15 جمعرات , نومبر 2018

مٽي ان مقام اصل هئي ايتري…

اڄ دنيا جي اهم ترين انسان ۽ هزارين ورهين جي نگاهه رکندڙ حضرت محمد صلعم جو جنم ڏينهن آهي. هو هڪ هيو ۽ شاهه لطيف جي لفظن ۾ اهڙو ٻيو نه هيو. مٽي ان مقام اصل هئي ايتري.(شاهه)

حضرت محمد صلعم لڳ ڀڳ 1447 ورهيه اڳ ڌرتيءَ تي نمودار ٿيو. ان کان هڪ هزار سال اڳ (اڄ کان 2487 ورهيه اڳ) يونان ۾ فلسفين 7 سائسندانن جي هڪ ڊگهي قطار موجود هئي. پر هن دنيا جي اربين انسانن مان جيڪي 100 ڄڻا سڀ کان وڌيڪ بااثر انسان ليکيا ويا آهن، حضرت محمد ضلعم انهن سڀني ۾ ناميارو آهي.

عربستاني ريگستان جي تتل واريءَ ۾ پيدا ٿيل ان عالمي ڏاهي جي هزارين سال ڊگهي نگاهه هئي جنهن يونان جي مفڪرن کان به ڪي ئي قدم اڳيان وڌي هر قسم جي ڏاڍ جي مخالفت ڪئي، مقابلا ڪيا ۽ پنهنجي ڏاهپ جي اڀياس سان دنيا کي جيئري رهڻ جا گس ڏنا. اهو عظيم انسان جهالت خلاف علم جي پاسداري ڪندڙ، ظلم ۽ زيادتين خلاف عورتن، ٻارن ۽ جانورن جو خيال رکندڙ، سونهن، فطرت ۽ انساني خوبين جو ترجمان، داعي ۽ وڏي ۾ وڏو وڪيل بڻيو. پنهنجي گهر جي مائٽن جي پراڻين روايتن، غلامين توڙي پسماندگين جي هڪ نه کٽندڙ زنجير تي جيڪي وارَ پيغمبر صلعم ڪيا، تنهن غلامي توڙي آپيشاهيءَ کي اڌ مئو ڪري ڇڏيو. ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين علم حاصل ڪرڻ، مرد توڙي عورتن لاءِ علم حاصل ڪرڻ، سموري انسانذات جي هڪجهڙي هجڻ، هئڻ ۽ ٿيڻ لاءِ هن پنهنجي سر تي جيڪي گهاوَ سٺا ۽ انهن موقعن تي جيڪو عالمي سڀاءَ جو بي مثال نمونو پيش ڪيو، روداري توڙي سهپ جي واڌ لاءِ پنهنجي زندگي کان شروع ڪري سڄي انسانذات لاءِ سندن ڪوششون ئي هيون، جو اڄ هيءَ دنيا موجود آهي. دنيا ۾ اڄ به عرب ۽ عجم ۾ فرق مٽائڻ لاءِ جيڪي به عالمي توڙي لوڪل جدوجهدون هلن ٿيون، انهن ۾ سندس تعليم کي اهم حيثيت حاصل آهي. اڄ دنيا ۾ برابري توڙي رواداري لاءِ جيڪو فلسفو موجود آهي ان ۾ سندن پاران ٻڌايل ”لڪم دينڪم ولي دين“ وقت جي اهم ترين گهرج بڻيل آهي.

حضرت محمد صلعم سان جيڪو فلسفي جي دنيا ۾ انياءُ ٿيو آهي سو هي آهي ته مسلمان کين پنهنجي حدن کان ٻاهر عالمي نقطن سان ڏسڻ کان محروم ٿيندا پيا وڃن. خود هن جي نانءَ تي جيڪا انسانن خلاف نفرتن ۽ ظلم جي بازار گرم ڪري عالمي طور تمام وڏا نقصان ڪيا ويا آهن، اهو سندن تعليم جو، سندن ڏنل مذهبي وات جو ثمر هرگز هرگز نه هيو.

پنهنجي پاڙي وارن کان وٺي پنهنجي وطن سان پيار ڪرڻ جهڙن جذبن سان ٽمٽار انسانذات جي ان عظيم ڏاهي انسان جي جنم ڏينهن جي سڳوري ڏُڻ جي موقعي تي اسان لاءِ ضروري ٿي پيو آهي ته هن جي ڏنل تعليم کي رڳو ” سچو هيو“ ، ”امين هيو“ کان اڳيان هن انساني سماج لاءِ جيڪي ڪارگر تعليمون ڏنيون انهن تي عمل ڪجي. مذهبي طور ۽ علمي طور حضور صلعم جي ڏاهپ ۾ نفرت ڪانهي، جهالت ڪانهي، انياءُ ڪونهي، سکڻ ۽ سيکارڻ جي ڄمار مقرر ڪونهي ۽ عربي توڙي عجمي ۾ طبقاتي سنڌا ڪونهن. اها سموري تعليم پاڪستان سرڪار کي پنهنجي نصاب ۾ شامل ڪرڻي پوندي. اها تعليم هر نسل ۽ هر انسان کي ٻڌائڻي ۽ سيکارڻي پوندي. پاڪستان سرڪار يا پاڪستاني سماج جيترو به انڌ جي گهوڙي تي سوار آهي، ان کي اتان لاهڻ لاءِ به اسان کي حضرت محمد صلعم جي تعليم جي اڳي کان به وڌيڪ گهرج آهي.

جمعو  پهرين  ڊسمبر  2017ع، 12 ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌي عورتن جا سماجي مسئلا ، حق ۽ انهن جو تحفظ

عورت دنيا ۾ مجموعي انساني آباديءَ جو اڌ آهي ۽ دنيا جي سواءِ ڪجهه ترقي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے