19 پیر , نومبر 2018

امن جي دشمنن سان ڪا رعايت نه ٿيڻ گهرجي

جمعي واري ڏينهن پهرين ڊسمبر تي جڏهن سڄي دنيا جا مسلمان حضرت محمد مصطفيٰ صلعم جي ولادت جو ڏينهن يعني جشن عيد ميلاد النبي صلم  ملهائي رهيا هئا، ان ڏينهن پشاور ۾ زراعت جي سيڪريٽريٽ تي دهشتگرد حملو ٿيو، جنهن ۾ 9 کان وڌيڪ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيون، جڏهن ته 30 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا. حملو ڪندڙن ۾ هن وقت تائين جي اطلاعن موجب، ڪو غير مسلمان نه هيو، مطلب ته جن حملو ڪيو، سي به مسلمان ۽ جيڪي شهيد ٿيا، سي به مسلمان. يعني حملو ڪندڙن ۽ حملي جو نشانو بڻجندڙ ٻنهي جو تعلق اسلام سان هو ۽ اسلام اهو مذهب آهي، جيڪو امن جو درس ڏئي ٿو ۽ جنهن ڏينهن تي حملو ٿيو، سو ڏينهن به ان شخص  جي ولادت جو ڏينهن هو، جنهن چاهيو ٿئي ته اجمي کي عربي تي ۽ عربي کي اجمي تي فوقيت نه هجي، سڀ انسان برابر آهن، هن رنگ، نسل، ذات ۽ پات ۽ فرقي کان مٿانهون ٿي طبقن جي معاملي ۾ منجهڻ بدران سڀني انسانن کي هڪ نظر سان ڏسڻ ۽ انسانيت جي خدمت جو درس ڏنو هو.

جيڪو ڪجهه مذهب جي نالي تي ٿئي پيو، بندوق جي زور تي ٿئي پيو، سو ڪنهن به قيمت تي انسانيت جي خدمت نه آهي، بارود، بم ۽ گوليون ڪو به بهتر معاشرو اڏي نٿيون سگهن، جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته طاقت جي زور تي بندوق جي نوڪ تي اهي پنهنجي مرضي جو نظام ۽ پنهنجي مرضي جو معاشرو قائم ڪري وٺنديون ته ايئن ٿيڻ ان ڪري به ناممڪن آهي، ڇو جو بندوق ۽ طاقت جي زور تي ڪا به شيءَ مستقل طور ۽ دائمي طور هلي نه ٿي سگهي.

پشاور ۾ جيڪي ڪجهه ٿيو، سا ڪار هن ۽ خطي سان گذريل ٽن ڏهاڪن کان جاري آهي، ٿي سگهي ٿو، پاڪستان افغان جنگ ۾، افغانستان مان سوويت فوجون تڙي ڪڍڻ لاءِ آمريڪا سان ٻيلهه نه ٻڌي ها، ان جو اتحادي نه ٿئي ها  ته شايد هي ڏينهن جيڪي هي ملڪ ۽ خطو ڏسي رهيو آهي، سي شايد ڏسڻ ۾ نه اچن ها. اڄ جو دور ڪنهن به ملڪ خلاف يا ملڪ ۾ شامل ڪنهن به قوم خلاف پراسڪي وارز ( ڳجهين لڙائن) جو دور نه آهي، جتي به دنيا اندر اهڙي قسم جون لڙايون لڙيون ويون آهن، يا وينديون رهيون آهن، اتي جي ملڪن ۽ سماجن کي سواءِ تباهي جي ٻيو ڪجهه به پلئه نه پيو آهي. ڏور آفريقا هجي يا وچ اوڀر، يا پنهنجي خطي يعني ڏکڻ ايشيا کي ڏسي وٺو، اهڙن ڪمن جو نتيجو بهرحال ڪنهن جي لاءِ به ڪو سٺو نه نڪتو آهي.

پاڪستان ۾ هونئن ته گذريل ڪافي سالن کان دهشتگردي خلاف ڪارروايون هلندڙ آهن پر پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي کانپوءِ قومي ايڪشن پلان تحت امن جي دشمنن خلاف هڪ منظم ڪارروائي شروع ڪئي وئي، جنهن جا يقيني طور بهتر نتيجا سامهون آيا آهن پر ايئن قطعي طور چئي نٿو سگهجي ته هي ملڪ ڪو دهشتگردي کان پاڪ ٿي ويو آهي يا وري دهشتگردن جي چيلهه چٻي ٿي وئي آهي.

دهشتگردن  جي چيلهه چٻي ضرور ٿي آهي پر انهن جو ۽ انهن جي قائم ڪيل نيٽ ورڪ يا رکي رکي سندن ڏور ڇڪيندڙن، کين مدد فراهم ڪندڙ ۽ هن ڌرتي جي امن جي دشمنن جو مڪمل خاتمو ناهي آيو، ملڪ ۾ آپريشن ضرب عضب کان پوءِ آپريشن ردالفساد شروع ٿيو، جنهن تحت چڙ ڏياريندڙ مواد ۽ چڙ ڏرياريندڙ تقريرن تي بندش هئي پر اها بندش به لڳي ٿو ته پسند ۽ نا پسند جو شڪار ٿي وئي آهي. جنهن کي جيئن وڻي سو اچي روڊ بند ڪري ٿو.ادارن جو گهيراءُ ڪري ٿو ۽ حڪومت کان اهڙا مطالبا ڪري ٿو، ڄڻ ته هن ملڪ ۾ حڪومت جي ۽ رياست جي  ڪا عملداري نه هجي.

اڄ جنهن قسم جي حالتن مان هي ملڪ گذري رهيو آهي، تن ۾ ضرورت ان  ڳالهه جي آهي ته پسند ۽ نا پسند جي معاملي ۾ منجهڻ بدران امن جو جيڪو به دشمن آهي، تنهن خلاف بنا ڪنهن رک رکاءَ جي ڪارروائي ڪئي وڃي، نه رڳو ايترو پر انهن کي ڪنهن جي به جيڪڏهن پٺ حاصل آهي ته انهن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ  کپي، اهڙو نصاب نئين نسل کي به پڙهائڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي، جيڪو حقيقت جي ابتڙ هجي، جيڪو فقط فقط نفرتن کي جنم ڏئي، هن ملڪ ۾ شامل جيڪي به قومون آهن، تن جي ثقافت، تهذيب ۽ تمندن کي هٿي وٺرائڻ ۽ پنهنجي نسل کي سچي تاريخ پڙهائڻ سان ئي انتهاپسنديءَ واري سوچ کي منهن ڏئي سگهجي ٿو ۽ هن خطي ۽ سماج ۾ دائمي امن قائم ڪري سگهجي ٿو.

سومر  4  ڊسمبر 2017ع، 15  ربيع الاول 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کائڻ، جيئڻ لاءِ آهي، مرڻ لاءِ نه …

ڪراچيءَ ۾ زهريلو کاڌو کائڻ سبب ٻه معصوم ڀائر فوت ٿي ويا آهن، ڏٺو وڃي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے