17 ہفتہ , نومبر 2018

سنڌي ٻارن جو مستقبل : مفلسي ۽ موت..!؟

اندر ونيت سان ظلم جي ذميوار مذهبي نفرت آهي، ٿر ۾ حالتون هزارين سالن کان ناهن بدليون : صحافي، دانشور
ٻار بک مري رهيا آهن، ٿرين جي زندگي جا نورن کان به بدتر آهي، حيدرآباد ڪلب وارا ثبوت پيا لڪائين: دلشاد ڀٽو
سنڌي ماڻهن جي مسئلن جي حل جي ذميوار ميڊيا آهي (مدد علي سنڌي) سنڌ حڪومت نمائشي آهي: ادريس چانڊيو
ٿر جي صورتحال ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي: ساجد بجير جون ٽيون رخ ۾ ڳالهيون

ڪراچي (رپورٽر )معاشري ۾ مذهبي نفرت جي فضا هئڻ ڪري به اندر ونيت جهڙن معصوم گلن سان بيرحمي جا واقعا ٿين ٿا.ٻئي طرف ٿر جا ماڻهو جانورن کان به بدترين زندگي گذاري رهيا آهن پر سنڌ حڪومت جي چونڊيل نمائندن جي گهرن مان ڪروڙين رپيا نڪرن ٿا. اهڙو اظهار قومپرست، دانشورن صحافين ۽ ليکڪن عوامي آواز جي پروگرام ٽيون رخ ۾ اظهار ڪيو.دانشور ۽ قومپرست اڳوڻ سينئر دلشاد ڀٽي چيو ته ٿر هزارين سالن کان اڄ به ساڳي صورتحال ۾ آهي، حالت اها آهي جو معصوم ٻارڙن کي پيرن ۾ چپل ناهي..ٻار بک وگهي ۽ بيمارين ۾ مري رهيا آهن.ٿر جا ماڻهو جانورن کان به بدترين زندگي گذاري رهيا آهن.ٻئي طرف سنڌ حڪومت جي چونڊيل نمائندن جي گهرن مان ڪروڙين رپيا نڪرن ٿا. حيدرآباد ڪلب جو مهذب سمجهيو ويندڙ طبقو معصوم اندر ونيت سان ٿيل زيادتي ۽ قتل جا ثبوت لڪائي رهيو آهي.سنڌ جي سول سوسائٽي کي هاڻي شدت سان ڪردار نڀائڻ جي ضرورت آهي. سينئر صحافي ۽ ليکڪ مدد علي سنڌي چيو ته ٿر جي صورتحال کي ڏسي روئڻ ايندو آهي. سنڌي ميڊيا کي گهرجي ته ٿر جي مسئلن کي اجاگر ڪري ڇاڪاڻ ته هاڻي سنڌي ماڻهن جي مسئلن جو حل ميڊيا جي ذميواري آهي. ايس يو پي جي ترجمان ادريس چانڊيي چيو ته ٿر جي ٻار جي تصوير ۾ اڄ جي سنڌ جي جهلڪ آهي، پنجاهه سيڪڙو کان وڌيڪ ٻار تعليم کان محروم آهن، ٻارن کان پورهيو ڪرايو وڃي ٿو.اين جي اوز ،حڪومت ۽ سياستدانن مٺي کي نمائش جو مرڪز بڻايو آهي.سول سوسائٽي کي مظاهرن کان اڳتي اچي سنڌ ۾ ادارا ٺاهڻ گهرجن. حڪمرانن جي پاليسي آهي ته سنڌ ۾ بدامني لاقانونيت ۽ ڪرپشن هجي. مٺي جي صحافي ساجد بجير ٽيليفون تي ڳالهائيندي چيو ته ٿر جي مجموعي صورتحال ڏينهون ڏينهن بدترين ٿي رهي آهي.جنهن ٻارڙي جو نالو مالڪن خوشي سان ڀٽو رکيو، وڏو الميو اهو آهي ته سنڌ ۾ حڪومت به ڀٽي خاندان جي آهي، ڀٽو جوڻيجو جي پيرن ۾ چپل ناهي پر ڪاغذ ويڙهيل آهن.جيڪا تصوير مٺي جي صحافي ساجد بجير جي ڪوششن سان سوشل ميڊيا جي زينت بڻجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: گاجي کهاوڙ: جعلي آڊيز جي الزام هيٺ ٽريزري سب اڪائونٽنٽ حامد ابڙو گرفتار، سينٽرل جيل  حوالي

اينٽي ڪرپشن قمبر جعلي آءِ ڊيون کولڻ  جي الزام هيٺ  ٽريزري  جي سب اڪائونٽنٽ  حامد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے