13 جمعرات , دسمبر 2018

جنهن کي عدالت صادق ۽ امين مڃڻ لاءِ تيار ناهي اهو نظرياتي هئڻ جو دعويدار آهي: شفقت محمود

لاهور(ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ اڳواڻ شفقت محمود چيو آهي ته جنهن کي عدالت صادق ۽ امين مڃڻ لاءِ تيار ناهي اهو نظرياتي هئڻ جو دعويدار آهي. هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شفقت محمود جو چوڻ هو ته غلط بياني تان جنهن کي وزارت اعظميٰ تان هٿ کڻڻو پيو اهو پاڻ کي نظرياتي چوي ٿو. هن چيو ته اهو ڪهڙو نظرياتي آهي جيڪو عدالتن ۾ صفائي پيش نه ڪري ۽ ٻاهر بليڪ ميل ڪري. شفقت محمود نواز شريف کي مخاطب ڪندي چيو ته ميان صاحب قوم کي سمجهايو ته ڪهڙا نظرياتي آهيو، هن چيو ته ڪهڙا نظريات آهن جن جمهوريت خلاف سازش ۾ شريڪ ٿيڻ جي اجازت ڏني، هن چيو ته ميان صاحب کانسواءِ ڪوبه ”نظرياتي“ قطري خط جهڙا لطيفا ڇڏڻ جو تصور به نٿو ڪري سگهي. هن چيو ته معصوميت جو ڍونگ ۽ نظريات جو سهارو هاڻي شايد ميان صاحب جي ڪم نه اچي سگهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪپتن ايراضي ڪيس: سپريم ڪورٽ جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ پاڪپتن ايراضي ڪيس ۾ جاچ لاءِ جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے