18 اتوار , نومبر 2018

عوامي آواز نيوز:گمبٽ جي ڊان پبلڪ هاءِ اسڪول ۾ ثقافتي عيد جي عنوان سان تقريب منعقد ڪئي وئي

گمبٽ جي ڊان پبلڪ هاءِ اسڪول ۾ ثقافتي عيد جي عنوان سان تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاگردن سنڌي گيت ڳائي رقص ڪيو.

تقريب ۾  پيپلزپارٽي سکر ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري ۽اڳوڻو ايم پي اي پير سيد محمد بچل شاه جيلاني ،ڊسٽرڪٽ ڪائونسل ميمبر پير سيد حسين شاھ جيلاني ،پيپلزپارٽي اڳواڻ ڪاشان احمد شيخ  سميت ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ سنڌ جي پنج هزار سال پراڻي ثقافت تي پڻ شاگردن ۽ شاگردياڻين تقريرون پيش ڪيون،  جڏهن ته اسڪول ۾شاگردن جيئي سنڌ جا نعره پڻ هڻي تقريب ۾ ويٺل ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تھ  سنڌ ۾رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي اسان کي فخر آهي ته اسين سنڌ ڌرتي جا رهاڪو آهيون ، جتي هر وقت امن ۽ محبت جو درس ملي ٿو.

 ٻئي طرف سليم الله فهيمي ميموريل اسڪول ۾ پڻ ثقافتي ڏينهن جي  حوالي سان پروگارم منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ خطاب ڪندي چيو ته سنڌهزارين سالن جي تاريخ ۽ قديم تهذيب رکندر صوفين جي سرزمين آهي.

هنن چيو تھ سنڌجي اجرڪ ۽ ٽوپيءَ کي قدرجي نگاھ سان ڏٺووڃي ٿو، جڏهن تھ اڄوڪو ڏينهن سنڌ جي ماڻهن لاءِ عيدجي خوشين جهڙوڏهاڙوآهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ٺٽو:پوليس جي ڪارروائي، قتل ڪيس ۾ شامل جوابدار گرفتار

ٺٽو پوليس گھوڙاٻاري  وٽ ڪاروائي ڪندي  10 سالن جي ٻارڙي علي حسن شيخ کي بازياب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے