18 منگل , دسمبر 2018

سنڌ جي سياحت تي انگريزي ۾ لکيل ٽي اهم ڪتاب سنڌ جي عظمتن جا اهڃاڻ:جي ايم دائودپوٽو

اهو پهريون دفعو آهي جو سنڌ ٽوئرزم ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن، سياحت کاتي پاران سياحت جي ترقي، تقويت ۽ اشاعت جي ضرورت کي محسوس ڪندي سنڌ جي سياحت تي انگريزي ۾ ٽي اهم ڪتاب “سنڌ ٽوئرسٽ گائيڊ”، “سنڌ ٽوئرزم: اي ورلڊ ڪلاس رليجس ڊيسٽينيشن” ۽ “سنڌ ٽوئرزم: اين آرڪيالاجيڪل جرني” ڪجهه وقت اڳ ڇپي پڌرا ڪيا آهن.

ان ڳالهه ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سنڌ عظمتن جي ڌرتي آهي. جڏهن سڄو ملڪ بدامني ۽ دهشتگردي جي ور چڙهيل آهي، ملڪ جو هر شهري دهشتگردن جي نشاني تي آهي، ايتري تائين عورت ۽ معصوم ٻار به دهشتگردن جي نشاني تي آهن، اتي سياحت لاءِ لکڻ ۽ سوچڻ عجيب لڳي ٿو. تنهن هوندي به زندگي ڪڏهن به رڪجي نٿي، اها پنهنجي رفتار سان هلندي رهي ٿي. ان سڄي گهُٽ ۽ ٻوسٽ جي ماحول ۾ کوڙ جيوَ اهڙا هوندا آهن جيڪي زندگيءَ کي سير ۽ سفر ۾ ڳوليندا آهن. ۽ جڏهن سفر جي ڳالهه ڪبي ته تاريخي جايون، ماڳ مڪان، وڻ ٽڻ، بر بحر، سمنڊ دريا گهمڻ لاءِ انسان منصوبا بندي ڪري ٿو.

اهڙي صورتحال ۾ سنڌ سياحن لاءِ ڪنهن جنت کان گهٽ ناهي.قدرت سنڌ کي انهن سمورين خصوصيتن سان نوازيو آهي، جنهن لاءِ سياح سفر جا سانباها ڪري نڪرندو آهي. قدرت سنڌ کي جتي سرسبز ۽ شاداب ٻنين سان نوازيو آهي، ته اتي سنڌ ۾ ميدان، ٿر ۽ ريگستان، جبلن جا ڊگها سلسلا، موجون هڻندڙ درياهه، مٺي پاڻيءَ جون ڍنڍون ۽ ڍورا، نيري رنگ جو سمنڊ، ٻيلا،  تمر جا وڻ ۽ گل ٻوٽا ۽ جنگلي جيوت سان سرفراز آهي. جڏهن ته هيءَ اها ڌرتي آهي جيڪا پوري دنيا ۾ ملڪان ملڪ مشهور عظيم ۽ اوائلي سنڌو تهذيب موهن جي دڙي جي وارث آهي.

سنڌ ۾ جتي شهرن ۾ توهان جديد طرز جي دنيا ڏسي سگهو ٿا اتي ڳوٺن ۾ جديديت سان گڏوگڏ ثقافتي ۽ روايتي  زندگي جا اولڙا پسي سگهجن ٿا. تعليمي ادارن کان ويندي صنعتي ترقي تائين، معدني وسيلن کان ويندي روڊن رستن جي ڄار وڇائڻ تائين، ڳوٺاڻي زندگي، ثقافت جا رنگ، هٿ جا هنر ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه اسان کي سنڌ ۾ ملندو جيڪو اسان ڏسڻ ۽ پسڻ چاهيون ٿا، گهمڻ ۽ گهتڻ چاهيون ٿا. ته پو اوهان منصوبا بندي ڪريو، ۽ پنهنجا بسترا ٻڌو ۽ نڪري پئو سنڌ گهمڻ.

سنڌ جيڪا ڀٽائي جي ڀونءِ آهي، سنڌ جيڪا سچل جي سونهن آهي، سنڌ جيڪا ساميءَ جا سلوڪ آهي، سنڌ جيڪا اياز جي انا آهي، سنڌ جيڪا بخاري جو بخت آهي، سنڌ جيڪا ڏاهن جو ڏيهه آهي، پر ٿورو ترسو، ڇا توهان سنڌ ٽوئرزم ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن پاران ڇپائي پڌرا ٿيل ٽيئي ڪتاب کنيا آهن، جي ها ته واهه واهه، جي نه ته ضرور کڻي وٺو، ڇو ته اهي ٽيئي ڪتاب اوهان جي سفر ۾ اوهان جا بهترين مددگار ثابت ٿيندا ۽ انهن ٽنهي ڪتابن ۾ سنڌ کي سهڻي نموني ڇٽيو ويو آهي.

انگريزي ۾ لکيل اداري جو پهريون ڪتاب “سنڌ ٽوئرسٽ گائيڊ” آهي، جنهن جو ليکڪ ڊاڪٽر فتاح دائودپوٽو ڪيترن ئي نالي وارن ڪتابن جو ليکڪ آهي.. آرٽ پيپر تي پرنٽ ٿيل هن ڪتاب ۾ هر ضلعي جي حوالي سان نقشا، خوبصورت ۽ رنگين تصويرون ۽ ڪتاب جي ڊيزائننگ عالمي معيار جي هئڻ ڪري هي ڪتاب عالمي، ملڪي ۽ علائقائي سطح تائين سياح ۽ پڙهندڙ جو سنڌ جي سياحت ڏانهن سئو سيڪڙو ڌيان ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.پاڪيٽ سائيز هئڻ ڪري ڪوبه هن ڪتاب کي ڪوٽ جي کيسي يا ٿيلهي ۾ آساني سان رکي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته هن ٽوئرسٽ گائيڊ کي ان خيال سان ئي ڇپايو ويو آهي ته ڪوبه سفر ڪندڙ سياح سفر شروع ڪرڻ سان پنهنجو پاڻ سان هن نهايت اهم ڪتاب کي گڏ کڻي سگهي ۽ سفر دوران ڇونه اهو سفر هوائي، ريل ذريعي يا روڊ ذريعي هجي، ان مان پورو پورو فائدو وٺي سگهي. آرٽ پيپر تي ڇپايل 245 صفحن جي رنگين ڪتاب جي قيمت 800 آهي. ڪتاب جي آخر ۾ اداري جي سڄي سنڌ ۾ هوٽلن ۽ ريسٽ هائوسن جي وڇايل ڄار جو تفصيل پڻ ڏنل آهي.

ٻيو ڪتاب “سنڌ ٽوئرزم: اي ورلڊ ڪلاس رليجس ڊيسٽينيشن” آهي. انگريزي زبان ۾ لکيل هن ڪتاب جو ليکڪ پروفيسر عبدالغفار دائودپوٽو آهي. هن ڪتاب ۾ مذهبي، روحاني يا کڻي ائين چئون ته صوفي رمز ۾ رنڱجي ويل شخصيتن، ماڳن ۽ مڪانن جو تفصيل آهي. ان سان گڏوگڏ ڪتاب ۾ سياحت جي حوالي سان سنڌ جي عام ماڳن ۽ مڪانن جو تفصيل ڏنو ويو آهي. ڪتاب کي مختلف بابن ۾ ورهايو ويو آهي، جنهن ۾ پهرين باب ۾ سياحت ۽ ان جي اهميت ۽ معلومات تي قلم کنيو ويو آهي. جڏهن ته باقي بابن ۾ اسلام، عيسائيت، هندو، پارسي، يهودي، ٻڌ ڌرم، اوڏ، ڀيل، ڪولهي ۽ ٻين مذهبن ۽ عقيدن جي ماڳن ۽ مڪانن کي فوڪس ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ تاريخي تحقيق جو عڪس نمايان نظر ايندو، جنهن ۾ سروي جي اسلوب کي اپنايو ويو آهي.سنڌ گهمندڙ عالمي، ملڪي يا علائقائي سياحن لاءِ منفرد ۽ الڳ نوعيت جو پهريون ڪتاب آهي، جيڪو سنڌ ۾ مذهبي سياحت مان لطف وٺڻ کي انتهائي آسان بڻائي ٿو. رنگين ڇپائي، آرٽ پيپر تي ڇپيل هن ڪتاب جي رقم 1000 روپيا آهي.

سياحت جي ترقي لاءِ ڪم ڪندڙ هن اداري جو انگريزي ۾ ٽيون ڪتاب “سنڌ ٽوئرزم: اين آرڪيالاجيڪل جرني” آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ عزيز ڪنگراڻي آهي. هن ڪتاب ۾ 112 آرڪيالاجي جي ماڳن ۽ مڪانن، دڙن ۽ ڀڙن جون ذڪر آهي. ڪتاب جي شروع ۾ ليکڪ آرڪيالاجي ٽوئرزم جو عام تعارف پڻ پيش ڪيو آهي. هن ڪتاب ۾ عالمي، ملڪي يا علائقائي سياح کي سنڌ جي آرڪيالاجي جي ماڳن ۽ مڪانن جي حوالي سان مڪمل معلومات فراهم ڪئي وئي آهي. 144 صفحن جي هن رنگين ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي.

سياحت کاتي پاران ڇپايل هنن ٽنهي ڪتابن جي اشاعت اداري جو هڪ وقتائتو يا کڻي ائين چئجي ته اهڙو قدم آهي جيڪو تمام گهڻو پهريون کڻڻ کپندو هو، تنهن هوندي به هي ڪتاب ان وقت جي ايم ڊي ٽوئرزم منظور احمد قناصري جي محنتن جو نتيجو آهن. جنهن ڏينهن رات هڪ ڪري هنن ٽن ڪتابن سان گڏ پهريون ڀيرو پوري سنڌ جي هر ضلعي جي ڳوٺاڻي ۽ شهري زندگي، هنرمندن جي دنيا، سنڌ جا فن، رانديون، فصل، ٻنيون، ٻارا، درياءَ، سرسبز علائقا، سمنڊ، ڍنڍون هڪ وڊيو ڊاڪيومينٽري ۾ ريڪارڊ ڪري محفوظ ڪيا.

سندن ٻين ڪاوشن ۾ ضلعي وار پاڪيٽ ساز بروشرز ۽ پمفليٽ ۽ سنڌ جي ماڳن ۽ مڪانن تي مشتمل پوسٽ ڪارڊ پڻ شامل آهي. سنڌ جي سياحت تي اشاعتن، ترقي ۽ تقويت وٺرائڻ جي ان سفر ۾ تسلسل هجي ته بهتر آهي. بهرحال هي ٽيئي ڪتاب سنڌ ۾ رهندڙ ۽ سنڌ گهمڻ لاءِ ايندڙ عالمي، ملڪي ۽ علائقائي سياح لاءِ سئو سيڪڙو ڪارگر ثابت ٿيندا ۽ سياحت جي تاريخ ۾ اهم جاءِ والاريندا. جڏهن ته اهي ٽيئي ڪتاب لبرٽي بوڪس جي سمورن بوڪ اسٽورز ۽ اداري وٽان رعايتي اگهه تي آساني سان ملي سگهن ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

باگڙي برادريءَ جي ٻارن کي تعليم ڏيارڻ لاءِ سرگرم ”بَيبِي باگڙي“:خادم رند

باگڙي قبيلي جو ڳاڻيٽو سنڌ جي قديم ۽ اوائلي ماڻهن ۾ ٿئي ٿو،  ان ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے