19 پیر , نومبر 2018

عوامي آواز رپورٽ: لاڙڪاڻي ۾ ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، پريس ڪلب لاڙڪاڻي آڏو مرڪزي تقريب ٿي

سڄي سنڌ جيان لاڙڪاڻي ۾ به عوامي آواز ميڊيا گروپ پاران عوامي آواز ثقافت جو آواز جي سڏ تي ثقافتي ڏهاڙو جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي،

ٻارڙن ۽ وڏن اجرڪون، ٽوپيون ۽ پٽڪا پائي ريلين جي صورت ۾ لاڙڪاڻو پريس ڪلب ٻاهران مک تقريب ۾ شرڪت ڪئي.

پيش آهي اعجاز چانڊيو جي هي رپورٽ.

ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان پريس ڪلب آڏو ٿيندڙ تقريب ۾ لاڙڪاڻي واسين قومي گيتن تي جهمريون هڻي پنهنجي خوشيءَ جو اظهار ڪيو ۽ پنهنجي وطن سنڌ ۽ ان جي ثقافت سان والهانه محبت جو اظهار ڪيو،

ان موقعي تي مختلف تنظيمن ۽ شهري اتحادن جي اڳواڻي جي قيادت ۾ شهر جي مختلف پاڙن ۽ علائقن کان وفد پريس ڪلب پهتا، جتي جهمريون پائي ثقافتي ڏينهن تي خوشين جو اظهار ڪيو ويو.

جڏهن ته پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران پيرل دايو ۽ سليم سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ وڏي ريلي ڪڍي مک تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي.

ثقافتي ڏھاڙي جي حوالي سان سنڌ جي گهرو وزير سهيل انور سيال پڻ مکيه تقريب ۾ شرڪت ڪئي، سهيل انور سيال عوامي آواز ٽي سي سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان جي ثقافتي عيد آھي.

ان موقعي تي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته عوامي آواز گروپ پاران ثقافتي ڏينهن ملهائڻ جي آجيان ڪندي عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سموري سٿ کي مبارڪون پيش ڪون ٿا.

ثقافتي ڏينهن جي حوالي سان اڄ لاڙڪاڻي ۾ سرگرميون انتهائي عروج تي هيو، سڄي شهر ۾ ٽوپي ۽ اجرڪن جي رنگن جي ڪا بهار آئي هُئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے