15 ہفتہ , دسمبر 2018

ڪتاب: ”اسڪولي لسانيات“ جو تنقيدي جائزو:ڊاڪٽر الطاف جوکيو

حصو ٻيون ۽ آخري

سبق نمبر 3

هي سبق ’اعراب‘ تي مبني آهي. ليکڪ لکي ٿو ته: ”اعراب هڪ اهڙي نشاني آهي، جيڪا سُر ۽ وينجن ۾ حرڪت پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي. اعراب جي هڪ خاصيت اها به آهي ته جڏهن ڪا به اعراب سُر تي ايندي آهي ته سُر مٽجي وينجن ٿي پوندو آهي.“

ڇا چئجي يا لکجي! اهڙا جملا ته خود مسئلو آهن جن تي جيڪر ويهي نئين سري سان ڪتابَ لکجن. ”اعراب هڪ اهڙي نشاني آهي، جيڪا سُر ۽ وينجن ۾ حرڪت پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي.“ ڪاش ليکڪ يا ڪتاب جو ايڊيٽر اکين سامهون هجي ته جيڪر هٿ ادب جا ٻڌي کيس ٻڌائجي ته ’اعراب، پاڻ سُر (Vowel) کي ظاهر ڪرڻ جي هڪ علامت آهي. ’سُر‘ ئي حرڪتي آهي، جيڪو ’وينجن‘ سان ملي حرڪت پيدا ڪندو. ’وينجن‘ (Consonant) کي حرڪت ڏيڻ وارو ئي سُر (Vowel)چورائيندو آهي، جنھن کي صورتخطيءَ جي دائري ۾ ’اعراب‘ چيو ويندو آهي.

”اعراب جي هڪ خاصيت اها به آهي ته جڏهن ڪا به اعراب سُر تي ايندي آهي ته سُر مٽجي وينجن ٿي پوندو آهي.“ هن جملي ۾ وري عجيب مشڪري رچايل آهي. يعني ليکڪ جو چوڻ آهي ته ’جڏهن ڪنھن به سُر (Vowel) تي اعراب (Diacritical Mark) لڳائبي ته اهو سُر (Vowel) مٽجي وينجن (Consonant) ٿي ويندو. شايد اڳتي هلي دنيا جو ڪو اهڙو ماهر تعليم يا ٻوليءَ جو ماهر پيدا ٿئي، جيڪو اهو لھڻ ۾ ڪامياب ٿئي ته ’اعراب لڳائڻ سان سُر، وينجن ۾ تبديل ٿي ويندو‘، في الحال اها ڳالهه غير سائنسي آهي.

ليکڪ زبر لاءِ لکيو آهي ته: ”زبر کي عربيءَ ۾ ”فتح“ چئبو آهي، جنھن جي معنى آهي ”مٿي“. زبر ڏنل اکر مفتوح چئبو آهي. هن اکر جو اچار ”الف“ جهڙو ٿيندو آهي.“

ڄاڻ هجڻ گهرجي ته ’الف‘ هڪ اکر آهي، آواز ناهي. ان جو استعمال صورتخطيءَ ۾ ٻن اندازن سان ٿيندو آهي، هڪ: وينجن (Consonant)، ٻيو: سُر (Vowel) جي صورت ۾، جيئن:

وينجن (Consonant): اَکِ (هن ۾ الف، وينجن جي نمائندگي ڪري ٿو.)

سُر (Vowel):  ٻارُ (هن ۾ الف، ڊگهي سُر (Long Vowel) جي نمائندگي ڪري ٿو.)

ان معيار بعد ليکڪ ڪهڙي اکر لاءِ لکي ٿو ته ان جو اچار ’الف‘ جهڙو ٿيندو؟ ساڳيو حشر، زير ۽ پيش سان ڪيل آهي. اهڙي قسم جون ڳالهيون هوائي آهن، استادن توڻي شاگردن لاءِ گمراه ڪندڙ آهن.

سبق نمبر 4

هي سبق ’آوازن جا قسم‘ بابت آهي. وينجن (Consonant) لاءِ لکيو اٿس ته: ”اهڙا آواز جيڪي اچارڻ مھل وات واري کوپي ۾ هوا جي لنگهه کي روڪي پوءِ نڪرن انهن کي وينجن چئبو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ 49 اکر وينجن لاءِ مقرر آهن. “ (هتي ’ا، و ۽ ي‘ کان سواءِ سڀ اکر ڏنا ويا آهن)

وينجن جي وضاحت مناسب آهي، البت اکرن بابت عرض ڪندم ته: سنڌي پٽي/ آئيويٽا ۾ 52 اکر آهن، جيڪي سڀ جو سڀ وينجن ۾ شمار ٿيندا. البت، الف ۽ همزو هڪٻئي جا نعم البدل آهن، جيڪي صورتخطيءَ ۾ الڳ ڪم آندا ويندا آهن. ان خيال کان سنڌي پٽي/ آئيويٽا ۾ ڪل 51 وينجن آواز آهن.

ليکڪ، ’ا، و ۽ ي‘ کي صرف سُرن ۾ شامل ڪري ٿو يا سُرن جي نمائندگي ڪندڙ سمجهي ٿو، جيڪو مناسب ناهي. ان لاءِ کيس وري ڪن ڪتابن يا استادن جي رهبري وٺڻي پوندي.

سُر، لاءِ لکيو اٿائين ته: ”اهڙا آواز جيڪي اچارڻ مھل نڙيءَ يا وات واري کوپي مان بنا ڪنھن رڪاوٽ جي اچاريا وڃن، انهن کي لکيل صورت ۾ ”سُر“ چئبو آهي. ا- و- ي بنيادي حرف يا اکر آهن جن جي مدد سان آ- اي- اِي- اَي- او- اَو- اِو- اُو- اَئُو وغيره سر ٺاهيا ويندا آهن.“

’اِو ۽ اَئُو‘ الائي ڪهڙا سُر آهن، جيڪي لکيل صورت ۾ لکيا ويندا آهن ۽ ٺاهيا ويندا آهن؟

هي ته Blunder بدران Blender ٿي ٿو وڃي. دماغ ئي چڪرائجي ٿو وڃي ته اهي وري ڪھڙا سُر دريافت ٿيا آهن جيڪي اسان ڪڏهن نه ٻڌا، نه ڏٺا!

’سُر جي ورهاست‘ جي عنوان ۾ لکيو اٿس ته: ”سُر آوازن کي ٻن حصن مفرد سُر ۽ مرڪب سُر ۾ ورهايو ويو آهي. مفرد جي معنى آهي اڪيلو يا هڪ. اهڙا اکر جن مان رڳو هڪ آواز ٻڌڻ ۾ اچي ان کي مفرد سُر چئبو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ اهي ٽي بنيادي اکر سُر جا آهن. مفرد سُر جا اکر: ا- و- ي.“

هي ’ا، و ۽ ي‘ ته حرف علت (Vowel Letter) آهن، جيڪي صرف ۽ صرف صورتخطيءَ پٽاندر ’ڊگهن سُرن‘ جي نمائندگي ڪندا آهن. ان کان سواءِ اهي ’وينجن‘(Consonant) به آهن. ان سبب انهن اکرن کي سڌو سنئون ’سُر‘ نه ڪوٺبو.

ليکڪ ’مرڪب سُر‘ بابت لکي ٿو ته: ”جڏهن مفرد سُرن جي حرفن کي هڪٻئي سان ملائبو، يا ان سان ڪا به اعراب استعمال ڪئي وئي ته اهو مفرد سُر، خاص آواز ۾ تبديل ٿي ويندو آهي، انهن کي ڊگها سُر چئبو آهي. مرڪب سُر: آ- اي- اِي- اَي، او- اَو- اِو- اُو- اَئُو.  ا + و = او، ا + وُ = اوُ، ا + ي = اي، اِ + اِي.“

ان کي مرڪب سُر ڪوٺبو؟ اها، هاڻي ٿي خبر پوي. وري ساڳي ڳالهه ته ’اِو‘ ۽ ’اَئُو‘ ڪٿان سُر ظاهر ٿيا آهن؟ ڪنھن به ٻوليءَ جي ڄاڻو استاد اهڙي ڳالهه ڪونه ڪئي آهي. وري ’ا + وُ = اوُ‘ هڪ نئون مسئلو ٿو کڙو ڪري ته ’پيش الف تي ڏبو يا واؤ تي‘؟ ان جي پويان ’اُو‘ ڏيکاري چڪو آهي ته هيٺ وري ’اوُ‘. جيڪو پاڻ ئي واضح ناهي، اهو ڪيئن ٻئي کي رهبري ڏيندو.

سبق نمبر 5

هي سبق ’سُر جا اچار‘ جي عنوان سان آهي. هن ۾ گهڻو خيال صورتخطيءَ جي لحاظ کان رکيو ويو آهي، ليڪن ان کي وري جڏهن ’سُر‘ سان ڀيٽجي ٿو ته خال محسوس ٿئي ٿو. ڪتاب ۾ ڄاڻايل آهي ته:

”سُر الف ”ا“، اچار جي لحاظ کان الف ٻن قسمن جو هوندو آهي. هڪ الف ”ممدوده“ ۽ ٻيو الف ”مقصوره“. “

هاڻي سُر الف ’ا‘ يا سُر واؤ ’و‘ ته اکر آهن، جيڪڏهن ’ا‘ جي ڳالهه ڪبي ته اهو ته وينجن به آهي. سُر تڏهن چئون جڏهن ان کي اکري صورت ۾ لکون، جيئن: ’اَ، اِ، اُ، آ، اي، وغيره‘. ليڪن انهن ڏيکاريل سُرن ۾ به ’الف‘ فرضي هوندو آهي. ان ڳالهه جي وضاحت ڪافي طول وٺي ويندي.

سبق نمبر 6

هن ۾ ’سُر جا قسم‘ جو عنوان رکيو ويو آهي، جنھن ۾ ڊگها سُر، ڇوٽا سُر ۽ ٻٽا سُر ٻڌايا ويا آهن. ڊگهن سُرن جا جيڪي مثال رکيا ويا آهن تن مان پتو پوي ٿو ته ليکڪ ’سُر ۽ وينجن‘ کان واقف ئي ناهي.

”لفظ: صادق. لفظن جو ڇيد: ص- ا- د- ق. ڊگها سُر: ا.“ ان ۾ آوازن جو ڇيد ڪيئن ٿيڻ گهرجي، ان ڊيگهه ۾ نه ٿو پئجي، کڻي تسليم به ڪجي ته اتي ’الف‘ ڊگهي سُر جي نمائندگي ڪري ٿو. جڏهن ڄاڻائي ٿو ته: ”لفظ: وسيم. لفظن جو ڇيد: و- س- ي- م. ڊگها سُر: و- ي… لفظ: وادِي. لفظن جو ڇيد: و- ا- دِ- ي. ڊگها سُر: و- ا- ي.“ حيرت ٿي ٿئي ته ’وسيم‘ ۾ هوندڙ ’واؤ‘ به ڊگهو سُر ٿي ٿو وڃي ۽ ’وادِي‘ ۾ به ’واؤ‘ ڊگهو سُر ٿي ٿو وڃي. منهنجي خيال مطابق اهڙو پيغام اسڪولن ۾ موڪلڻ انتھائي هاڃيڪار ثابت ٿيندو.

ڇوٽا سُر جي حوالي سان جيڪو ڇيد ڏنل آهي سو پڻ هڪ ته غير علمي ٻيو وري ايڊيٽر جي لاپرواهي:

تِڏِ: ت + اِ- ڏ +اِ. ننڍا سُر: اِ  (هي طريقو بھتر آهي)

مَڇَرَ: م + اَ- ڇ + اَ- ر + اَ. ننڍا سُر: اَ (هي طريقو به بھتر آهي)

ڪُڪُڙُ: ڪ + اُ- ڪ + اُ- ڙ + اُ. ننڍا سُر: اُ (هي طريقو به مناسب آهي)

وَڻُ: وَ + اَ- ڻُ + اُ. ننڍا سُر (هن ۾ وري ’و‘ ۽ ’ڻ‘ تي اعراب، جڏهن ته اڳين لفظن ۾ اهڙي ڪار ڪونهي)

صُبُحَ: صُ + اُ- بُ + اُحَ + اَ. ننڍا سُر (هن ۾ به کچڻي بڻايل)

اِسڪُولُ: اِ + اِس- ڪُ + اُ- و- لَ + اَ (هن لفظ جي ڇيد ۾ به ڇيد)

مٿين ڏنل لفظن جي ڇيد مان پتو پوي ٿو ته ليکڪ پھرين لفظن جي ڇيد ڪرڻ ۾ ته ڪامياب ويو آهي ليڪن آخري ٽن لفظن جي ڇيد ۾ پاڻ به پريشان ٿي ويو آهي ته پڙهندڙ کي به پريشان ڪري ٿو. ان مان پتو پوي ٿو ته ليکڪ لفظ جي ڇيد ڪرڻ ۾ به واضح ناهي ته اهو معاملو ڇڏائبو ڪيئن!

ٻٽا سُر ۾ لکيو اٿس ته: ”ڊگها سُر ۽ ٻٽا سُر گڏ ڪري لکبا ته ٻٽا سُر ٺھن ٿا:

ڳاءِ: ڳ- ا- ءِ. ڊگها سُر: ڳا. ڇوٽا سُر: ءِ…“

ليکڪ ان لفظ جي ڇيد کي سمجهي نه سگهيو آهي، ’ڳا‘ ۾ بيشڪ ڊگهو سُر آهي، ليڪن ’ڳا‘ ڊگهو سُر ڪونهي، بلڪ هڪ ’پد‘ (syllable) آهي، ائين ئي ’ءِ‘ ۾ ڇوٽو سُر آهي، ليڪن ’ءِ‘ ڇوٽو سُر ناهي.

سبق نمبر 7

هن سبق جو عنوان ’نون‘ رکندي ليکڪ لکي ٿو ته: ”نون کي به ٽن نمونن سان اچاري سگهجي ٿو، هڪ چٽو (متحرڪ) ۽ ٻيو اڻ لکو (ساڪن) ۽ ٽيون گهُڻو يا غنو.

متحرڪ نون: جنھن لفظن ۾ ’ن‘ جو آواز چٽو هجي. هيٺين لفظن ۾ ”ن“ متحرڪ آهي.

نَڪ، ڪَنَ، نيٺُ، نِمازَ، مانِي… ٻارنِ وغيره.

ساڪن يا اڻ لکو: ساڪن ”ن“ ٻن قسمن جو هوندو آهي، هڪ ”غنو“ ٻيو ”ساڪن“.“

ليکڪ کي اها به خبر ناهي ته ’نون گهُڻي/ غني‘ جِي، آواز جي نسبت، ڪھڙي حيثيت آهي؟ اهو جملو پڙهندي ۽ اهو تصور ڪندي ته هن ڪتاب جي ذريعي اها ڳالهه اسڪولن ۾ ويندي ته ”ساڪن يا اڻ لکو ’ن‘، ٻن قسمن جو هوندو آهي هڪ غنو، ٻيو ساڪن“ ته، سچ ته پنهنجي قومي ٻچن جي ويچارگي اکين آڏو اچي وڃي ٿي، جيڪي صدين کان وٺي تقليد جي بنياد تي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.

اڃا ته اڳتي وڃجي ٿو ته ’اڌ آواز‘ واري ڳالهه به آهي جيڪا لکندي يا ڄاڻائيندي به هٿ ڏڪن ٿا ته اها ڳالهه ڪنھن سان سلجي ۽ ڪيئن سلجي!

بس ان معاملي کان نڪرندي پنهنجي عام پڙهندڙ ۽ خاص طور استاد طبقي کي عرض ڪندس ته هي ڪتاب خريد ڪري ضرور پڙهو ته جيئن ان تي اوهان جو ڪو فيڊبيڪ سامهون اچي. وڌيڪ لاءِ خاص طور استادن اڳيان عرض رکندم ته جيستائين ٻوليءَ جي علم بابت ٿورو ڪجهه ڄاڻي وٺو، تيستائين ان انداز کي قوم جي ٻچڙن تائين رسائڻ ۾ تڪڙ نه ڪجو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پڙهيل لکيل مرد به پراڻين سوچن کي نه بدلائيندا ته سماج ڪيئن بدلجندو!:حميده گهانگهرو

دنيا جا سڀئي سماج ۽ نظريا عورتن جي خلاف آهن، انڊيا کان آيل سابق ڪميونسٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے