23 منگل , اکتوبر 2018

افغان فورسز داعش کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي: اشرف غني

باڪو ( ويب ڊيسڪ ) افغانستان جي صدر اشرف غني چيو آهي ته افغان فورسز ملڪ ۾ داعش کي شڪست ڏئي شدت پسندن کي پهاڙن تائين محدود ڪيو ويو آهي. آذر بائيجان ۾ ٿيل هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي افغان صدر اشرف غني چيو ته دهشتگردي رڳو افغانستان يا علائقائي مسئلو نه آهي پر هاڻي اهو ناسور سموري دنيا ۾ پکڙجي چڪو آهي، اهڙي ناسور جي خاتمي لاءِ گڏجي هلڻو پوندو، پاڻ ۾ رابطن سان گڏ سهڪار وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته افغانستان سمورن ملڪن خاص طور تي پاڪستان سان ڳالهين ۽ سهڪار لاءِ هر وقت تيار آهي. سندس چوڻ هو ته اسان جي خاص فوج ۽ ڪمانڊوز طرفان دهشتگردن خلاف آپريشنز ۾ هن وقت تائين 50 کان 70 ملين ڊالر جو خرچ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اسان ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن ۽ شدت پسند داعش کي شڪست ڏئي سندن ماڻهن کي پهاڙن تي بک مرڻ تي مجبور ڪيو آهي. اشرف غني چيو ته افغان فورسز آمريڪا ۽  نيٽو جي مدد سان هر آپريشن کي آزاد نموني انجام ڏينديون آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پرڏيهي قرضن جي ادائيگي لاءِ وڌيڪ قرضن جي ضرورت آهي، دوست ملڪ مدد ڪن: وزيراعظم

رياض ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرنٽ اڪائونٽ ۽ بجيٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے