18 جمعرات , اکتوبر 2018

ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ واري تاريخ ۾ 15 ڏينهن جي واڌ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) حڪومت ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ واري تاريخ ۾ وڌيڪ 15 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب انگم ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ واري تاريخ 15 ڊسمبر 2017ع تائين وڌائي ڇڏي آهي. جڏهن ته گوشوارا جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ اڄوڪي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گوشوارا جمع ڪرائڻ واري تاريخ ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن اڄ رات جاري ڪيو ويندو. ان کان اڳ به حڪومت ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ ڪري چڪي آهي. واڌ جو مقصد وڌ کان وڌ ٽيڪس ادا ڪندڙ کي ٽيڪس گوشوارا جمع ڪرائڻ جو موقعو ڏيڻ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ مڪمل امن تائين آمريڪي فوج جي واپسي نه ٿا چاهيون: ڊاڪٽر فيصل

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے