18 جمعرات , اکتوبر 2018

حيدرآباد ۾ به هر پاسي ثقافتي رنگ، قومي گيتن تي جهمريون

حيدرآباد (ن ع آ) سڄي سنڌ جيان حيدرآباد ۾ ڌرتي ڌڻين طرفان ثقافتي ڏهاڙو ڀرپور جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، ننڍا توڙي وڏا قومي گيتن تي رقص ڪري رهيا آهن. حيدرآباد پريس ڪلب جي ميزبانيءَ هيٺ ملهايل ثقافتي ڏينهن واري هڪ ئي بينر هيٺ سڄو ڏينهن فنڪارن سرن جي ورکا ڪئي، ثقافتي قافلن جي هٿ ۾ ”عوامي آواز ثقافت جو آواز بينر کنيل نظر آيا، اردو  ۽ سنڌي ميڊيا جي گڏيل هن ثقافتي ڏينهن تي ٻارڙا به ثقافتي ويس وڳا پائي سنڌ جا نعرا هڻندا تقريب ۾ پهتا، صبح کان وٺي سج لٿي تائين مردن سان گڏوگڏ عورتن به قافلن جي صورت ۾ ثقافتي ويس وڳن سان شرڪت ڪئي. حيدرآباد پريس ڪلب تي ٿيندڙ تقريب ۾ سمورن سياسي پارٽين جي ڪارڪنن پنهنجي پارٽي جي جهنڊن سان گڏ اچي قومي ۽ ثقافتي گيت ٻڌا. تقريب ۾ ناليوارن راڳين پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا سي پيڪ جي ڪري پاڪستان ۾ سياسي بحران پيدا ڪيو: مولانا فضل الرحمان

ڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته آمريڪا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے