15 ہفتہ , دسمبر 2018

جيتري بجلي جي پيداوار اسان جي دور ۾ ٿي ان جو مثال تاريخ ۾ نٿو ملي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته اسان واعدو ڪيو ته ” اي وطن تنهنجي اونداهه کي ختم ڪنداسين“ جيتري بجلي جي پيداوار هن دور ۾ ٿي تاريخ ۾ مثال نٿو ملي، احتساب عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته جڏهن اسان پاور پراجيڪٽس لڳائي رهيا هئاسين ته هڪ شخص ڪنٽينر تي بيٺو هو ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪري رهيو هو، هن چيو ته اسان جڏهن پاور پراجيڪٽس لڳائي رهيا هئاسين ته هڪ شخص ڌرڻا ڏئي رهيو هو ۽ اسلام آباد لاڪ ڊائون جي ڳالهه ڪري رهيو هو. مملڪتي وزير چيو ته جڏهن اسان پراجيڪٽ لڳائي رهيا هئاسين ته هڪ شخص ادارن ۽ آئين کي گاريون ڏئي رهيو هو، اڄ اهو ئي شخص ساڳي ڪنٽينر تي بيهي اونڌيون سڌيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، هن چيو ته هڪ پاسي واعدا مڪمل ٿي رهيا آهن ۽ سڄو پاڪستان ڏسي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ترقي ۽ استحڪام لاءِ دهشتگردي خلاف گڏيل حڪمت عملي اڻٽر آهي: شاهه محمود قريشي  

ڪابل ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان دهشتگرديءَ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے