15 ہفتہ , دسمبر 2018

زاهد حامد کانپوءِ راڻا ثناءُ الله جو وارو…قرباني ڪير ڏيندو، راڻا ثناءُ الله يا پارٽي؟

علي ٿهيم

تحريڪ لبيڪ يا رسولالله پاران اسلام آباد ۾ 23 ڏينهن ڌرڻو هڻي وفاقي وزير قانون زاهد حامد کي وزارت تان هٽرائڻ کان پوءِ تحريڪ لبيڪ پاران اسلام آباد کان لاهور جو رخ ڪيو آهي لاهور ۾ ڌرڻو هڻي ويٺلن پاران پنجاب جي وزير قانون راڻا ثناءُ الله کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو آهي يعني لڳي پيو ته اسلام آباد کان پوءِ لاهور ۾ پاور شو ٿيندو لاهور ۾ ڌرڻي کان سواء مسلم ليگ ن جي هڪ ڊزن جي لڳ ڀڳ اسيمبلي ميمبرن پاران به احتجاجن استيعفيٰ جو اعلان ڪيو ويو آهي مسلم ليگ ن جي ايم پي اي پير سيالوي جي اڳواڻي ۾ مسلم ليگ ن جي هڪ ڊزن جي لڳ ڀڳ اسيمبلي ميمبرن استيعفيٰ جو اعلان ڪيو ته مسلم ليگ ن جي قيادت جون وايون بتال ٿي ويون مسلم ليگ ن جي قيادت پاران ضعيم قادري کي پير سيالوي سان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو جتي پير سيالوي واضع طور چيو ته راڻا ثناءُ الله قاديانين جي حق ۾ ڳالهايو آهي هو هتي اچي معافي وٺي ۽ قاديانين کي ڪافر چوي ان کان پوءِ هن کان استيعفيٰ ورتي وڃي.

مسلم ليگ ن جي آخري پساھ کڻندڙ حڪومت جي آخرت ڏاڍي خراب نظر اچي رهي آهي ڇوته حڪومت جي آخري مهينن ۾ حڪومت جي ڪنڌ ۾ اهڙا حساس مسئلا پيا آهن جن سان نه صرف حڪومت لوڏن ۾ اچي ويئي آهي پر مسلم ليگ ن کي ايندڙ عام چونڊن ۾ وڏو سياسي نقصان پهچي سگهي ٿو. مسلم ليگ ن گذريل عام چونڊن ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ جي خاتمي جو واعدو ڪري چونڊون کٽيون پر حڪومت ساڍا چار سال ۾ بجلي جي لوڊ شيڊنگ ته ختم نه ڪري سگهي پر مسلم ليگ ن جي حڪومت جي هڪ اهڙي حرڪت جنهن کي ڪوبه مسلمان قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه ٿيندو يعني ختم نبوت قانون کي تبديل ڪرڻ ۽ قاديانين کي اسمبلين تائين پهچڻ ۾ مدد ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ حڪومت جي ان حرڪت خلاف ملڪ ۾ سخت ڪاوڙ جي لهر پکڙيل هئي حڪومت جي ان حرڪت خلاف سنڌ مان مسلم ليگ ن اڳواڻ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ارباب غلام رحيم احتجاجن مسلم ليگ ن ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي پنجاب ۾ هڪ ڊزن جي لڳ ڀڳ اسيمبلي ميمبرن احتجاجن استيعفيٰئون لکي ڇڏيون آهن ٻڌڻ ۾ اچي رهيو آهي ته اهو انگ 100 ميمبرن جي لڳ ڀڳ آهي.

پارٽي ۾ اهڙي ٽوڙ ڦوڙ واري عمل جي ڪري پارٽي قيادت ميان نواز شريف ۽ ٻيا سخت پريشان آهن ۽ هو سوچي رهيا آهن ته هن مشڪل وقت ۾ پارٽي کي ڪيئن منظم رکجي مسلم ليگ ن جي قيادت هڪ پاسي احتساب عدالت سپريم ڪورٽ ۾ ڪيسن کي منهن ڏيئي رهي آهي ته ٻئي پاسي ختم نبوت واري قانون ۾ ترميم واري اشو تي جتي حڪومت خلاف احتجاجن جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي اتي ٻين سياسي پارٽين کان سواء مسلم ليگ ن جي اندران به آواز اٿي رهيا آهن ۽ مسلم ليگ ن جي ٽڪيٽن تي چونڊيل اسيمبلي ميمبرن پاران استيعفيٰئن جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن مسلم ليگ ن جي اندروني ٽوڙ ڦوڙ جي ڪري هلندڙ تحريڪ کي وڌيڪ طاقت ملي آهي.

تحريڪ لبيڪ پاران زاهد حامد جي استيعفيٰ ته تحريڪ لبيڪ جي احتجاج کان پوءِ ڏياري وئي پر پنجاب جي وزير قانون راڻا ثناءُ الله جي استعفي لاءِ مسلم ليگ ن جي اسيمبلي ميمبرن پاران مطالبو ڪيو ويو آهي ۽ مسلم ليگ ن شروع ٿيل اندروني ويڙھ نواز شريف جي پريشانين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي ميان نواز شريف وفاقي وزير قانون زاهد حامد جي استعفي واري مسئلي تي حڪومت کان ناراض آهي چون ٿا ته ميان صاحب وفاقي گهرو وزير احسن اقبال کان به سخت پڇاڻو ڪيو آهي ته اسلام آباد ڌرڻي وارن سان معاهدي ۾ عسڪري قيادت کي ڇو شامل ڪيو ويو معاهدي ۾ عسڪري قيادت جو ذڪر ڇو ڪيو ويو وغيره ميان صاحب وفاقي حڪومت تي ته سخت نالان آهي پر هاڻي مسئلو سندس هوم سٽي لاهور ۾ ٿيندو سندس پارٽي ۾ ٿيندو هن وقت زاهد حامد کان پوءِ راڻا ثناءُ الله جي استيعفيٰ جو مطالبو زور وٺي چڪو آهي راڻا ثناءُ الله جي استعفي لاءِ نه صرف تحريڪ لبيڪ مطالبو ڪري رهي آهي پر مسلم ليگ ن مان به راڻا ثناءُ الله جي استيعفيٰ لاءِ آواز بلند ٿي رهيا آهن ۽ اهي آواز ايترا سگهارا آهن جو نواز شريف ۽ شهباز شريف ان مطالبي کي نه مڃيو ضد ڪيو ته تحريڪ لبيڪ ته پنهنجي جاءِ  تي پر مسلم ليگ ن جي رڌڻي ۾ رولو پئجي ويندو اسلام آباد وارو گهوٽالي ته پاڪستان آرمي ٽاريو پر لاهور واري گهوٽالي مان شريف فيملي ۽ پنجاب حڪومت ڪيئن ٿي منهن ڏي ڏسڻو آهي ته شريف فيملي راڻا ثناءُ الله جي قرباني ٿي ڏي يا پارٽي جي ۔۔۔۔۔ ؟

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنهنجي مادري ٻولي ۾ اڳتي وڌڻ سان ئي ترقي آ

ڊاڪٽر طلحه قريشي ڪنهن به انسان جو ادب ۽ فن سان لاڳاپو هڪ قدرتي عمل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے