10 پیر , دسمبر 2018

نوٽ بُڪ جا ورق: جاڏي پير تاڏي خير-34:آدرش

جيڪب آباد وڃڻ لاءِ مان لکيدر تي آيم. جتي هوٽل تي سائين ضياءُ شاهه  منهنجي اوسيئڙي ۾ ويٺو  هو. اسان ٻئي ڄڻا گهنٽا گهر وٽان هڪ چنگچيءَ ۾ چڙهي، رستم چوڪ تي آياسون، جتي گاڏي اچڻي هئي. اسان گاڏيءَ وارن لاءِ هڪ شيخ جي هوٽل ۾ وڃي ويٺاسون.

***

هن ملڪ ۾ ماڻهو تيستائين امير نه ٿو ٿي سگهي، جيستائين حرام جو هڏو نه ٿوکائي، دونمبري نه ٿو ٿئي، فراڊ نه ٿو ڪري، حلال مان ڪمائيءَ تي گهر جو گاڏو به نه ٿو هلي سگهي. گهر جيڏو وڏو گڏهه گهُه ڪري بيهي رهي ٿو.

اسان وٽ رشوت ڄڻ قانوني حيثيت ڪري وئي آهي. حديث شريف آهي ته ” رشوت وٺندڙ ۽ ڏيندڙ جهنمي آهن“  رشوت ٽوڙ کاتي ان کي ضعيف حديث ڄاڻائي، ترميم ڪري ڇڏي آهي ” رشوت  وٺندڙ جنتي، رشوت نه ڏيندڙ جهنمي آهي“ ان ڪري کاتي وارن ائنٽي لفظ کي ليڪ ڏئي ڇڏي آهي.

اسان وٽ ايماندار هڪ اهو شخص آهي جيڪو ڊڄڻو آهي، ٻيواهو  آهي جنهن کي  سڻڀي ڪرسيءَ بدران سڪل ڪرسي آهي.

***

ناميارو ليکڪ سراج صاحب ايمانداريءَ  جو مجسمو ٺهيل هو، انعام مان مليل سندس ڀائٽي ان کي روس ۾لينن جي مجسمي وانگر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو. هن نوٽن جو اهڙو سڌ سماءُ لڌو جو پيٽيون ڀرائڻ سکي ويو.

منهنجو ڳوٺائي دوست ۽ شاعر زبير سومرو ان دلبر سان، حيدرآباد جي هڪ اسڪول ۾ هڪ بئنچ تي ويهي گڏ پڙهيو آهي.

هڪ ڏينهن زبير ميان کي کلندي چيم ” يار ! هو دلبر گڏپڙهيو ٿي، ايڏيون نوٽن جون پيٽيون ڇاڪندو؟ هڪ ننڍڙي پيٽي تون به وٺيس، توکي ضرور ڏيندو“.

زبير ميان کلي چوڻ لڳو ” سائين! توهان به ڪڏهن ڪڏهن بادشاهي ڳالهيون ڪندا آهيو. پئسا ته پري جي ڳالهه آهن. شل هو سڃاڻي ڪري هٿ ڏئي ته لک کٽيم“.

***

هوٽل جو مالڪ وڏيرو سڏبو آهي. ڪالهوڪو ڏينهن آهي ، هڪ همراه وٽ، جنهن جي ڀاءُ کي اڃان ڄام  صادق عليءَ اڇي ڪاري جو مالڪ نه بڻايو هو. اوڏن جهڙي کٿل ٽوپي پائي، ڳيرا ماريندڙ ڇري واري بندوقڙي کنيو بيٺو هوندو هو. اسان جي اوطاقن اڃا ”هائوس“  جو لقب اختيار نه ڪيو هو. ڪانو لنوندا هيا به ڪو مهمان ليئو نه پائيندو هو.

هڪ سج ٻه  پاڇا. ڄام  صادق عليءَ هنن جا ڏينهن ڦيرائي ڇڏيا. ڪانو هليا ويا ماڻهن لامارا ڏين شروع ڪيا، بندوقڙيءَ بدران ڪلاشنڪوف ڪلهي واري جاءِ والاري ورتي. هي همراهه به ٺهي پيو. مالڪن جي ٽيڪ تي اونڌا سنوان ڪم ڪري مال مڏي ٺاهي ورتائين. ايسٽيٽ ايجنسي کولي ”رام رام جپنا، پرايا مال اپنا“ تي ٺاهوڪو عمل ڪيائين. فراڊن سان فردوس برين ۾ به زمين ٽڪر وٺي ڇڏيائين.

همراه جو من ايڏو وڌي ويو جو ڪرسچين ٽرسٽ وارن جي قديم ”سر هنري هالينڊ اسپتال“ جا ڪاغذ پٽ، جوڙ توڙ ڪري، پنهنجي نالي ڪرائي، پنهنجي ڏاڙهي مُڇ تي هٿ گهمائي، پنهنجي اوطاق ۾ جنگ کٽندڙ ڪنهن  جرنيل وانگر ٽهڪ ڏيڻ لڳو.

بسم الله ڪري ڪم ۾ هٿ وڌائين. جوان جاڳي پيا، ڦٻي نه سگهيو، شهر جي گهڻگهرن، ليکڪن ۽ سماجي ڪارڪنن، نعرا هڻي، ڪورٽ ۾ ڪيس وڌو. گراهه همراهه جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيو.

جيئن پنجاب جي شهر خيرپور ٽامي والا جي همراهن 99 سالا ڪيس جو ٻه مهينا اڳ ڪيڪ ڪٽيو. شڪارپور واسي هونئن به  پوئتي نه هوندا آهن. گوءِ کٽي ويندا آهن. اسان سئو سالاجشن ملهائي. ڪيس جي مٺائي کائينداسون.

***

اسان جي بئري کي چيل چانهه نه آئي. پر گاڏي آئي. چانهه حرام ٿي وئي. سائين ضيا شاهه کي گاڏيءَ  ۾ آيل گهوٽ فون ڪئي. اسان تڙتڪڙ ۾ هوٽل مان اٿي ، ٻاهر نڪتاسيون. سامهون واري پئٽرول پمپ اڳيان ڪار بيٺي هئي.

ڪار ڀرسان ڪميونسٽ اڳواڻ بيٺو هو. وڏيون مڇان، ڏاڙهي ڪوڙيل، وارن جي بهار مان ڇا ڄاڻي گنجو، صفا انڪل سرگرم لڳي رهيو هو. هن سان ٻيلهه ۾ هڪ  ٽالپور مير به هو.

اسان هنن سان ملياسون. مون  کي ملي خوشي نه ٿي، انڪل سرگرم اڳئين سيٽ  تي ائين ويٺو ڄڻ  ٻين عظيم جنگ کٽندڙ روسي حڪمران جوزف اسٽالن هجي.

اسان ٽيئي پوئين سيٽ تي ويٺاسون. ڊرائيور گاڏيءَ ۾ گيئر وجهي اڳتي وڌايو. شهر پوئتي رهجي ويو. بيٺو اتي ئي هو.

گاڏي اندر خوش خير عافيت جا رٽيل جملا بي دليءَ سان  ڦٽاڪو نه ڪندڙ ڦٽاڪن  وانگر ، هڪ ٻئي ڏانهن اڇلايا پئي ويا. ڪچهري مزو نه پئي ڪري جو طبيعتون هڪ ٻئي سان ڪونه پيون ملن. طبيعت نه ملڻ وارن ماڻهن جو حال، اس تي گهڙا منجيءَ تي رکيل خالي دلن وانگر هوندو آهي.

***

پاڻ جنهن سان لڳي، ان مٿان سر قربان ڪرڻ وارا. گيهه به يارن سان، وهه به يارن سان تي عمل ڪندي، اڄ وهه جو وٽو پيئڻو پيو.

ان ڪري سرگرم فون  پيرائڻ شروع ڪئي. هو اهو هفتو ليڪچر ڏيڻ نڪتو هو، ائين جيئن تبليغي جماعت وارا چلي تي نڪرندا آهن، اهي نماز جي تلقين ۽ آخرت جي ڀو ڏيڻ جون هڙان ٻڌي نڪرندا آهن، هي يار انهن جي ابتڙ، رهيو کهيو، ايمان چٽ ڪرڻ لاءِ نڪتو هو.

هن فون تي ” ڪامريڊ“  ” ڪامريڊ “ جون ڄڻ  گوليون هلائڻ شروع ڪيون مون کي منڍ کان ”ڪامريڊ“، ”ساٿي“، ”پيارا“ ۽ ”وڏا“ لفظ ڪونه وڻندا آهن. اهي اوپرا ۽ هٿ ٺوڪيا لفظ آهن.  جيڪو موه ۽ پنهنجائپ ” سائين“ ” ادا“ ” يار“  ” ابا“ ” من “ ” مٺا“ ۽  ” دلبر“   لفظن ۾ آهي، ان جي خوشبو پنهنجي آهي. انهن ۾ پنهنجائپ، احترام ۽ محبت سموريل آهي. وڻندڙ موسيقي پويل آهي. جڏهن سنڌي ماڻهو دل سان ” الله سائين“  چوندو آهي ته الله به خوش ٿيندو آهي.

مان گاڏيءَ جي دريءَ مان پوئتي ڀڄي ويندڙ پوک، ٿنڀن ۽ وڻن ٽڻن کي ڏسندي، پنهنجي من اندر جي دنيا ۾ هليو ويم.

جيڪب آباد ۾ ڀائي بند گهڻا آهن. واپاري آهن نه ڏين نه ڏکائين، خير جي ڪمن ۾ هٿ ونڊائڻ.

ڊاڪٽر ڌرم پال ليکڪ هو، مضمون لکندو هو. اڌرات جو هڪ سڏ تي اٿي اچي. پر  اهڙن  ماڻهن جو اسان قدر ڪرن سکيوئي ناهي. نيٺ سنڌي ڪلام ”  بي قدرا ! قدر نه ڪيهءِ تو “  جهونگاريندو، هندوستان هلي ويو. گوپال پروانو ڪهاڻيون لکندو هو. هو ديهانت ڪري ويو. هن جي ڪهاڻي ڪتاب ” عشق نه آهي راند“  کي اڏوهي کائي وئي.

***

سنڌي ادبي سنگت ۾ انتظام مڇگري سٺو  ڪم ڪرڻ لڳو، لکڻ لڳو پرائمري استاد جو آرڊر  مليس ٻار پڙهائي، علم جا ڏيئا ٻارڻ لڳو.

همراهه يونين  ۾ آيو، مرڪزي اڳواڻن ٿيو، کانچا هڻڻ سکيو، مالا مال ٿي ويو، سندر خان بڻجي ويو. سائيڪل جي ڦيٿي کي پير سان بريڪ هڻي بيهارڻ وارو، ڪرولا ڪار ۾ چڙهيو ته اديب ۽ سنگت کان اکيون ٻوٽجي ويس، علم جا ڏيئا هوا بدران ، هن يار ڦوڪان ڏئي وسائي ڇڏيا.

***

دادوءَ جي جادوگر گل محمد چنا ٻه ٽي سال جيڪب آباد جا وڻ وسايا، هو نيشنل بئنڪ  آف پاڪستان ۾ مئنيجر ٿي رهيو.

هن ستر جي ڏهاڪي ۾ هڪ ناول ” پيار ۽ پڇتاءُ“  لکيو هو. گاج پبلڪش دادو پاران سهڻي ٽائيٽل سان ڪرائون سائيز م ڇپيو هو، ٿر جي پس  منظر ۾ هڪ بئنڪر ۽ ڪارڙي  ڇوڪريءَ  تي لکيل پيار ڪهاڻي هئي. مون ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ پڙهيو هو. ڏاڍو وڻيو هو.

ناول جو ٻيو ڇاپو  روشني پبليڪشن ڇپايو، مون ڪونه پڙهيو. ماڻهوءَ جي عمر سان گڏ ذهني واڌ  ٿئي ٿي. ان ۾ اڳ ڏٺل  شين کي ٻيهر ڏسڻ سان قائم ٿيل تصور ٽٽي پئي ٿو. مان پراڻا پڙهيل ڪتاب ٻيهر پڙهي ، انهن جو ذهن جي ڪنڊ ۾ ٺهيل خاڪو ۽  رهيل تاثر وڃائڻ نه چاهيندو آهيان.

گل محمد چنا  گور ۾ آهي. دادو واسين کان خواب وانگر  وسري ويو آهي.

***

 

ٻين ملڪن جي فوج ملڪ لاءِ هوندي آهي. اسان وٽ ابتڙ آهي.

اسان جنگ اها ڏٺي آهي جو بنگالين کان پاڪ ڪري پاڪستان ٺاهڻ مهل هڪ سپهه سالار  چيو هو ”  ڍاڪا ۾ داخل ٿيندڙ هندوستاني ٽينڪون، منهنجي لاش مٿان گذرنديون. ان جي ٻئي ڏينهن  ان سپوت، جنگ جي ميدان ۾ مرڪندي جنرل اروڙا اڳيان، سيس نمائي، پنهنجو ريوالور گولين سوڌو، خدمت ۾ پيش ڪيو هو.

ااسان جي مرد مجاهدن جنگ ڪرڻ بدران ملي نغما کوڙ لکيا آهن ” اي وطن ڪي سجيلي جوانو!  ميري نغمي تماري ليئي هين“

******

ويهه ورهيه اڳ روس ملڪ جو جيڪو شناختي ڪارڊ هو، ان ۾ مارڪس، اينگلس ۽ لينن  جا فوٽو هيا، ڪارڊ  جو رنگ ڳاڙهو هو، سڃاڻپ جي نشاني  ڏاٽو ۽ هٿوڙو هيا.

مذهب جو خانو  ڪونه هو، جو اتان لاءِ مذهب آفيم هو، ڏس پتو لينن گراڊ هو، گهنٽا گهر  بدران لينن جو مجسمو هو.

اڄ شناختي ڪارڊ ۾ گوربا چوف ۽ پيوٽن جا فوٽو آهن. ڪارڊ  جو رنگ عالمي منڊيءَ  جهڙو آهي. سڃاڻپ جي نشاني عورت جو جسم آهي. مذهب جي خاني ۾ روسي آرٿو ڊاڪس ۽ عيسائي لکيل آهن، ڏس پتو پيٽرسبرگ آهي. لينن جي مجسمي جو نالو نشان ناهي.

گورڪيءَ جي ”ماءُ“  دربدر آهي. روسي زرينا، تانيا ۽ نتاشا وغيره جا شيشي  جهڙا جسم ڦاروَن جي اگهه ۾ وڪامجي رهيا آهن.

مذهب، سياست ۽ اقتدار جي حوس ۾ جيڏو انسان انسان کي ماريو آهي،ايڏو ڌڻي سڳوري به ڪونه ماريو آهي، تاريخ پڙهڻ سان پڙهندڙ جا هٿ رت ۾ ٻڏي وڃن ٿا. ڪتاب  پورو ٿيڻ کان پوءِ ايئن لڳي ٿو ڄڻ  جنگ مان موٽندڙ گهوڙي مٿان مئو پيو آهي.

***

ڪنهن ڳوٺ جي ننڍڙي مسجد جي نيڪ دل پيش امام جهڙي سونهاري رکندڙ ولاديميئر لينن روس ۾ آڪٽوبر انقلاب آندو. لڳ  ڀڳ 70 ورهيه پڄاڻان مرچائي پڪوڙو لڳندڙ ميخائيل گوربا چوف انقلاب کي ڊاهي پٽ پڌر ڪري، ”خس ڪم جهان پاڪ“ جي تصوير بڻائي ڇڏيو.

***

جنگ جن ڏٺي سي روسي آهن، جنگين ۾ ٽن ڪروڙن کان مٿي هنن  جا ماڻهو  مارجي ويا. انيڪ شهر تباهه ٿي ويا.

ٻئي جنگ عظيم ۾ هٽلر کي شڪست ڏئي، جوزف اسپتالن کٽي هئي. ان ۾ روس جو هڪ شهر منيسڪ جو ڪو گهر جرمن بمباريءَ کان ڪونه بچيو هو، سڄو شهر کنڊر بڻجي ويو هو. روس ۾ چيو ويندو هو ته منيسڪ ۾ رهندڙ ڪنهن گهر جو هڪ ڀاتي به بچيو هجي ته ان کي ڏسڻ گهرجي.

***

روسين لاءِ چيو ويندو آهي ته هنن جيڪي ڏک ڏاکڙا ڏٺا، ظلم سٺائون، سخت موسمن کي منهن ڏنائون ته ان ۾ هنن جو وڏو سهارو سندن ڪوڙاڻ ڀريل شراب جنهن کي هو ”ووڊڪا“ سڏين ٿا، هيو. جنهن هنن جو غم مٽايو ۽ هر سور سهي ويا.

اسان جو هڪ اڳوڻو شريف وڏو وزير  ادا اديءَ جا غم غلطان ڪرڻ لاءِ نيراني  ڀنگ  جو ڪونڊو، منهن تي چاڙهيندو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے