19 بدھ , دسمبر 2018

پاڪستان ۾ دهشتگردن جا ٿاڪ ختم ڪرڻ جو مطالبو ورجايو ويندو: جيمز ميٽس

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) آمريڪي بچاءَ واري وزير جيمز ميٽس اعتراف ڪيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان نقصان برداشت ڪيو آهي، پاڪ فوج جا جوان ۽ عام شهري شهيد ٿيا آهن، پاڪستان آمريڪا سان ملي گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو، اسان پاڪستان سان حقيقت پسنداڻن لاڳاپن لاءِ پرعزم آهيون. واشنگٽن ۾ ڏکڻ ايشيا سميت مختلف ملڪن جي دوري تي روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي جيمز ميٽس چيو ته بچاءَ واري وزير جي حيثيت ۾ پهريون دورو ڪري رهيو آهيان، افغان مفاهمتي عمل ڏکڻ ايشيا عمل جو حصو آهي، پاڪستان سان ڏکڻ ايشيا جي نئين پاليسي بابت تفصيلي ڳالهيون ٿينديون، پاڪستان کان پڇا ڪبي ته افغانستان مفاهمتي پاليسي ۾ ڪهڙو ڪردار ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان خطي جي مفاد لاءِ ڪم ڪري، پاڪستان چاهيو آهي ته هو دهشتگردي جي حمايت نه ٿو ڪري، پاڪستان جي بيانن جو نتيجو به ڏسڻ چاهيون ٿا. جيمز ميٽس چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي ٿاڪن جي خاتمي واري مطالبي کي ورجايو ويندو، دهشتگردن خلاف ڪارروائي پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، يقيني بڻائڻو آهي ته پاڪستان جي ڌرتي ڪنهن خلاف استعمال نه ٿي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي هدايتن تي وڏن واڳن خلاف آپريشن شروع ڪيو آهي: شهريار آفريدي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مملڪتي گهرو وزير شهريار آفريدي جو چوڻ آهي ته …