10 پیر , دسمبر 2018

سرويچن جي سرويچي

شهباز پيرزادو

قتل لفظ ٻڌڻ سان ئي اسان سڀني جي دلين جي ڪينواس تي پريشانين جا نقش ظاهر ٿي پوندا  آهن، ها تڏهن اهي ساڳيا نقش سڄي سنڌ جي ماڻهن جي دلين جي ڪينواس تي ظاهر ٿيا هيا جڏهن پهرين ڊسمبر 2014ع تي ڀٽائي جي فقير لطف پيرزادي جو ڳاڙهي ڳڀرو پٽ سرويچ پيرزادي جو چچريل لاش ويرانين مان مليو، اهو لاش فقط لطف پيرزادي جي پٽ جو نه هيو البته سڄي سنڌ جي شعور يافته نوجوانن جو لاش هيو جيڪي ٿوري به سمجهه رکن ٿا ۽ وٽن پنهنجي قوم لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو جذبو موجود آهي سرويچ جو لاش انهن سڀني نوجوانن ڏانهن خاموش پيغام به هيو ته هن ملڪ اندر شعوري ماڻهن جون زندگيون هيئن کسيون وينديون آهن ..

الا ڏاهي م ٿيا ، ڏاهيون ڏک ڏسن

مهين جي دڙي جي ڪک ۾ جنم وٺندڙ ڀٽائي جي فقير لطف پيرزادي پنهنجي اولاد سان دوستاڻا ناتا رکندي کين سچ ۽ حق مٿان قربان ٿي وڃڻ درس ڏنو ۽ اهو سندس عظيم تربيت جو نتيجو ئي هو جو سندس ڳاڙهو ڳڀرو پٽ سرويچ محبوبا جي زلفن ۾ هٿ ڦيرڻ واري عمر ۾ جام شهادت نوش  ڪيو ۽ هميشه لاءِ امر ٿي ويو .

ٻلهڙيجي جيڪا صوفين، فقيرن ، ادبين ، شاعرن، سنگيت پريمن،۽ صحافين جي ڳوٺ طور تي پنهنجي هڪ منفرد سڃاڻپ رکي ٿي ڀلا ان ڳوٺ جي نوجوانن ۾ دهشتگريءَ واري لهر اڀرڻ جو ڪو امڪان آهي ، اهو ڳوٺ جتي ڪڏهن به خوني جهيڙا جهڳڙا نه ٿيا آهن ، جتي ڪو مذهبي فساد نه ٿيو آهي ، جتي ڪو وڏيرڪو نظام ناهي ، جتي هٿيار ڪلچر ڪونهي ان ڳوٺ جي نوجوان کي آفيس مان واپس ايندي اغوا ڪري بنا سبب يا ڏوهه ڄاڻائڻ جي 80 ڏينهن ۽ راتيون تشدد ڪرڻ بعد گوليون هڻي يعني قتل ڪري ويرانيءَ ۾ ڦٽو ڪيو ويو.

پهرين ڊسمبر 2017ع تي شهيد سرويچ پيرزادي جي ٽين ورسي آهي . يعني سندس شهادت کي ٽي سال پورا ٿيا آهن پر سندس ٿيل حادثو سندس فيملي ۽ اسان دوستن لاءِ اڄ به تازو آهي . سندس شهادت تي اسان جي پوري ڳوٺ کي ڏک به هيو ته ساڳي وقت ڀٽائيءَ جي فقير لطف پيرزادي جي بهادريءَ ماڻهن کي اچرج ۾ به وجهي ڇڏيو هيو،  هو هر منظر تي شاهه جا بيت پڙهي پوري ڳوٺ سميت سڄي دنيا کي پيغام ڏئي رهيو هيو ته سرويچن جا والد مايوس ناهن ٿيندا، پر جوان پٽ جو لاش پنهنجي ڪمزور جسم جي ڪلهن تي کڻڻ سان کين نئون جيون ملندو آهي .

اسان جي ڳوٺ ۾ اهڙي قسم جو واقعو اڳ ڪڏهن نه ٿيو آهي باقي آمرن سان مقابلي ۾ اسان جو ڳوٺ گهڻي عرصي کان رهيو آهي ، ڪنهن زماني لطف پيرزادي به 15 ڪوڙا کاڌا هيا پر به پنهنجي جيل واري کوليءَ تي اسٽيڪچر تي سمهڻ بدران پيادل پهتو هيو ، بنگلاديش ۾ هلندڙ آزاديءَ جي تحريڪ دوران پيل آيل واقعي جي پس منظر اسان جي ڳوٺ جي دانشور انور پيرزادي پنهنجي دوست کي خط لکي واضع چيو هيو ته بنگال سان ظلم ٿي رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ کيس ڪورٽ مارشل ڪري قيد ڪيو ويو.

هيءَ بهادري ۽ حقيقت پسنديءَ وارو عنصر سرويچ کي به پنهنجي وڏڙن مان مليو  پر سندس قربانيءَ جو دامن تمام وڏو ٿي ويو .

اسان جي ڳوٺ جي ماڻهن سان ٿيندڙ انياءَ جو سلسلو سرويچ جي شهادت کان پوءِ به بند نه ٿيو وري سندس ٻي ورسيءَ جي موقعي تي کيس ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪوٺايل پروگرام بعد اسان جي ڳوٺ تي چڙهائي ٿي ۽ ان پروگرام جي صدارت ڪندڙ شاگرد اڳواڻ حفيظ پيرزادو کي تشدد ڪري کيس ڄنگهه ۾ ڪلاشن جي گولي هڻي بيحال ڪرڻ بعد کنڀيو ويو جنهن بعد سموري ڳوٺ جون عورتون ، ٻار، پوڙها توڙي پڪا لاڙڪاڻي شهر پهچي مک چوڪ تي ڌرڻو هڻي ويٺا ۽ ٻي ڏينهن تي سندس گرفتاري ظاهر ٿي ، سندس ڪيس ڪورٽ ۾ هليا سڀني ڪيسن مان باعزت بري ٿيو پر ڊيوٽي اٽڪاءَ جي ننڍڙي ڪيس ۾ کيس 37 سال قيد ۽ اڍائي لک روپيه ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي …. ان کان پهريان به اسان جو ڳوٺ جي نوجوان احمر پيرزادو کي ڪراچيءَ مان گرفتار ڪيو ويو هيو جيڪو پڻ اڄ ڏينهن تائين جيل ۾ آهي ..

سو چوڻ جو مقصد صرف اهو آهي ته اسان جا ادارا پنهنجي اصل دشمن کي سڃاڻڻ ۾ ناڪامي ملڻ کان پوءِ پڙهيل لکيل ماڻهن کنڀي ، سزائون ڏئي ، يا چچريل لاش ڏئي پنهنجي مقصد جي ڪاميابي جو جشن ملهائي رهيا آهن، پر حقيقت ائين ناهي، کين اهو سمجهڻ گهرجي ته مخالف سياسي نقطئه نظر کي به حقيقت سمجهي برداشت ڪرڻو پوندو.

سرويچ پيرزادي جي گمشدگيءَ وقت ڪافي خبرون ڇپيون ، رپورٽون هليون ، مظاهرا ٿيا ، ايڊٽيوريل ۽ ڪالم لکيا ويا ، ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي وئي ، هر قانوني قدم کنيو ويو پر سرڪار سڳوري جي ڪن تي ڪا به جوءِ ڪانه چري ۽ ايشئن هيومن رائٽس ڪميشن کي لکيل جوابي رپورٽ ۾ سرويچ کي بازياب ڄاڻايو ويو جڏهن ته سندس لاش مٿان سندس امڙ جا سڏڪا  اڄ به منهنجي ڳوٺ جي ڳلين ۾ چٽا ٻڌجن ٿا .

شهيد سرويچ جي ٽين ورسيءَ جي موقعي تي کيس سلام پيش ڪجي ٿو. جنهن بهادري ڏيکاري ڪسڻ قبوليو پر قول نه ڦيرايو، ساڳي بهادري تنهنجي جسماني ڪمزور  ۽ ذهني طور ارڏي ارڏي والد به ڏيکاري تنهنجو رت ۾ لت پت لاش تنهنجي پيءُ شاهه سائين جي بيتن ۾ وصول ڪيو هيو ۽ تنهنجي شهيد ٿيڻ جو ڏوهي به هن شاهه جي رسالي کي ٺهرايو هيو . مطلب تنهنجو جهڙو نانءُ آ اهڙو ئي خاندان، ۽ جنهن قوم جي سرويچ  پٽن جا والد به سرويچ ٿين  ان قوم کي ڪير ڌرتي جي گولي تان مٽائي نه ٿو سگهي .

وٺي هر هر جنم وربو ،مٺا مهراڻ ۾ ملبو

ختم اونداهه ٿي ويندي ، چٽيءُ چانڊاڻ ۾ ملبو

هي به ڏسي سگهو ٿا

اها ڪا نئين ڳالهه ته ڪونهي

نذير  سومرو اسان وٽ ڪا به سائنسي ڳالهه، دليلن سان ڪيل ڳالهه، علمي ڳالهه ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے