23 منگل , اکتوبر 2018

سيرت مصطفيٰ صلي الله عليه و آله وسلم

ايڊووڪيٽ نثار احمد

مقدس انبياءَ ڪرام مان نبي اڪرم جن جي ذات اتم۽ اعليٰ آهي، ان ڪري جو سمورن نبين جو شان ۽ عظمت آمنه جي لال جي هيات طيبه جو هڪ جز آهي. سڳورا حضرت نوح عليه السلام وانگر سرگرم، حضرت ابراهيم عليه السلام وانگر مهمان نواز، حضرت يوسف عليه السلام وانگر درگذر ڪندڙ، حضرت دائود عليه السلام وانگر نرم دل، حضرت ايوب عليه السلام وانگر صابر، حضرت سليمان عليه السلام وانگر صاحب حڪومت، حضرت يحيٰ عليه السلام وانگر زاهد، حضرت عيسيٰ عليه السلام وانگر انڪساري ڪندڙ ۽ سڀني کان وڌيڪ کين” رحمت اللعالمين“ جو بي مثال نور جنهن سڀني وسوسن، وهمن، ظلمن ۽ براين جي اونداهي کي ختم ڪري دنيا کي روشن ڪري ڇڏيو.

سندن سيرت انهن  لمحن جو نالو آهي، جنهن جي هر پل ۾ جوش، جذبو، ولولو، صبر، استقامت ۽ بلند حوصلو نظر اچي ٿو ۽ ان وسيع سمنڊ وانگر آهي،  جنهن ۾ روز ڪو نئون موتي ۽ نئون گوهر ظاهر ٿئي ٿو، سندن سيرت تي سڄي عمر لکڻ باوجود ڪنهن به سيرت نگار حق ادا ڪرڻ جي دعويٰ نه ڪئي آهي پوءِ چاهي اُهو ابن اسحاق هجي يا عبدالرحمان سهيلي، حافظ عبدالمومن رهيا هجي يا حافظ ابن جوزي، ابن سعيد الناس هجي يا امام حلبي، امام قُسطلاني هجي يا امام زرقاني، شبلي ۽ ندوي هجي يا پير محمد ڪرم شاهه الازهري.

هميشه سيرت نبوي تي قلم نگاري ڪرڻ کي اعزاز  سمجهيو ويو آهي. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي جي مشهور پروفيسر مارگوليٿ ” محمد ۽ ظهور السلام“ ڪتاب جي شروعات هنن لفظن سان ڪئي ته ” حضرت محمد صلعم جي سيرت لکندڙن جو هڪ طويل سلسلو آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ ناممڪن، پر ان ۾ جڳهه حاصل  ڪرڻ باعث شرف آهي“

الله تعاليٰ سندن شخصيت کي اهڙو ته جامع بڻايو جو انساني زندگي جي انفرادي سطح کان وٺي بين الاقوامي سطح تائين رهبري ۽ رهنمائي حاصل ڪري سگهجي، پاڻ هميشه محنت ڪرڻ جو تاڪيد فرمائيندا هئا، هميشه پنهنجي پاڪ هٿن سان مسجدون تعمير ڪيائون ۽ بار بار ان جي اهميت به بيان فرمايائون پر ڪڏهن به نظر نه ٿو اچي ته پاڻ سڳورن صلعم صرف مسجدن ۾ ويهي گذاريو ۽ ٻين جي هدين ۽ تحفن تي زندگي بسر ڪئي.

پاڻ ڪريمن صلعم جن دعوت ۽ تبليغ سان گڏوگڏ محنت، تجارت ۽ بازارن ۾ ڏيڻ وٺڻ ڪري تاجرن لاءِ،صفحه ۾ پنهنجي صحابه شاگردن کي تعليم ڏيئي معلمن لاءِ، جنگ جي ميدان ۾ اسلامي لشڪر جي قيادت ڪري فوجي جرنيلن لاءِ، عدل ۽ انصاف تي ٻڌل عدالتي فيصلا ڪري ججن لاءِ دعوت ۽ تبليغ ڪري مبلغين ۽  دعوت ڏيندڙن لاءِ مطلب ته زندگي جي هر شعبي ۾ خوبصورت مثال قائم ڪري انسانيت جي لاءِ هڪ رهنمائي جو سبب بڻيا.

پاڻ ڪريم صلعم جن اهي رهبر هئا، جنهن ذات، نسل، زبان ۽ وطن کي صرف تعارف جو ذريعو قرار ڏيئي خدا پرستي کي زياده اهميت ڏني ۽ ماڻهن جي  وچ ۾ پوري زندگيءَ ۾ عدل، مساوات، انصاف ۽ رواداري جو علم بلا تفرق قائم ڪرڻ سان گڏ هر انسان پوءِ اهو مرد هجي يا عورت، ننڍو هجي يا وڏو، دوست هجي يا دشمن، مسلمان هجي يا غير مسلمان، سڀني جي مال، جان، عزت، آبرو جي ميدان جنگ تائين به حفاظت ڪرڻ جا سبق ڏيڻ فرمايائون.

پاڻ صلعم اهي شفيق پيغمبر هئا، جن ڪمزورن، مجبورن، معذورن،  غلامن، بيمارن، ٻارن، عورتن، بلڪه حيوانن جي حقن جو به مڪمل ضابطه اخلاق پيش فرمايائون، ماءُ جي قدمن هيٺان جنت، پي جي رضا کي رب جي رضا، اولاد جي تربيت کي صدقه جاريه، ڌيءُ کي رحمت ۽ ان جي پرورش کي جنت ۾ پنهنجي رفاقت ۽ يتيمن جي مٿي تي شفقت ۽ محبت سان هٿ ڦيرڻ کي نجات جو ذريعو، غريبن ۽ مظلومن جي داد رسي کي عرش الاهي جو سايو، ننڍن تي شفقت ۽ وڏن جي عزت کي ايمان جي نشاني، مهمانن جي ضيافت کي ايمان جي سڃاڻپ، ساڄي، کاٻي، اڳين ۽ پوين چاليهن گهرن تائين پاڙو، سٺي ڳالهه کي صدقو بلڪه هر سٺي عمل کي عبادت ۽ عمده اخلاق کي جنت جي چاٻي قرار ڏنائون.

پاڻ اُهي قانوندان پيغمبر هئا، جن چوري، لٽ مار، رشوت خوري، حرام خوري، استحصال، رياڪاري، بي انصافي، خود غرضي، بدديانتي، لالچ، فتني، فساد ۽ قتل کي جهنمي عمل قرار ڏيئي عملي طور اهڙو معاشرو ۽ رياست قائم فرمائي، جنهن ۾ ڪنهن به برائي جو وجود پري تائين نظر نه ايندو هو، مدينا طيبه جي رياست ۾ رهڻ وارن جي اهڙي تربيت ڪيائون، جو جڏهن به ڪنهن کان غلطي ٿيندي هئي ته حضور صلعم جن کي ڪڏهن به اهڙي شخص کي گرفتار ڪرڻ جي ضرورت پيش نه آئي ڇو ته انهن جو ايمان ۽ ضمير ايترو ته پختو ۽  زندهه هيو جو بغير طلب ڪرڻ جي پاڻ اچي پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪري مطالبو ڪندا هئا ته سندن ڪيل عمل جي ضرور سزا ڏني وڃي ته جيئن زندگيءَ ۾ انهن جو معاملو رب پاڪ وٽ صاف هجي، اڄ به معاشري ۽ ملڪ  کي اونداهي مان ڪڍڻ لاءِ سيرت نبوي تي عمل ڪرڻ جي تمام گهڻي ضرورت آهي هر حڪمران، قانوندان،هاري، مزدور، شاگرد ۽ هر شعبي سان تعلق رکندڙ سيرت نبوي تي عمل ڪرڻ کانپوءِ ملڪ ۾ صحيح ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جمال خاشقجي جو بي رحماڻو قتل عالمي ضمير لاءِ امتحان..!!  

خادم رند ناميارو سعودي صحافي جمال خاشقجي 2 آڪٽوبر تي ترڪي جي شھر استنبول ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے