18 منگل , دسمبر 2018

عوامي آواز نيوز| کپرو ڀرسان روڊ حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 2 ڄڻا زخمي، اسپتال منتقل

کپري ۾ ٻن تيز رفتار موٽر سائيڪلن وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت، 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڍورنارو-کپري روڊ تي ڍليار موڙ وٽ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ 50 ورهين جو عرس راڄڙ ٿڏي تي فوت ٿي ويو. حادثي جي اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش ۽ زخمين کي کڻائي سول اسپتال پهچايا. اسپتال انتظاميا جو چوڻ آهي ته حادثي جي زخمين کي طبي امداد فراهم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته حالت ڳڻتي کان ٻاهر ٻڌائي پئي وڃي. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعو تيز رفتاري سبب پيش آيو آهي، جڏهن ته واقعي بابت جاچ ڪئي  پئي وڃي. ٻئي پاسي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران فهميدا رياض جي ياد تقريب ڪوٺائي وئي

ناليواري شاعره ۽ ليکڪا فهميدا رياض جي ياد ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس پاران تقريب ڪوٺائي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے