13 منگل , نومبر 2018

عوامي آواز نيوز| ڏيپلو: سياسي سماجي تنظيمن پاران ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي

ڏيپلي ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن پاران ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ شريڪ شهري ۽ اسڪولي شاگردن سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پائي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪئي. ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي ثقافت دنيا جي قديم ثقافت آهي. سندن چوڻ هو ته سنڌي ميڊيا ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪري سڄي سنڌ کي هڪ لڙهي ۾ سمائي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته ثقافتي ڏڻ سنڌي قوم لاءِ  عيد جو ڏينهن آهي، جنهن کي هو ڀرپور نموني ملهائي پنهنجي ثقافت کي ڀيٽا پيش ڪري رهيا آهن. سندن وڌيڪ چوڻ هو ته هو ثقافتي ڏڻ ملهائي دنيا کي امن ۽ محبت جو پيغام پهچائي رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪابل: افغانستان ۾ چڪرين دوران 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا

افغانستان جي تخت گاهه ڪابل ۾ ٿيل آپگهاتي حملي ۽ ٻن صوبن ۾ چڪرين سبب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے