني، حالانڪه ادارن گڏجي سڏجي جيڪو به ڪيو، ان مان وري به ن ليگ حڪومت جو ضامن کڄي ويو، اها ن ليگ وارن جي حڪمت عملي، يا پرڏيهي ادارا جن کي سعودي واري ڪانفرنس ۾ اسان جي ادارن کان ڪي واعدا وٺڻا هئا، يا ڪي نوان معاهدا ڪري، ن ليگ لاءِ راهه هموار ڪرڻي آهي، جنهن هاڻ چين سان ٿيل معاهدن تي هٿ هلڪو ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ ايندڙ اليڪشن کان اڳ حالتن کي معاهدن ترقيءَ جي پروگرامن کي اربين رپين جي فنڊن کي نيئن عارضي ٽن سالن لاءِ ٺهندڙ حڪومت جي حوالي ٿي ويندا، چيڪ ۽ قلم انهن جي هٿ ۾ هوندو، جهونو جوڳي سڀ ڪجهه يڪ ساهي چئي ويو.

ڪامريڊ سليم چيو ته ڌرڻي جي باهين مان ته لڳو، بينظير  جي شهادت واري رات جو منظر ورجايو پيو وڃي، قادياني فيڪٽر جنهن کي صرف هن ملڪ جي عدالت ۽ ڀٽي صاحب جي عقل سان هميشه لاءِ ڪافر قرار ڏياري ڇڏيو هيو، جڏهن ته ان وقت پاڪستان جي هر اداري تي قاديانين جو ڪنٽرول هو، ان کانپوءِ پاڪستان ميڊيا پاور ۾ آئي ته پوءِ يهودين ۽ قاديانين جي حق ۾ سڄي دينا ۾ محاذ قائم ڪرائي ڇڏيا آهن ۽ ميڊيا انهن جي حق ۾ هر هنڌ مسلمانن جي دشمن جي حيثيت  ۾ ڀرپور فنڊنگ ۽ پروپيئگنڊا ڪري رهي آهي. هن ملڪ ۾ خانه جنگي جو ماحول ڪنهن تيار ڪرايو ۽ ڪنهن ان باهه کي  وساريو،  گهرو وزير صاحب احسن اقبال الزام بدران ڳالهه ڪئي ته اهو شهيد ٿيڻ وارو واقعو به چوڌري نثار جي گهر  جي حفاظت ڪندي ٿيو، جڏهن ته فورن چوڌري نثار ترديدي پريس ڪانفرنس ڪري احسن اقبال کي قصور وار چيو، ٻئي طرف راڻا ثناءُ الله جي گهر تي ۽ ٻين وزيرن جي گهرن تي حملا شروع ڪيا ويا ۽ هاڻ ٽرمپ واري حافظ سعيد جي جي آزاديءَ تي ڌمڪي کي صورت ملڻ واري هئي ته ميڊيا بند ڪري معاهدو  ڪري پنهنجو ضامن کڻائي، عدليا ۽ ادارن کي پاڻ ۾ اٽڪائڻ وارو ڪم ڪهڙي قوتن ڪيو؟ ۽ ن ليگ حڪومت جو وري ضامن کڄي ويو، ان کي چئبو آهي ته ” پٺ ڏاڍي اٿس“ هاڻ نوازشريف ويچاري شريف ماڻهوءَ کي ميڊيا وارا ڊان چئي چئي سچو ڊان بڻائي رهيا آهن، ان ويڙهاند ۾ ڪجهه وزير، ڪجهه ميمبر هيٺ مٿي ٿيا ته وڏي ڳالهه نه آهي، پ پ  ن ليگ کي ڪا نه ڇڏيندي ۽ ايم ڪيو ايم وري وفا هميشه ن ليگ سان ئي آخر ۾ اچي ڪندي آهي، توهان ڏسندو اسان جو ڊان الطاف انگلينڊ ۾ ويهي، ڊان جي حيثيت ۾ مهاجر ميمبرن جو وڪرو ڪندو  رهندو  ۽ ن ليگ جو ريٽ سٺو ملندو آهي ته، ان وقت انهن جي به مدد ڪئي ويندي آهي. ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته اسان جي ملڪ ۾ ناموس رسالت جي عنوان ۾ جيڪا ڊراما سيريز پيش ڪئي وئي، ان ۾ به ڪجهه انسان مارجي ويا، گهر اجڙي ويا، سڄي ملڪ کي اربين  رپين جو نقصان  ٿيو۽ لکين ماڻهو دربدر ٿيا، ڪامياب ٿيو ته هڪ مولوي خادم حسين، جيڪو معاهدي ۾ پاڻ کي هاڻ علامه ٿو سڏائڻ چاهي، ۽ ادارن حڪومت جي سامهون هڪ بي مذهبي قوت  ديوار بڻائي جمهوري حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ نئون دڪان کوليو آهي، يعني هوٽل جي سامهون پان جي مانڊڻي کلي وئي آهي، يعني هن مولانا قادري شهيد جي ڦاهي کانپوءِ  جيڪو جنازي نماز جو شاندار نماءُ ٿيو، اهو به هن عالم جي تعاون سان ٿيو ۽ هاڻ شهيد قادري طرفان ڪرامتن ۽ معجزن جا قصا به ڪيئن وٽس گڏ ٿي ويا آهن ۽ دڪان سامان سان ڀرجي ويو آهي.

تڏهن موالي چيو ته ادا چوندا آهن، ”موچيءَ جا گهڙيا موچيءَ جي منهن ۾ “  هي پادر انهن کي ئي لڳي رهيا آهن، جن ٻين کي هڻڻ لاءِ هيڏو ميلو مچايو، پر معاهدي جي آخري سٽ ۾ واضح لکيل آهي ته هي سڀ ڪجهه جنرل صاحب جي تعاون سان ٿيو ۽ لبيڪ يا رسول الله جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ في فرد کي هزار رپيا رينجرز جو اعليٰ آفيسر ڏئي رهيو آهي، هنن ويچارن ته چوڻ ئي جنرل صاحب جو وٺي پر تشدد احتجاج ختم ڪري انهن سان ئي معاهدو ڪري، انهن جو ٿورو مڃيو آهي، هاڻ جيڪي ريمارڪس جج صاحب ڏنا آهن.تنهن لاءِ به چيو پيو وڃي ته جڏهن هو  وڪيل هو ته هن قادري شهيد جو ڪيس مفت ۾ وڙهڻ جي آفر ڏني هئي ۽ هينئر فوج خلاف هيڏو ڳالهائي، وري ٿو چوي، منهنجي جان کي خطرو آهي، مون کي به اغوا يا قتل ڪري سگهن ٿا، اسان کي ته ڳالهه ئي نٿي سمجهه ۾ اچي ته هيءُ سمورو ٺاهه ڪنهن جو ٺاهيل هو، فوج اسان جي ملڪ کي وري به باهه ڀڙڪڻ کان بچائي ورتو آهي، پر اسان جو ليڊر زرداري صاحب پنهنجا سڀ هٿ صاف ڪريو ويٺو آهي ۽ ن ليگ کيس گهڻو ڪجهه ڏيڻ ۽ گڏجڻ جي آڇ ڪري رهي آهي ۽ زرداري صاحب  جيڪي ڪجهه ڏسي رهيو آهي، ان ۾ سوچڻ جي اها ڳالهه آهي ته پاڻ ۽ ن ليگ گڏجي آئين م وڏي ترميم آڻي انهن ڏکوئيندڙن ۽ مداخلت جون هر طرح سان راهون  روڪي سگهن ٿا، ميان صاحب زرداري صاحب کي صلاحڪار رکي بلاول  ۽ نوجوان قيادت تيار ڪري ايندڙ حڪومت گڏجي ڪرڻ جي ڳالهه يا ڪوشش ڪري سگهن ٿا، اڳ آمريڪي ايجنڊا ئي اسان جي ايجنڊا هوندي هئي پر هاڻ تبديلي اچي وئي، غلاميءَ ۾ سڄي زندگي گذارڻ وارا هاڻ آزادي آزادي جا نعرا هڻي رهيا آهن، توهان ايم ڪيو ايم وارن جو ڪو به ڌرم، ايمان ڪونهي، توهان جي واڳ آهي ئي انهن ادارن جي هٿ، جيڪي ڏسندا ته ساهميءَ جو ڪهڙو، پر ڳرو ٿي رهيوآهي ته پنهنجو  مال به کڻي ان ۾ وجهندا، ادارن جي راند ته آهي ئي ته عوام ويڙهايو ۽ حڪمراني ڪيو، اڄ جو ميڊيا اوزار کلم کلا ۽ ادارا جمهوري ادارن سان  جنگ جوٽي  بيهي رهيا آهن. ان ڪري ايم ڪيو ايم کي جيڪي وري اڳتي هلي استعمال ڪندا، تن سان زراري صاحب وعدا وٺي ۽ ڏئي ڇڏيا آهن، ڇو ته سنڌ ۾ گرينڊ الائنس جي سکر واري جلسي ۾ الائنس ويچاري وٽ صرف زرداريءَ جي مال پاڻي جي ڳالهه هئي، جيئن عمران خان وٽ نوازشريف جي ڏوڪڙن کان وڌيڪ ٻيو مسئلو هوندو ئي نه آهي. نه  نشو نه پروگرام آ.

تڏهن مون چيو ميان وڏي ۾ وڏو مسئلو اهو آهي ته اصلي وڏا هاڻ صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله کي به هٽائڻ تائين لاهور  ۾ ڌرڻو ۽ ان کانپوءِ  اهو فارمولو هر ڪنهن ڪرپٽ لاءِ  استعمال ٿيندو. زرداري صاحب سنڌ ۾ به اهو سلسلو شروع ڪندو ۽ چوندو  ته جن ميمبرن علائقن جا ترقياتي فنڊ کاڌا آهن، زمينون هڙپ ڪيون آهن، ڪرپشن ڪئي، انهن کي  اسان به ٽڪيٽ نه ڏينداسون ۽ عوام به انهن جو گهيرو ڪري، تحريڪ لبيڪ جهڙا ڌرڻا هاڻ سنڌ ۾ ڪريا ويندا، سکر ۾ گرينڊ الائنس ۾ صرف پير پاڳاري جا مريد  80 سيڪڙو هئا، جيڪي هاڻ پنهنجون ذاتي سيٽون به کٽڻ کانپوءِ  پ پ کي ڏئي چڪا آهن، جڏهن ته قومپرست ڌرين جي آبادڪاري خلاف احتجاج ڪري ڪيترا ۽ ڪهڙا ماڻهو آڻڻ کان روڪيندا؟ ۽ ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيندا؟ پر عوام جو ڌيان اصل مسئلن تان هٽائڻ لاءِ اهڙن ڦوڪڻن ۾ هوا ڀري وري هٿ سان ڦاڙيا ويندا، اسان جي سياست سماجيت جمهوريت جو ناٽڪ لکجي مان ئي ايندو آهي ۽ اسان جي اسٽيبلشمنٽ پراڻن ۽ ساڳن ادارن کان اداڪاري ڪرائي اسان کي غم ۽ خوشيءَ جا ڊراما ڏيکاريندا  رهندا ۽ اسان هميشه تاڙيِون وڄائيندا رهنداسين

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے