18 جمعرات , اکتوبر 2018

پاڪستاني فورسز دهشتگردن کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي: اعزاز چوڌري

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير اعزاز چوڌري چيو آهي ته پاڪستاني فورسز دهشتگردن کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي. واشنگٽن ۾ آمريڪي سينيٽر جيف مرڪلي سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اعزاز چوڌري چيو ته پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف عظيم قربانيون حاصل ڪيون آهن، موجوده دور ۾ پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف عظيم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، موجوده دور ۾ پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي ٿي آهي، پاڪستاني فورسز دهشتگردن کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي ۽ پرڏيهي ڪمپنيون پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي وٺي رهيون آهن. هن چيو ته افغانستان ۾ امن لاءِ آمريڪا سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، افغانستان ۾ عدم استحڪام پاڪستاني معيشت لاءِ خطرو آهي، افغانستان ۾ امن لاءِ جٽادار سياسي قدمن جي ضرورت آهي.  اعزاز چوڌري چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا گڏجي افغان امن عمل ۾ ڪردار ادا ڪندا. سينيٽر جيف مرڪلي چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا ۾ ٻطرفا لاڳاپا وقت جي ضرورت آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يورپي سياستدان عورتون به جنسي هراساني جو شڪار

برسلز (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين جي اڌ کان وڌيڪ سياستدان عورتن کي به انهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے