15 جمعرات , نومبر 2018

عوامي آواز نيوز| رتوديرو ۾ پھرئين تاريخ بيھندي ئي نيشنل بئنڪ رتوديرو جا اي ٽي ايم بند ٿي ويا

رتوديرو ۾ مهيني جون پھريون تاريخ بيھندي ئي نيشنل بئنڪ رتوديرو جا اي ٽي ايم بند ٿي ويا، ھزارين سرڪاري ملازم ڌڪا ۽ ٿاٻا کائڻ تي مجبور آهن

ڏيڍ لک آبادي تي مشتمل رتوديرو شھر ۾ مختلف کاتن ايگريڪلچر ،  ايجوڪيشن ، لوڪل گورنمينٽ ، ايريگيشن، پوليس ڊپارٽمينٽ ،ھيلٿ ڊپارٽمينٽ سميت مختلف کاتن جا سرڪاري ملازم رلي ويا آهن

شھر توڙي ٻهراڙين کان پگھارن وٺڻ لاءِ آيل ھزارين ملازم درپدر نيشنل بئنڪ ٻاھران چڪر ڪاٽڻ تي مجبور آهن

بنڪ انتظاميا اي ٽي ايم اندر ھٿرادو فالٽ ڏئي پھرين کان پنجي تاريخ تائين بند رھڻ ھر مھيني جو معمول بڻائي ڇڏيو آهي

نيشنل بئنڪ رتوديرو تي موجود پوليس اھلڪار کلي عام پگھارن لاء آيل ملازمن کان ڪميشن عيوض چيڪيون وٺي ڪيش ڪرائي ڏيڻ لڳا آهن

اھڙي عمل خلاف سرڪاري ملازم امتياز علي، قطب الدين،ارشاد علي، سھيل احمد ، شمس ۽ٻين رتوديرو پريس ڪلب پھچي  احتجاج ڪيو

ان موقعي تي ھنن چيو ته اھڙي قسم جون شڪايتون اسان بئنڪ مئنيجر کي پڻ ڪيون آھن مگر شڪايتن جو ڪو به تدارڪ ڪون پيو ڪيو وڃي اسين نيشنل بئنڪ جي اعلا عملدارن کي اپيل ٿا ڪريون  ته اسان جي شڪايتن جو ازالو ڪري ملوث عملدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي ……….

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڪوٽ ڏيجي: ملازمن جو پينشن ۽ پگهار لاءِ احتجاج

ڪوٽڏيجي پريس ڪلب سامهون اولڊ نيشنل هائي وي تي ڪوٽڏيجي چيئرمين پاران 11 مهينن کان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے