15 ہفتہ , دسمبر 2018

ڀارتي شهر امرتسر جي جيل ۾ ننڍڙي پاڪستاني ٻار جي قيد هئڻ جو انڪشاف

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر امرتسر جي جيل ۾ ننڍڙي پاڪستاني ٻار جي قيد هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي اختيارين طرفان نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي آگاهه ڪيو ويو آهي ته 17 مئي تي هڪ ٻار کي گرفتار ڪيو ويو جيڪو امرتسر جي جيل ۾ قيد آهي، ننڍڙي عمر وارو ٻار ڳالهائڻ ۽ ٻڌڻ وارين صلاحيتن کان محروم آهي. پاڪستاني هاءِ ڪميشن کي ٻڌايو ويو ته ٻار قائد اعظم محمد علي جناح جي تصوير کي ۽ پاڪستاني ڪرنسي کي سڃاڻي ٿو. پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي اختيارين اسلام آباد ۾ گهرو وزارت جي اختيارين کي چيو آهي ته هو ڀارتي جيل ۾ قيد پاڪستاني ٻار جي ماءُ پيءُ کي ڳولهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے