18 جمعرات , اکتوبر 2018

پاڻ سڳورا صلعم هن جهان لاءِ رحمت العالمين ٿي آيا آهن!!!

ساجد مسڻ

ٻنهي جهانن جي سردار حضرت محمد مصطفى صلعم جن جي ولادت باسعادت مبارڪ 12 ربيع الاول بروز سومر جي ڏينهن،فجر جي وقت  571ع ۾ مڪي پاڪ ۾ ٿي،سندن جي اچڻ جون خوشيون هن ساري جهان ۾ هوا جيان پکيڙجي ويون،سندن آمد جون خوشيون زمين تي رهندڙن انسانن ته ملهايون پر آسماني مخلوق يعنى ملائڪ سڳورن به هڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون ۽ خوشيون ملهايون، زمين جي اندر رهندڙن جيتن جڙن،پٿرن جي اندر رهندڙ مخلوق به خوشيون ملهايون ۽ هڪٻئي کي مبارڪون ڏنيون ته ٻنهي جهانن جو سردار هن دنيا تي تولد ٿيا آهن. ان ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسان مسلمان ڀائر حضور اڪرم صلعم جن جي آمد جون خوشيون وڏي ڌام ڌوم سان ملهائيندا اچون ٿا ۽ انشاءِ الله ڏينهن قيامت تائين ملهائيندا رهنداسين.

پاڻ سڳورن جي آمد جي خوشي جو ٻڌي سندن چاچو ابو لهب (جيڪو پوءِ سندن ڪٽر دشمن ٿي رهيو) ان به خوشي جو اظهار ڪندي  ان ٻانهي ثوبيه کي آزاد ڪري ڇڏيو جنهن کيس اچي خوشخبري ٻڌائي ته مبارڪ هجي توهان کي ڀائٽيو پيدا ٿيو آهي!

پاڻ سڳورا جن ننڊي هوندي کان ئي سلڇا،سچار ۽ ايماندار هوندا هئا،عربن جا ماڻهو پاڻ سڳورن صلعم کي ”الصادق“ ۽ ”الا مين“ جي لقبن سان سڏيندا هئا، اهو ئي سبب هيو جو وٽن ڪٽر دشمن به امانتون رکي ويندا هئا،۽ انهن ڪٽر ۽ جاني دشمنن کي پنهنجيون رکيل امانتون وقت تي واپس ملنديون هيون،جڏهن هو طلبيندا هئا.

پاڻ هن جهان لاءِ رحمت العالمين بڻجي آيا هئا،جنهن جي ڪري کين ڪافي اذيتون به سهڻيون پيون پر انهن اذيتون ڏيندڙن کي پاڻ ڪڏهن به ڪا  بد دعا نه ڏنائون،بلڪه انهن لاءِ رب پاڪه جي درٻار ۾ دعا گھرندا هئا ته اي منهنجا پالڻهار! هنن کي سمجھ عطا ڪر هي مون کي نه ٿا ساڃاڻن.هڪ دفعي جڏهن پاڻ ڪريم صلعم جن جڏهن طائف وارن کي  اسلام جي تبليغ ڪئي ۽ هڪ الله جي عبادت ڪرڻ لاءِ چيو ته طائف وارا ايترا ته حضور اڪرم صلعم جن تي مڇريا جو ٻنهي جهانن جي سردار کي ايترا ته پٿر هنيائون جو اسان جي پياري نبي صلعم جن جو جسم مبارڪ رتورت ٿي ويو،ايستائين جو سندن جتي مبارڪ به رت سان ڀرجي وئي،اتي حضرت جبرائيل عه جبلن جي فرشتي سان گڏجي آيو ۽ حضرت محمد مصطفى صلعم کي عرض ڪيائين ته جيڪڏهن اجازت ڏيو ته،آئون جبلن کي ملائي ۽ کين اٽي وانگر پيهي ڇڏيان.پاڻ سڳورن صلعم کين ائين ڪرڻ کان منع ڪئي، فرمايائون ته”آئون ماڻهن کي برباد ڪرڻ لاءِ ڪو نه آيو آهيان،پر ماڻهن لاءِ رحمت ٿي آيو آهيان.هي ڀلي نه مڃين،پر مون کي اميد آهي ته الله سائين هنن جو ايندڙ نسل اهڙو پيدا ڪندو جو،هڪ الله جي عبادت ڪندو ۽ ساڻس ڪنهن کي شريڪ نه ڪندو. “

جڏهن 8 هجري ۾ مڪو پاڪه فتح ٿيو ته پاڻ سڳورن صلعم جن سڀني لاءِ عام معافي جو اعلان ڪري ڇڏيو،جڏهن ته مڪي جا وڏا وڏا ڪافر ڪافي خوف زده هئا ته اسان حضرت محمد صلعم کي ايتريون ته تڪليفون ۽ اذيتون ڏنيون آهن جو حضرت محمد صلعم مڪو پاڪه ڇڏڻ تي مجبور ٿيا هئا ۽ هاڻي هو پنهنجي وڏي طاقت سان يعنى مڪي پاڪه فتح ٿيڻ وقت ڏهه هزار مسلمان هئا،جيڪي مڪي پاڪه ۾ حضور صلعم جي قيادت ۾ داخل ٿيا هئا.ڪافرن جو موقوف هيو ته  هاڻي هي حضرت محمد صلعم اسان کا بدلو ضرور وٺندو،پر پاڻ جهانن لاءِ رحمت اللعالمين ٿي آيا آهن،بدلو وٺڻ جو سبق ۽ درس ته سندن جي سڄي زندگي مبارڪ ۾ ڪٿي به نه ٿو ملي، تنهن ڪري پاڻ فرمايائون ته ”معاف ڪرڻ بهتر آهي بدلي وڄڻ کان“.حضرت محمد صلعم جن جي اهڙي عمل تي مڪي پاڪه جي فتح ٿيڻ جي موقعي وقت مڪي جي وڏن وڏن سردارن ڪلمو ڀريو ۽  مسلمان ٿي ويا،جنهن ۾ ابو صفيان جو نالو ذڪر جوڳو آهي.

. هڪڙي دفعي ابو مسعود انصاري پنهنجي غلام کي مارڪٽ ڪري رهيو هو ته پٺيان آواز آيو ته”اي ابو مسعود جهڙي نموني تنهنجو هن غلام تي وس هلي ٿو،اهري نموني تو تي خدا جو به وس هلي ٿو،ابو مسعود مُڙي ڏٺو ته پاڻ سڳورا صلعم هئا،عرض ڪيائين ته يا رسول الله! مان هن کي آزاد ڪيو.پاڻ فرمايائون ته جيڪڏهن تون هن کي آزاد نه ڪرين ها ته، جهنم جي باهه تو تي رسي وڃي ها!“.

هي واقعو تاريخ اسلام ۾ حضرت محمد صلعم جن جي زندگي مبارڪ ۾ صبر جي انتها پيش ڪري ٿو پاڻ سڳورا جنهن لنگھ وٽان گذرندا هئا ته هڪ پوڙهي مائي روزانو پاڻ ڪريم صلعم جن جي لنگھڻ مهل،واٽ تي گند ڪچرو اڇلائيندي هئي.هڪ ڏينهن پاڻ سڳورا اتان اچي لنگھيا ته گند ڪچرو ڦٽو ڪيل ڪونه ڏٺائون. پڇا ڪرڻ تي ماڻهن ٻڌايو ته پوڙهي بيمار ٿي پئي آهي.پاڻ ان جي گھر ويا،سندن چڱڀلائيءَ جو پڇيائون.ٻڍڙيءَ سندن جي ايڏي شفقت ۽ مهرباني ڏسي يڪدم اسلام قبول ڪيو.

حضرت محمد صلعم جن جي سڄي زندگي مبارڪ پوري انسان ذات لاءِ رحمت العالمين واري آهي، پرپاڻ جانورن لاءِ به هي هڪ هرڻي جو جڳ مشهور قصو آهي ته هڪ شڪاري هرڻي کي پڪڙيو، هرڻي چئي رهي هئي ته مون کي ڇڏيو ته مان پنهنجن ٻچن کي کير پياري واپس اچان ٿي،تنهن تي شڪاري هرڻي کي چيو ته مون کي ضامن ڏئي پوءِ ڀلي وڃ،هرڻي اچي حضرت محمد صلعم جن کي ضامن پوڻ لاءِ عرض ڪيو،پاڻ سڳورن صلعم خوشي سان هرڻي جا ضامن پيا،جڏهن اهو وقت آيو ته هرڻي پنهنجي رضا خوشي سان وقت کان اڳ واعدو پاڙڻ لاءِ منزل تي پهچي وئي.

ٻنهي جهانن جا سردار هن ظاهري دنيا مان 8 جون 332ع بروز سومر تي مالڪ حقيقي سان وڃي مليا،سندن کي آخري غسل حضرت علي رضه ڏنو هو،سندن ظاهري عمر مبارڪ 63 سال آهي،حضور صلعم جن کي مسجد نبوي ۾ حضرت بيبي عائشيه صديقه رضه جي حجري مبارڪ ۾ دفن ڪيو ويو آهي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

بنا حڪمت عمليءَ جي سرڪار ڪيئن هلندي؟

سارنگ پيرزادو اسان جو پيارو ملڪ پاڪستان جڏهن کان هن دنيا جي نقشي تي ظاهر …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے